شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ تصوف جا عڪس ۽ احساس
جنهن وقت مجاز آهين،
اي عشق عبادت آن،
تون عين نماز آهين!
(ننڊ وليون، 1992ع، ص50)
اياز جديد سنڌي شاعريءَ جو هڪ اهڙو انمول رَتن ۽ سگهارو سِرجڻهار آهي، جنهن پنهنجي فڪري جوت، تخيلي ڪمال ۽ فني حُسناڪين سان پنهنجن ڪوتائن کي اهڙو جرڪايو ۽ مالامال ڪيو آهي، جو وڏي عرصي تائين اُنهن جي جوت ۽ جوهر کي حالتن جي ڪائي دز ۽ ڌوڙ ڌنڌلائي نه ٿي سگهي. هُن جي شاعري، جتي فڪري گهرائي، فني ڪماليت، تخيلي اُڏام، اظهار جي بي ساختگيءَ، خيال جي نُدرت ۽ گهڻ رُخي جماليات سان مالامال آهي، اُتي اُنهيءَ ۾ موضوعن جي پڻ وڏي وسعت ملي ٿي. پاڻ هتي اياز جي صوفياڻي فڪر جي حوالي سان مختصر اندر اور ڪنداسين.
تصوف جي تاريخ، ابتدا ۽ اوسر بابت ته ڪيتريون ئي روايتون ۽ قياس آرايون ملن ٿيون، پر ان جي بنياد بابت اڪثر عالم ۽ محقق، جنهن نقطي تي متفق نظر اچن ٿا، اُهو هي آهي ته تصوف لفظ اصل ۾ ’صوف‘ لفظ مان ورتل آهي، جنهن جي معنى آهي اُنَ، ڪنهن وقت ۾ اوني لباس پائيندڙن کي صوفي سڏيو ويندو هو. صوفي جيئن ته گهڻو ڪري تن ۽ من کي تَسيو ڏيندڙ هوندا آهن، اُوني ڪپڙو پڻ بدن کي اَهنجو رکندو آهي، اُن نسبت سان مذڪوره مفهوم ڪنهن حد تائين تصوف جي فڪر ۽ فلسفي سان ٺهڪندڙ محسوس ٿئي ٿو، پر اڳتي هلي، نه فقط اُنهيءَ لفظ جي لُغوي معنائن ۾ ڪيئي ڦيرا ۽ فرق آيا ۽ ان نوان مطلب ۽ مفهوم حاصل ڪيا، پر اُن لفظ مان ڪيترن نوَن لفظن ۽ اصطلاحن پڻ جنم ورتو آهي، جن ۾ خاص ڪري، ’الصفو، الصفا ۽ الصف‘ لفظَ شامل آهن. الصفو، جنهن جي معنى، ’محبت، خلوص، دوستي‘ آهي. اُن لحاظ سان صوفي جو مطلب اهو شخص آهي، جنهن دنيا جي منافعي خوري ۽ آخرت جي لوڀ ۽ لالچ جي مِڙني مامرن کان بي نياز بڻجي، پنهنجي حقيقي محبوب سان بي لوث عشق ۽ آجپي جو رشتو جوڙيو هجي.
الصفا جو مطلب ’صاف ۽ اُجرو هجڻ‘ آهي. جنهن ماڻهو پنهنجي من کي هر قِسم جي غرض ۽ لوڀ کان بچائي، روح کي اُجرو ۽ شفاف بڻايو، اهو صوفي آهي. لطيف سائينءَ جي لفظن ۾:
صوفيءَ صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو،
تِهان پوءِ ٿيو، جيئري پَسڻ پرينءَ جو.
اهو ئي سبب آهي، جو ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته صوفي لفظ ’الصفا‘ مان ماخوذ آهي، جنهن جي معنى قلب جي صفائي ۽ اندر جي اُجراڻ آهي.اهڙيءَ ريت ’الصف‘ جي معنى ’قطار‘ ٻُڌائي وڃي ٿي. گويا هڪ صوفيءَ جي دل نه رڳو پنهنجي محبوب ۽ مالڪِ حقيقيءَ جي بارگاهه ۾ موجودگي ۽ حاضريءَ جي اعتبار کان اڳين قطار ۽ صف ۾ هوندي آهي، پر اُها پوري يڪسوئي سان ’جُز ۾ ڪُل ۽ ڪُل ۾ جُز‘ جو مظهر پڻ هوندي آهي. يعني اُن نسبت سان ’تصوف‘ جو مطلب اُها رمزيت ۽ تعليمات چئي سگهجي ٿي، جيڪا ماڻهوءَ کي پنهنجي وجود جي معنويت جي آشنائيءَ سان گڏوگڏ پنهنجي مالڪ ۽ محبوب جي آگهي عطا ڪري. ٻين لفظن ۾ تصوف’ خود شناسي‘ کان ’خدا شناسي‘ جي تعليمات ۽ داخلي مَسافت جي فڪر ۽ فلسفي تي محيط اهڙي صداقت آهي، جيڪا لطيف جي لفظن ۾، ’سڀ سڀوئي حال، منجهان ئي معلوم ٿيڻ‘ جو راز هِن ريت سمجهائي ٿي:
پاڻهين جل جَلالهُ، پاڻهين جانِ جمال،
پاڻهين صورت پرينءَ جي، پاڻهين حُسن ڪمال،
پاڻهين پير مريد ٿئي، پاڻهين پاڻ خيال،
سڀُ سَڀوئي حال، منجهان ئي معلوم ٿيو.
(شاهه لطيف)
سنڌ جي سر زمين صدين کان نه فقط تهذيبي، تمدني، تاريخي، ثقافتي ۽ معاشي طرح خوشحال ۽ زرخيز رهي آهي، پر اُها شعوري ۽ فڪري طور پڻ آسودي ۽ امير رهي آهي، اُهوئي سبب آهي، جو سنڌ ڌرتيءَ کي صوفين، درويشن، عُشاقن، اَمن پسندن ۽ محبت ڪندڙن جي ڌرتي تصور ڪيو ويندو آهي.
شيخ اياز جي شاعريءَ جو خمير توڙي جو رومانس، مزاحمت، محبت، انقلاب، حب الوطني، ترقي پسندي، اَمن عالم، انسان دوستي ۽ روشن خياليءَ جي مِٽيءَ مان ڳوهيل هئي، جنهن ۾ ترنم، تفڪر ۽ تخيل جي ڪمالات، اُن کي چار چنڊ لڳائي، سندس شاعريءَ کي هر وجهه حسين ۽ بيمثال بڻائي ڇڏي ٿي، پر هُن جي شاعريءَ ۾ تصوف جا روح پَروَر رنگ پڻ ججها ملن ٿا.
اُن حوالي سان هُو پاڻ لِکي ٿو: ”جيتوڻيڪ هِن وقت تائين منهنجي گهڻي رغبت ماديت جي فلسفي سان رهي آهي، جنهن جو اظهار مون پنهنجي شاعريءَ ۾ بار بار ڪيو آهي، پر زندگيءَ جي هِن موڙ تي، مون انهن حقيقتن تي گهرو سوچيو آهي، جن کان مان اڪثر لنوائيندو رهيو آهيان ۽ مان ڀانيان ٿو ته انهن حقيقتن جو سبب نه رڳو منهنجي دور جو جديد سياسي فلسفو ۽ ان جو گهرو مطالعو هو، پر اهڙو لنوائڻ منهنجي رومانوي طبيعت جي منطقي تقاضا به هئي…. پر هِن وقت ائين ٿو لڳي ته منهنجي شاعريءَ ۾ غائب ۽ حاضر واري ڪيفيت رهي آهي. مان ڪڏهن پاڻ کان غائب آهيان ۽ ڪنهن ازلي حقيقت اڳيان حاضر آهيان ۽ ڪڏهن اُن ازلي حقيقت کان غائب آهيان ۽ پاڻ اڳيان حاضر آهيان“.
ڪوبه ته ڏَسي ڪونه ٿو، من ۾ ڪيئن آئين!
بادل ڪڍن بُرج جئن، تئين مون تي ڇائين،
بوندون بَرسائين، وَرِ وَرِ مون تي مِهر جون.
(اُڀر چنڊَ پَسُ پرين،1990ع،ص184)
تون ئي آهين رات جا، ڪِروڙين قِنديل،
تون ئي اَبابيل، تون بَکين باکَ ۾.
(اُٿي اُور الله سان،1998ع، ص11)
اياز جي شاعريءَ ۾ تصوف، خاص ڪري وحدت الوجود جو فلسفو، نه رڳو پنهنجي پوري احساساتي فڪر ۽ جمالياتي جوت سان موجود ملي ٿو، پر اهو خود شناسي ۽ انساني فلاح ۾ ئي خدا شناسيءَ جا مفهوم سمجهائي ٿو.
تون ئي سڀ جي ساهه ۾، سڀ ۾ تون ئي تون،
سانجهي، سمنڊ، سِپون، ڪيئي وَلر واءُ ۾.
(اُٿي اُور الله سان،1998ع، ص15)
هُن وٽ خدا جو تصور عام ۽ روايتي نه آهي، پر خالق، مالڪ ۽ محبوب وارو آهي، جنهن جي هر جلوي ۾ جيءَ جو جياپو ۽ جنهن جي قرابت شهه رڳ کان به قريب ۽ اوڏڙي محسوس ٿئي ٿي.
تون ئي منهنجي ساهه ۾، تون ئي آن ويساهه،
تون جو آنهه الله، مون کي مون کان ويجهڙو.
(اُٿي اُور الله سان، 1998ع، ص11)
اڳتي کان اڳتي هُئين، پهچي جت نه خيال،
تنهنجي مام محال، ويجهي کان ويجهو هُئين.
(اُٿي اُور الله سان،1998ع، ص12)
هُن جهڙيءَ ريت پنهنجي شاعريءَ جي ٻين انيڪ موضوعن کي تخليقي ۽ آرٽسٽڪ انداز سان اوريو ۽ اظهاريو آهي، ساڳيءَ ريت هُن جي صوفياڻي شاعريءَ ۾ پڻ اُها خوبي اُتم نظر اچي ٿي. هُن وٽ خدا جو تصور ممتا جي احساس جهڙو ۽ ڪنهن مصور جي تصور ۾ رچندڙ ۽ پچندڙ تخليقي تشفي ۽ فطرت ۾ موجود جمالياتي تازگي جهڙو آهي، اُنهيءَ ڪري هُو جڏهن خدا ۽ اُن جي خدائيءَ جي جوت ۽ جمال جي حقيقت سمجهائڻ ۽ بيان ڪرڻ چاهي ٿو، تڏهن ڪنهن مافوق الفطرت شيءِ جي تمثيل بجاءِ پنهنجي ڌرتيءَ جي حسين مخلوق مورن جو مثال ڏئي، اُن سچائيءَ کي هِن ريت بيان ڪري ٿو.
سمجهايان آهي خدا توکي ٻيو مان ڪيئن؟
کنڀ کنڊيري جيئن، ڇو نه ڏسين ٿو مور کي!
(سورج مکي سانجهه،1993ع،ص37)
ته ڪٿي وري خدائي رمزيت ۽ رعنائيءَ جي جوت ۽ جمال کي ’جِهرڻي‘ جي تشبيهه سان هِن طرح حسين بڻائي پيش ڪري ٿو:
تون جو ڪيئي نانوَ آن، وٺي تنهنجو نانءُ،
هُريو منهنجو هانءُ، جَهر جَهر جِهرڻي وانگيان.
(اُٿي اُور الله سان،1998ع، ص12)
اياز، انسان کي نه صرف خدا جو حسين پَرتوو سمجهي ٿو، پر اُن تائين پهچ ۽ رَسائيءَ جو بهترين ذريعو به انسان کي ئي تصور ڪري ٿو، انهيءَ ڪري هُن جي شاعريءَ ۾، عابد ۽ معبود ۾ ڪٿي به ڪائي وِٿي ۽ وڇوٽي نظر ڪو نه پئي اچي، پر معبود، عابد ذريعي ئي احساس جي اکين اڳيان اُڀري، پنهنجا روپ سُروپ، جلوا ۽ جمالَ اهڙيءَ ريت پَسائي ٿو.
مون جئن ڪالهه ڏٺو، ڪعبي مٿان چنڊُ،
ڄڻ هي سارو منڊُ، جرڪي اُٿيو جيءَ ۾.
(اُٿي اُور الله سان،1998ع، ص14)
ڪالهه موذن بانگ، تارا سڀ ٽَپي وئي،
ڪيڏي نانهه اُڇانگ، ماڻهوءَ جي آواز کي.
(اُٿي اُور الله سان،1998ع، ص14)
شيخ اياز سدائين متحرڪ ۽ عمل جي زندگي بسر ڪئي، هُن ڪڏهن به دنيا کان فرار اختيار ڪري، رواجي ۽ نام نهاد صوفين وانگر ڏيکاءَ واري چِلاڪشي ڪونه ڪئي، نه ئي مَڙهيون ۽ مَڪان وَسائي، پيالي پيئڻ کان پوءِ اَجائي اُڏامڻ جون هوائي توائي خبرون ڪيون، پر هُن هميشه هِن دنيا جي دلدل ۽ درياهه ۾ رهي به، پنهنجو پاند نه پُسائڻ ۽ هر حال ۾ ثابت قدم رهڻ جو وَچن ورجايو، اُنهيءَ ڪري هُن وٽ تصوف جو تصور به تارڪ الدنيا وارو نه آهي، جنهن ۾ دنيا تياڳي، صرف دل کي آباد ۽ اُجرو رکڻ جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي، پر هُن وٽ تصوف ‘تزڪيه النفس’ سان گڏوگڏ پنهنجي عمل ۽ ڪردار سان هِن دنيا کي سَنواري، سُڌاري اهڙو بڻائڻ آهي، جنهن ۾ هر ماڻهو امن، محبت، اخوت ۽ آزاديءَ سان نه فقط پنهنجي زندگي بَسر ڪري سگهي، پر ڀرپوريت سان پنهنجو آزاد جياپو پڻ جِي سگهي.
هُن لاءِ تصوف اَلفي ۽ گيڙوءَ رتو لباس نه آهي، پر وٽس تصوف، تعصب جو رَدُ ۽ رواداريءَ جو پَدُ آهي. رواداري جيڪا انساني مساوات ۽ محبت جو اهڙو پنڌ آهي، جيڪو عشق جي جذبي ۽ وجداني احساس سان ڏوري سگهجي ٿو. اياز جو تصوف، باعمل زندگيءَ لاءِ نه رڳو اُڪساهي ۽ اُتساهي ٿو، پر باڪردار ۽ ثابت قدم رهڻ جو درس پڻ ڏئي ٿو، اُهو ئي سبب آهي، جو هُن جي شاعريءَ ۾ زندگي، واڙيءَ ڦُل وانگر مَهڪندي ۽ ٻَهڪندي نظر اچي ٿي. هو موت ۽ زندگيءَ کي هڪ ٻئي جا ويري نه، پر واهرو ۽ همسفر ٿو سمجهي، انهيءَ ڪري ئي چوي ٿو ته:
مِرتيو جيوَن مان اچي، جيوَن مِرتيوءَ مان،
وَرِ وَرِ ٿو موٽان، سَرتا مان سنسار ۾.
(هينئڙو ڏاڙهونءَ گل جئن،1991ع، 149)
ڀٽائي وانگر اياز به زندگيءَ جي مسافت ۾، موت کي راهرو ۽ رهبر تسليم ڪري ٿو، تنهنڪري عام لوڪ وانگر ان کان ڏرڻ، ڊڄڻ ۽ خوف کائڻ بجاءِ ان سان همسفر ۽ رفيق جو رشتو جوڙي، ساڻس هِن ريت اندر اوري ۽ روح رهاڻيون ڪري ٿو.
تنهنجو موتَ! ڇُهاءُ اِئن، جئن ڪو پشمينو،
ڄڻ منهنجو سينو، سيني لاتو سُپرينءَ.
(ص53)
آءٌ نه اڳي موت کي، ڏٺو کڻي اک،
جڏهن ان جي ٻَک، اُن کي چهرو چنڊ جو.
شيخ اياز جي شاعري پنهنجي فڪري جوهر ۽ موضوعي جمال ۾ ايتري ته موهيندڙ، ڪشادي ۽ جدت رکندڙ آهي، جو اُن کي هر مڪتب فڪر جو ماڻهو پنهنجي زاويي ۽ نگاهه سان ڏسي، پرکي ۽ پُرجهي سگهي ٿو. ”اياز بنيادي طور تي سچ جو پارکو، هڪ جدت پسند، مارڪسوادي، اِسرار پسند ۽ وحدت الوجودي صوفي هو. انهن سڀني کان مٿانهون موهن جي دڙي جو ماڻهو ۽ سنڌ جو عاشق هو. سندس ڪلام ۽ فڪر کي مِلائي ڏسجي ته ’خيالِ ڪُل‘ نظر ايندو ۽ سچل وارو اهو ئي ’جو ئي آهيان، سو ئي آهيان‘ ملندو، جيڪو ڀٽ ڌڻيءَ جي ڪراڙ ڍنڍ کي ارپيل پُراسرار ۽ باغيانه ڪلام جي صورت ۾ ڪَپَ تي تَري آيو آهي“.
شيخ اياز جي صوفيانه شاعري به سندس ٻي ڪلام وانگر انتهائي اهم ۽ انوکي آهي، خاص ڪري هُن جي وحدت الوجود جي فڪر ۽ فلسفي تي محيط شاعري ۽ سندس دعائيه ڪلام تمام گهڻو ڌيان ڇڪائيندڙ آهن، جن کي پَرکڻ ۽ پُرجهڻ لاءِ، نه فقط وسيع نظري، ڳوڙهو مطالعو ۽ جديد تنقيدي شعور درڪار آهن، پر اُن کي ساڃاهڻ لاءِ عاشقاڻي دل ۽ صوفياڻي بصيرت به گُهربل آهي. شيخ اياز جي شاعريءَ جي مجموعي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته اياز وحدت الوجود ۽ خدا جي جمالياتي جوهر ۽ ’الله جميل و يحب جمال‘ جي صداقت جو قائل آهي، جنهن کي خارجيت ۾ تلاش ڪرڻ کان وڌيڪ اندر جي سنسار ۾ ڳولڻ ۽ هيئين سان هنڊائڻ جي ضرورت آهي. تڏهن ئي ته پاڻ پنهنجي صوفياڻي فڪر ۽ احساساتي سُرت جو تت پيش ڪندي، پنهنجن ڪوتائن ۾ بار بار اُهو اظهار هِن ريت اوري ٿو ته:
تيسين اياز هُن کي پورو پَسي نه سگهندين،
جيسين کُلي نه جاني ڪو جيءَ ۾ جهروڪو،
اي دل نه کاءُ ڌوڪو، آءُ پيءُ هيءُ پَروڪو،
ساغر وچان ڏِسي ٿو هيءَ ڪائنات ڪو ڪو!.
(وِڄون وَسڻ آئيون، 2008ع، ص73)
***