قتل و غارت عام ٿيڻ“قيامت” جي نشانين مان هڪ نشاني آهي، آخري دور اهڙو ايندو جو مارڻ واري کي خبر ناهي ته هو ڇو ٿو ماري، مقتول کي خبر ناهي ته کيس ڪهڙي ڏوهه ۾ قتل ڪيو ويو، گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ قيامت خيز آپگهاتي ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ شهيدن جو انگ 72 ٿي ويو، 170 کان وڌيڪ نمازي زخمي ٿي پيا؛ هي واقعو جمعي جي ڀلاري ڏينهن تي فتنة الخوارج پاران امام بارگاهه خديجة الڪبرٰي کي نشانو بڻايو ويو وفاقي گاديءَ واري شهر اسلام آباد جي مضافاتي علائقي ترلائي ۾ واقع امام بارگاهه خديجة الڪبرٰي ۾ جمعي جي نماز دوران هولناڪ آپگهاتي ڌماڪو ٿيو آهي. اکين ڏٺن شاهدن موجب، ڌماڪو نماز جي ٻي رڪعت ۾ سجدو ڪرڻ وقت ٿيو. حملي آور پهرين فائرنگ ڪئي ۽ پوءِ سڪيورٽي اهلڪارن پاران روڪڻ تي پاڻ کي مرڪزي دروازي تي اڏائي ڇڏيو. ڌماڪو ايترو ته زوردار هو جو ان جو آواز پري تائين ٻڌو ويو ۽ ڀرپاسي جي عمارتن جا شيشا ٽٽي پيا. پوليس ذريعن موجب، هن بزدلاڻي ڪارروائي ۾ فتنة الخوارج جو آپگهاتي حملي آور ملوث آهي. واقعي بعد وزيراعظم شهباز شريف رسمي طور صرف مذمت ڪندي گهرو وزير محسن نقوي کان فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ دهشتگردن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.حڪومت هن خودڪش حملي کي هندستان جي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي ڪارروائي قرار ڏنو آهي، جنهن سان اهو واضح ٿي ويو آهي ته هي جنگ پاڪستان تي مسلط ڪئي وئي آهي، پر ان کي کٽڻ لاءِ وڙهي پئي وڃي ۽ رياست ان ۾ ڪامياب ٿي رهي آهي. گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري موجب، اهوئي سبب آهي جو دهشتگرد سخت هدفن جي بدران عبادتگاهن ۽ عام ماڻهن کي نشانو بڻائي رهيا آهن. مملڪتي وزير چيو ته خودڪش بمبار افغان شهري نه هو، پر سندس افغانستان جي ڪيترن ئي سفرن جو رڪارڊ سامهون آيو آهي. حملي آور جي جسماني ۽ ٻين ثبوتن جي بنياد تي جاچ جاري آهي ۽ سڀ معلومات اعليٰ سطح تي شيئر ڪئي وئي آهي. طلال چوڌري چيو ته دهشتگردي مذهب جي نالي تي ڏاڙهي وڌائي ڪري ڪئي وڃي يا لساني ۽ صوبائيت جي نالي تي بي ايل اي جي صورت ۾ ڪئي پئي وڃي، انهن ٻنهي جو نمونو ساڳيو آهي. اهي ماڻهو مارڪيٽن، اسڪولن، مسجدن ۽ امام بارگاهن جهڙن نرم هدفن کي نشانو بڻائين ٿا، جيڪا بزدلي جي انتها آهي. مملڪتي وزير واضح الزام لڳايو ته هي دهشتگردي هندستان جي سرپرستي ۾ آهي ۽ پاڪستان وٽ ان جا مضبوط ثبوت آهن. سندس موجب، هندستان اڳ جي ڀيٽ ۾ ٽي ڀيرا وڌيڪ دهشتگردي ۾ سيڙپڪاري ڪئي آهي ۽ بي ايل اي، ٽي ٽي پي ۽ ٻين گروهن کي ڊالرن ۾ پگهارون ڏنيون وينديون آهن. اهي ماڻهو الله جي نالي تي نه، پر پئسن لاءِ قتل ڪندا آهن.گهرو وزير چيو ته هن سانحي ۾ جاني نقصان جي مڪمل تلافي ممڪن ناهي، تنهن هوندي به، رياست متاثر خاندانن جي غم ۾ برابر جي شريڪ آهي ۽ هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي. ٻئي پاسي تحريڪ انصاف جي اطلاعات سيڪريٽري شيخ وقاص اڪرم هڪ وڊيو بيان ۾ اسلام آباد ۾ امام بارگاهه ۾ بم ڌماڪي تي گهري افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هڪ طرف دشمن دل تي گهرا زخم لڳايا آهن ته ٻئي طرف امام بارگاهه جون ڀتيون جمعي جي نماز دوران خودڪش حملي ذريعي نمازين جي رت سان رنڱيل هيون. هن چيو ته هيڏي سانحي کانپوءِ به، پنجاب حڪومت ۽ ان جا ترجمان بسنت جو جشن ملهائيندي نظر اچي رهيا آهن، جيڪو عمل شهيدن جي غم کي وڌائي رهيو آهي. بهرحال سياسي ماڻهن جا سياسي بيان ڪنهن جي گهر ۾ برپا ٿيل ماتم کي گهٽائي نٿا سگهن جنهن ماءُ جو ڪونڌر پٽ ڪسندو ان ماءُ تان ڇا گذرندي هوندي؟ جنھن ونيءَ کان سندس ور کسبو ان جي دل مان ڪهڙي آھ نڪرندي هوندي؟ جنهن جا يتيم ٻچڙا ٿيندا ان جي زخمن کي ڪير ڀريندو؟ جڏهن وقت جي حاڪمن کي خبر به آهي ته اسانجون سرحدون محفوظ ناهن، دشمن اسانجي ڪوتاهين جو فائدو وٺي ڪڏهن ڪي پي ڪي ۽ ڪڏهن بلوچستان تي بمباري ڪري معصوم شهرين کي نشانو پيو بڻائي ته پوءِ اسان هفتيوار جمعي جي اجتماعن لاءِ ڪهڙا جوڳا انتظام ڪيا، جنهن جو فائدو دشمن ورتو ۽ سوين ماڻهن جي جانين سان رت جي راند کيڏي. هي معصوم شهري ته جمعي جو غسل ڪري عبادتگاهه ۾ ويا هئا کين ڪهڙي خبر هئي ته هو دشمن جي نشاني تي اچي ويندا. اسان جا سيڪيورٽي ادارا وس آهر ملڪ جي ماڻهن جي حفاظت ڪري رهيا آهن ان جي باوجود دشمن پنهنجون مظموم ڪارروايون ڪري وڃي ٿو جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو دشمن اسان کان وڌيڪ تيز آهي ان جي حڪمت عملي اسان جي ريڊار تي نٿي اچي جنهنڪري وقت بوقت اهڙا ڪلور ٿين پيا جيڪي جيءَ کي جهوري وجهن ٿا. اسان جي حڪومت کي نئين سر پنهنجي حڪمت کي ڏسڻو پوندو، ڇو ته هڪ ڀيرو ٻيهر، پاڪستان ۾ هڪ غير ملڪي سازش تحت منظم طريقي سان دهشتگردي کي فروغ ڏنو پيو وڃي. افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته پابندي مڙهيل پارٽيون ملڪ ۾ کليل طور تي ريليون ڪڍي رهيون آهن ۽ شيعه مسلمانن کي ڪافر قرار ڏئي رهيون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ هاڻي اسلام آباد ۾ بم ڌماڪن جهڙا افسوسناڪ واقعا ٿيا آهن. هي صورتحال رياستي رٽ لاءِ هڪ سنگين چئلينج آهي. سيڪيورٽي ادارن کي پنهنجي آئيني ذميواريون پوريون ڪندي، ماڻهن جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ گهرجي ۽ پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف بنا فرق ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، جن جو تعلق خوارج جي فتني سان جڙيل آهي. ڇو ته دهشتگردي جي هن لعنت جي مڪمل خاتمي کان سواءِ، ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام جو خواب پورو نه ٿي سگهندو.