ليکڪ لاءِ لکڻ ٿيراپي جيان آهي، لکڻ ذريعي هو پنهنجي ۽ سماج جي سمورين ڳالهين کي اظهارڻ جي اهليت رکي ٿو. جڏهن هو لکڻ کان بس ڪندو ته بيمار رهڻ لڳندو، ذهني مونجهارن جو شڪار ٿي ويندو آهي، لکڻ ڪيفيتن جو احتجاج آهي، احساسن جي لغت آهي. هڪ سٺو ناول لکڻ لاءِ سمورن يا گهٽ ۾ گهٽ شاهڪار ناولن جو جائزو وٺڻ لازمي آهي، ان سان لکڻ جي مختلف طريقن جي ڄاڻ ملي ٿي. هڪ ناول نگار کي بهادر، صبر رکندڙ ۽ تخليقڪار جيان رويو رکندڙ هئڻ گهرجي بجاءِ عام فرد جيان چڙڻ، جذباتي ٿيڻ يا اجاين بحثن جو حصو ٿيڻ نه گهرجي. هڪ ناول نگار تخليق تي ملندڙ فيڊ بيڪ/اختلاف/تنقيد مان سکندو آهي، ان کي هميشه سکڻ جي نيت رکڻ گهرجي. هن کي مڪمل ايمانداري سان پنهنجي غلطين کي تسليم ڪري پنهنجي تخليقي صلاحيتن جي بنياد تي بهتري آڻڻ گهرجي. هڪ تخليقڪار هميشه هڪ جنگ ۾ هوندو آهي خيالن جي جنگ، شڪ جي جنگ، سوالن جوابن جي جنگ، تخيلاتي دنيا ۾ زندگي جي تلاش جي جنگ اهي پاسا هوندا آهنTalent without skill is wasted potential هڪ ليکڪ کي لکڻ اچي ٿو، پر فني پاسن کان بي خبر آهي ته هن جي لکڻ جو ڪو فائدو ناهي. اهڙي ناول جي جڳھ ڪتابن جي ڪٻٽ بدران رديءَ ۾ آهي. ڀلا بنا ساھ جي جسم ڪهڙو؟ بنا خوشبوءِ جي گل جي اهميت ڪهڙي؟ بنا معلومات جي اجائي ڳالهيون ڪرڻ جو مقصد ڪهڙو؟
جون گارڊنر جو ڪتاب”On Becoming a Novelist” ناول لکڻ لاءِ ڪافي فني ۽ فڪري پاسن تي روشني وجهي ٿو. گارڊنر مطابق ناول نگار کي “فطري صلاحيتون” هونديون آهن مڪمل طور ان ڳالھ سان سهمتي نٿي ڏيکاري سگهجي. لکڻ هڪ فن آهي ۽ فن آفاقي ناهي هوندو اهو مرحلو آهي سکڻ ۽ سيکارڻ جو. ها انساني حواسن جو تيز هئڻ قدرتي ٿي سگهي ٿو جيئن تخيلاتي اڏام، شين کي پرکڻ ۽ مشاهدو ڪرڻ، مسلسل ڪم ڪرڻ جي جستجو، مقصد تي اٽل رهڻ، ياداشت جو بهتر هئڻ، سکڻ جي طلب رکڻ جڏهن عملي ۽ علمي طور انهن شين جو ڪو ناول نگار استعمال ڪرڻ ڄاڻي وٺي ته اهو ڪامياب ناول نگار ٿي سگهي ٿو فني پاسن کي تخليقي انداز ۾ بيان ڪندي اهي انساني نفسيات ۽ سماجي نفسيات کي بهتر نموني سمجهي ويندا آهن.
بقول گارڊنر جي “ناول نگار لاءِ ضابطو رکڻ ۽ سخت محنتي هئڻ لازمي آهي” جيئن ڪائنات جا اصول آهن ائين ئي هڪ ليکڪ جا پڻ مخصوص قاعده هئڻ گهرجن. لکڻ جي مسلسل مشق ڪرڻ ها تخليقي ادب ۾ اها ڳالھ تڏهن ممڪن آهي جڏهن انسان ان ڪيفيت ۾ هجي، ڪڏهن ڪڏهن ناول نگار مونجهارن، پريشانين ۽ تخليق کان پري ٿي ويندو آهي ان وقت اهڙن ليکڪن کي مستقل مزاجي کان ڪم وٺڻ گهرجي. گارڊنر مطابق “تخليقڪار جي اصولن ۾ لکڻي کي ٻيهر ڏسڻ/چڪاس ڪرائڻ لاءِ رضامند هئڻ گهرجي” ڏسجي ته ان مرحلي مان جيڪا تخليق گذرندي ان ۾ صلاحون، تجويزون، تنقيد ۽ مختلف خيال تخليق لاءِ سينگار جيان آهن، پر افسوس ڪري سگهجي ٿو پاڻ وٽ هن وقت ان پاسي کي ڪافي نوان ناول نگار اهميت ئي نٿا ڏين ۽ نتيجا تخليق غير سنجيدگي واري بڻجي وڃي ٿي. سخت محنت ۾ مطالعو اڳيان اڳيان آهي. مطالعي بنا لکڻي روايتي هوندي، نواڻ کان محروم، فن بدران اٻهرائپ ۽ وائڙائپ ان تي حاوي هوندي اڪثر مطالعو نه ڪندڙ ليکڪ پاڻ کي عقل ڪل سمجهندا آهن، يعني جيڪو اسان لکون ٿا اهو مڪمل طور درست آهي. تخليق جي اخلاقيات کان بي خبر ليکڪ عطائي آهي، جيڪي اسان وٽ جام ملن ٿا، جيڪي تخليق تي هر مخالف راءِ تي اعتراض ڪن ٿا، اختلاف رکندڙ کي دشمن سمجهن ٿا پاڻ ۽ دوستن کان وضاحتون ڏيارين ٿا. بقول گارڊنر جي “نقاد، ايڊيٽر، پڙهندڙ يا پبلشر طرفان تخليق تي اعتراض ڪرڻ تي ليکڪ کي جرئت پسند ٿيڻ گهرجي بجاءِ ناراضگي جي” اسان وٽ گارڊنر جهڙي ماڻهن جي راءِ کي ليکڪ اهميت ڏيڻ ڄڻ پاڻ کي گهٽ محسوس ڪن ٿا جيڪا نرگسيت جي انتها آهي. سڀ کان پهريون نقاد ليکڪ پاڻ آهي جڏهن هو لکڻي کي ڪجھ وقت ساهي ڏئي ٿو، ٻيهر پڙهڻ، ان کان علاوه ڪنهن کان پڙهائڻ، ڏنل مشورن تحت وري پڙهڻ ۽ سڌارا آڻڻ سان گهٽ ۾ گهٽ فني پاسا ڀرجي وڃن ٿا، پر نقاد ٿيڻ کان پهرين ڇا ليکڪ پاڻ پنهنجي تخليق سان سچو آهي؟
بقول گارڊنر جي “عظيم ليکڪ ماضي، حال، ڪلاسيڪل ادب، پنهنجي صنف سان گڏ مختلف شين جو گهرو مطالعو ڪندا آهن” يعني ليکڪ کي مختلف (Genre) لکڻ جي ڪئٽيگري جي خبر هئڻ گهرجي. گهٽ ۾ گهٽ جنهن صنف تي لکي ان جو وسيع مطالعو لازمي آهي. موجوده عالمي ادب جي ٿيم، فن، ڪهاڻي ٻڌائڻ جي نون طريقن جي خبر تڏهن پوندي جڏهن ناول نگار جي نظر پري تائين هوندي. ناول نگار کي پنهنجي تخليق تي راءِ وٺڻ گهرجي، ڪنهن ماهر استاد جي سرپرستي لازمي آهي. هن کي پنهنجي بنياد تي اهڙا اصول طئي ڪرڻ گهرجن جنهن بنياد تي هو پنهنجي تخليقي جوهر کي برقرار رکي سگهي. ان صورت ۾ گارڊنر مطابق “ليکڪ جي تخليق اهڙو خواب آهي جنهن ۾ پڙهندڙ ڇرڪ ڀري اڌ ننڊ مان اٿي نه پوي.”
fictional dream is sustained, the reader becomes fully immersed in the world of the story
يعني تخليق کي اهڙي خيال/تخيلاتي معيار تي آڻجي جو پڙهندڙ ان ۾ مدهوش رهي. ڪهاڻي ائين هجي جو سمورو ماحول زنده محسوس ٿئي. جڏهن پڙهندڙ تخليق مان بيزار ٿئي اتي اناڙي ليکڪ، غير حقيقي واقعا، جڙتو قصا، ڪمزور پلاٽ ظاهر ٿيندو آهي. پڙهندڙ افسانوي خواب مان ٻاهر نڪري ايندو آهي ۽ ٻيهر ڪهاڻي سان ناهي جڙي سگهندو. ليکڪ ۾ ان خامين کان بچڻ لاءِ فني صلاحيتون هئڻ گهرجن(uninterrupted fictional dream requires skill) ناول جي ظاهري خوبين کان وڌيڪ ان جي داخلي عنصرن تي زور ڏيڻ پڻ لازمي آهي. انهيءَ حوالي سان اورسن اسڪاٽ چيو “افسانوي دنيا جا قاعدا ۽ قانون مناسب ۽ منطقي هجن، جڏهن اهي قاعدا ٽٽندا ته پڙهندڙ اهڙي دنيا تي يقين رکڻ جي قابل نه رهندو” مطلب ڏسجي ته ليکڪ کي ڪردار نگاري، نثر، زمان مڪان، تضاد، ڪهاڻي جي روانگي، واقعن جي ترتيب، ڪردارن جو ماحول، منظر نگاري يعني هر پاسي کي سنجيدگي سان ڏسڻو آهي.
ڪامياب ليکڪ جون ڪجھ مخصوص خوبيون هونديون آهن. اسلوب، اظهار، حقيقي آواز/لهجو، تسلسل کي قائم رکڻ، هر حوالي سان حقيقي ۽ ايماندار هئڻ، متروڪ خيالن کان پرهيز ڪري ڪهاڻي جي گهرائي ۽ ان جي عنصرن تي چڱي نموني ڪردارن کان ڳالهرائڻ جو فن اهي شيون انفراديت ظاهر ڪنديون آهن. طئي ٿيل ٽرينڊ کي اپنائڻ، مخصوص مقصدن کي ذهن ۾ رکي لکڻ جيئن شهرت حاصل ڪرڻ ۽ مقبوليت ماڻڻ وارا ليکڪ گارڊنر مطابق “ڪند ذهن ۽ تخليقڪار ناهن هوندا” يعني اها تخليق جٽادار ثابت ناهي ٿيندي، صرف هلندڙ ڪڪرن جيان هوندي آهي. لکڻ رڳو وندر يا تفريح ناهي ان جي الڳ اهميت، افاديت ۽ ماهيت آهي، فن جي پنهنجي شناخت آهي، ذميداري آهي، گهرائي آهي، الڳ دنيا آهي ها خيالن جي ۽ تصورن جي دنيا، افسانوي رنگن سان مخمور دنيا. گارڊنر مطابق “ليکڪ کي ڀرپور نموني سان ڪهاڻي ۽ ڪردارن جي نفسيات کي حقيقي طور پيش ڪرڻ گهرجي” ڏٺو وڃي ته اسان وٽ سطحيت ان پاسي تي حاوي آهي. نفسياتي حوالي سان ڪردارن تي ڪم ٿئي ئي نٿو ۽ نه انهن جي ماحول جي بناوٽ متاثر ڪندڙ آهي، صرف نالا لکيا ٿا وڃن. گارڊنر ليکڪ جي اخلاقيات ۽ ذميداري تي پڻ ڳالهايو آهي، يعني هڪ سنجيده ناول نگار کي زندگي جي سچائين، انسانيت ۽ دنيا بابت مثبت رويو ڏيکارڻ گهرجي. هتي اخلاقيات کي ڪردار جي فعل سان منسوب ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ ليکڪ خطاب ڪندڙ بڻجي ويندو. ڪردارن جي فعل (actions) حوالي سان هو ڪافي فڪري بحث پڻ ڪري سگهي ٿو. فڪر؟ ها اسان وٽ ليکڪ پنهنجي صنف تي ئي پورو سارو پڙهي ٿو ته پوءِ تخليق مان ڪهڙي فڪر جي اميد رکجي؟
هڪ ليکڪ کي زندگي جي سمورن پاسن کي وائکو ڪرڻ گهرجي بقول گارڊنر جي”darker aspects of life” يعني ان حوالي سان البرٽ ڪاميو، هان ڪانگ، مارگاريٽ آٽووڊ، دوستو وسڪي، ٽالسٽاءِ، ارن ڌتي، ايلف شفق، سالي روني، ڪرن دسائي، گارشيا مارڪيز، ٽوني موريسن ۽ ٻين اهڙن ليکڪن ۽ ليکڪائن جا ناول ڀرپور نموني اهڙن پاسن جي عڪاسي ڪندڙ آهن. جڏهن افسانوي ادب ۾ فن جو اظهار هوندو ته اهو ناول/ڪهاڻي روايت پرستي جي خلاف ٿي پڙهندڙ کي سوچڻ ۽ نوان رخ ڏيکارڻ تي مجبور ڪندو ۽ اهائي لکڻي جي ڪاميابي آهي جيڪا پنهنجي پڙهندڙ کي ڪجھ ڏيکاري، ڪجھ ڏئي يا ڪو احساس پيدا ڪري وڃي. لکڻ به اهڙو گهرجي جيڪو تفريح تائين محدود هئڻ بدران پڙهندڙ اڳيان سوال اٿارڻ لڳي.
ناول لکڻ هڪ ڏکيو مرحلو آهي، جنهن ۾ جسماني توڙي ذهني طور ليکڪ متاثر ٿئي ٿو ۽ تخليق جي مڪمل ٿيڻ تائين هن جي زندگي جا باقي پاسا ثانوي بڻجي وڃن ٿا ۽ ڪل ڪائنات ۽ مرڪز تخليق ٿي وڃي ٿي. ان حوالي سان يقينن هڪ حقيقي ليکڪ شڪ ۽ مايوسي جو شڪار پڻ ٿئي ٿو. بقول گارڊنر جي “پاڻ تي شڪSelf-Doubt تخليق جو فطري مرحلو هوندو آهي” يعني اهو ممڪن آهي. ان حوالي سان هڪ ناول نگار کي خود اعتماد هئڻ گهرجي جيڪا هن جي داخلي طاقت آهي. هر تخليق خوبين ۽ خامين جو سنگم هوندي آهي، ڪوبه شاهڪار ناول خامين کان ماورا ناهي ان ڪري هر قسم جي راءِ جي آجيان ڪرڻ گهرجي. جڏهن تخليق کي رد ڪيو وڃي اهو پڻ سبق آهي، سڌاري آڻڻ جو موقعو آهي، آئينو آهي جنهن اڳيان ٻيهر تخليق کي سنواري رکي سگهجي ٿو. ان لاءِ پاڻ کان ماهرن جي سنگت هيٺ رهڻ بهترين عمل آهي. اسان جا ناول نگار وري ان سنگت جو غلط استعمال ڪن ٿا، يعني لابي ٺاهي پنهنجي تخليق تي وڏا وڏا ساراھ ۾ تبصرا لکرائڻ، پاڻ کي مهان ليکڪ سڏائڻ، ناول کي هڪ شاهڪار ناول قرار ڏيارڻ ۽ سياسي اثر رسوخ ۽ ادبي اسٽيبلشمينٽ جي مدد سان اٺ ڏھ هزار ڀري ان ناول تي ايوارڊ وٺڻ ڄڻ روايت بڻيل آهي. اصل ادب دشمن رويو آهي. تڏهن ناول جو معيار ڄڻ آخري پساهن ۾ اچي پهتو آهي، پر پوءِ به ڪٿي ان جي زندگي جي اميد برقرار آهي.
گارڊنر مطابق “ميچوئر ليکڪ نون ناول نگارن جي رهنمائي ڪن” سنڌي ادب ۾ نانيءَ ويڙهو ٺهيل آهي، باقاعده راندين جيان ٽيمون ٺهيل آهن، چند سينيئرن کي ڇڏي اسان وٽ پوڙهو (سينيئر) نئين ماڻهوءَ تي سواءِ سنگتي جي ڇو نٿو ڳالهائي؟ ولر ٺاهي هڪ ٻئي تي الزام تراشي ڪرڻ، ذاتيات تي ڳالهائڻ، ذاتي بنيادن تي تخليق جي پرک ڪرڻ اهي معاملا رڳو اسان وٽ ئي آهن تڏهن اهڙن گروهن کي لابيون سڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته عالمي ادب جي اهڙن جٿن کي “cycle of mentorship” سڏيو وڃي ٿو جيڪي سکڻ ۽ سيکارڻ وارا آهن. ادب کي انا، ذاتي دشمني، سنگت، ذاتي اختلافن، سماجي معاملن کان مٿي فني بنيادن تي شخصيت پرستي مان نڪري پوءِ ڏسڻ گهرجي باقي جهڙو جهان هلي پيو ته ناول جو خدا حافظ آهي.