محمد عثمان ڏيپلائي ڪُل وقتي ليکڪ هو، ادب ۽ صحافت سندس شوق به هئا ته روزگار پڻ. هن هڪ ئي وقت ناول، ناٽڪ، ڪهاڻيون، مضمون، تنقيد ۽ ٻيو ادبي ڪم ڪيو. م.ع ڏيپلائيءَ تي لکيل ڪجهه مضمون ۽ مقالا آهن جيڪي مختلف روزاني اخبارن ۾ ڇپيا آهن ته ڪجهه احوال ادبي تاريخن ۾ ملي ٿو. باقي ڪجهه ڪتاب سندن بابت آهن، ڇپيل ڪتابي مواد جو جائزو هيٺ ڪجي ٿو.
ماهوار شهباز ڏيپلائي نمبر 1981ع هن خاص نمبر ۾ آيل مواد سڄو تاج جويو جي ترتيب ڏنل ڪتاب ۾ موجود آهي.
سنڌ جو ڪهنه مشق صحافي 197 صفحن جي هن ڪتاب جو عنوان ڏيپلائيءَ جي صحافت بابت هوندي به اهو احوال گهٽ موجود آهي جو نور محمد عباسي 1985ع ۾ ترتيب ڏنو. پاڪستان فورم طرفان ڏيپلائي صاحب جو ورتل انٽرويو (هفتيوار برسات) ۾ آيل پڻ هن ڪتاب جو حصو آهي.
انسان دوست اديب ۽ بي باڪ صحافي، محمد عثمان ڏيپلائي هي ڊگهي عنوان وارو ضخيم ڪتاب سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم طرفان 2003ع ۾ شايع ڪيو ويو. تاج جويو جي ترتيب ڏنل آهي. هن ڪتاب جي 560 صفحن ۾ انگريزي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ ڏيپلائيءَ صاحب بابت مضمون آهن. انگريزيءَ جي ڀاڱي ۾ سراج الحق ميمڻ، امر جليل، قاضي جاويد، طارق عزيز ۽ ڪريم بخش خالد جون تحريرون آهن. اردو حصي ۾ پروفيسر آفاق احمد، محمد زمان، فهيم احمد، محمود شام ۽ پروفيسر رياض صديقي جا ليک آهن. جن سڀني کين مزاحمتي ادب جو بنياد وجهندڙ، عظيم اديب صحافي سڏيو آهي. سنڌي ڀاڱي جي پهرين حصي ۾ تعارف ۽ ٻئي حصي ۾ ڏيپلائي صاحب جي تحريرن مان چونڊ ڏنل آهي ۽ ٽيون حصو کانئن ورتل چئن انٽرويوز تي مشتمل آهي. جنهن ۾ هڪ سيلف انٽرويو آهي (جو پڇاڙيءَ جي ڏينهن ۾ هٿ اکر لکيل هڪ نوٽ بڪ تان لاٿو ويو) هي انٽرويو منفرد نوعيت جو آهي. ڪتاب جي پنجين ۽ ڇهين حصي ۾ ڏيپلائي صاحب جي باري ۾ لکيل مضمون، تقريرون ۽ تاثرات آهن. محمد عثمان منگي، تاج جويي ۽ ادا محمد علي ڏيپلائيءَ جي سهڪار سان ڇپيل هن ڪتاب ۾ هڪ طرف هڪ اڏول صحافيءَ جي زندگيءَ جا ڏک ڌولاوا محنتون ۽ رياضتون، همتون ۽ جرئتون پيون ڏسجن ته ٻئي طرف سندن جي بابت شخصي تعريفون ڪتابن تي تبصرا ۽ تنقيدون پڻ شامل آهن.
محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ناول نگاريءَ جو جائزو، ايم فل جي ڊگريءَ لاءِ ڊاڪٽر ثريا 261 صفحن ۽ پنجن بابن تي مشتمل مقالو ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي نگرانيءَ ۾ مڪمل ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پيش ڪيو.
محمد عثمان ڏيپلائي ۽ سنڌي سماج تي سندس اثر، ڊاڪٽر ثريا نسيم جو پي ايڇ ڊي جي ڊگريءَ لاءِ لکيل مقالو 2001ع ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جي نگرانيءَ ۾ مڪمل ٿيو هيءَ تحقيق ڇهن بابن تي آڌاريل آهي.
باب ٻيون: سماجيات جي تعريف، ڏيپلائيءَ جي سماجي شعور جي ارتقا، مطالعو ۽ مشاهدو، مقصديت، جدت، سياست لفظ جي معنيٰ ڏيپلائيءَ جو سياسي شعور ان جي ارتقا ڏيپلائيءَ ۾ مذهبي ادبي ۽ سماجي شعور جي ارتقا
باب ٽيون: ۾ ڏيپلائيءَ جي تحريرن خاص طور افسانن کي سماجي بهبود ۽ بهتريءَ جي حوالي سان پرکيو ويو آهي. باب چوٿون: ناولن جي تحقيقي جائزي تي مشتمل آهي، “سمرقند جو صوف”، “غازي مصطفيٰ ڪمال” ۽ مينا بازار جو احوال ڏنل آهي. جڏهن ته ايوارڊ يافته ناول “سانگهڙ”، “انقلابِ ايران” ۽ “امڙ” موجود ڪانهي.
باب پنجون: ناٽڪ نويسيءَ جي شروعات سنڌي ڊراما نويسيءَ جي ارتقائي دور کان ٿيئي ٿي، ڊراما جي وصف ڏيڻ سان گڏ محققا چند اهم ڊرامن “غيرت عرف نورجهان جو پٽ”، “ڏڪار” ۽ “ڊاڪٽر ناٽڪ” ۽ “سجائي موڙي” تي تبصرو ڪيو آهي. باب ڇهون: ۾ سنڌي صحافت جا مختلف دور بيان ڪندي ڏيپلائي صاحب جي صحافتي خدمتن تي روشني وڌل آهي سندن لکيل ايڊيٽوريلز ۽ انهن جا اثرات ۽ نتيجا ڄاڻايل آهن. چند حوالا هن ريت آهن.
“ڏيپلائي هڪ متوڪل انسان هو، کيس الله تعاليٰ جي هستي ۽ رحمت ۾ مڪمل ڀروسو هو هن انسانيت جي بهبود ۽ بهتريءَ لاءِ ڪوشش ۽ جدوجهد کي مذهب جو بنياد سمجهيو ٿي.” (3)
“پاڻ هميشه شبِ درميان رب رحمان جي قول تي يقين رکندڙ هو.” (4)
ڊاڪٽر ثريا نسيم جي هن مقالي بابت اهو چئي سگهجي ٿو ته تحقيق ڪندڙن لاءِ هي مقالو هڪ ماخذ جي حيثيت رکندو.
محمد عثمان ڏيپلائي، پاڪستاني ادب ڪي معمار: اردو قومي ٻوليءَ ۾ اڪيڊمي آف ليٽرز اسلام آباد جي هڪ ڪتابي سلسلي “پاڪستاني ادب ڪي معمار” هيٺ پروفيسر آفاق صديقيءَ لکيو جو 2009ع ۾ شايع ٿيو. 150 صفحن جي هن ڪتاب ۾ ڏيپلائي صاحب جي زندگيءَ جون حالتون، اولاد، ادبي خدمتون ۽ سيلف انٽرويو آهي. ڇپيل ڪتابن ۾ سندن ناولن ۽ ناٽڪن تي لکيل آهي باقي افسانن، تاريخ، تنقيد ۽ لطيفيات ۽ ديني ڪم بابت ڪو احوال ڪونهي.
محمد عثمان ڏيپلائي هڪ مطالعو: عنوان سان ڪتاب سنڌ ثقافت کاتي طرفان 2013ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جو لکندڙ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو آهي. ڏيپلائيءَ بابت مهراڻ خاص نمبر سائي رنگ جي پڪي جلد جي صورت ۾ رائيل سائيز جو 447 صفحن جو خوبصورت نمبر آهي. جنهن جي ٽائيٽل تي ڏيپلائي صاحب جي تصوير ۽ بيڪ ٽائيٽل تي سندن 1960ع جا لکيل هٿ اکر (قرآن پاڪ جي ترجمي بابت) عڪس طور ڏنل آهن. جي تحرير جي پختائيءَ جو اعليٰ مثال آهن. منجهس آيل مواد ۾ جن شخصيتن لکيو آهي انهن ۾ محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، يوسف لغاري، پروفيسر اعجاز قريشي، ڪلا پرڪاش، ڊاڪٽر اسد الله قاضي، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ کهڙو، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ، تاج جويو، گل محمد عمراڻي، جئه پرڪاش ۽ ٻيا آهن.
هن خاص نمبر ۾ شخصيت جي باري ۾ قلم آرائي وڌيڪ آهي. فن جو جائزو گهٽ آهي. ضروري آهي ته ڏيپلائي صاحب جي ڪتابن کي پرکيو وڃي ته جيئن خبر پوي ته هن قلم وسيلي ڪيئن انقلاب آڻڻ ٿي چاهيو؟ سندس لکڻ پويان ڪهڙا محرڪ هئا؟ انعام يافته ڪتابن ۾ ڪهڙيون خوبيون آهن؟
محمد عثمان ڏيپلائي ۽ سندس ڊراما نگاري: ايم اي سنڌي جي فائنل ايئر ۾ لکيل مونوگراف شفيع محمد چانڊيو ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جي نگرانيءَ ۾ 1983ع ۾ مڪمل ڪيو ۽ 2016ع ۾ شهيد مير امداد چانڊيو يادگار ڪاميٽي قاسم آباد، حيدرآباد شايع ڪيو. عبدالقادر جوڻيجو ۽ آغا ظفر طرفان پيش لفظ ۽ تاثر لکيل آهن 152 صفحن جي هن مونو گراف ۾ چار باب آهن.
سماج سڌارڪ، انقلابي اديب، محمد عثمان ڏيپلائي تاريخ جي آئيني ۾ 2023ع ۾ لکي پورو ڪيو اٿم، هن ڪتاب جي لکجڻ جو اهم سبب ته ڏيپلائي صاحب جي فن کان متاثر ٿي مون سندن صحافت، ناٽڪ نويسي ۽ ناولن تي لکيو اهي مقالا ٽه ماهي مهراڻ، ڪارونجهر ريسرچ جرنل ۾ شايع ٿيا، هائر ڪلاسن ۽ چٽا ڀيٽيءَ جي شاگردن کي پڙهائيندي مون کي محسوس ٿيو ته ڏيپلائي صاحب بابت ادبي تاريخن ۾ تفصيلي مواد ڪونهي جو پڙهندڙن کي مطمئن ڪري. اهو سوچي آهستي آهستي وڌيڪ ٻيا به ڪجهه ليک لکيم ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجيءَ جي لائبريري ۽ ڏيپلائيءَ صاحب جي گهروارن کان 1947ع کان اڳ جا ڇپيل ڪتاب جيئن “سنگدل شهزادي”، “ڏاهري رنگ محل”، “گلشنِ عبرت” “قرآني دُعائون” ۽ ٻيا هٿ ڪري انهن تي تنقيدي جائزو لکيم.
مون پنهنجي هن ڪتاب ۾ نئون مواد آندو آهي خاص طور صحافت جي مقالي ۾ رسالي انسان جي 40 پرچن مان چونڊ احوال ڏنو اٿم ۽ مٿيان سنڌ الاجيءَ وارا ناياب ڪتاب جن جي باري ۾ ڪڏهن ڪو احوال ڪونه آيو هو. انعام يافته سڀ ڪتاب ته بندش پيل ڪتاب به خاص طور ذڪر ڪيا اٿم. ۽ انهيءَ جي ضبطگيءَ جي سببن تي پڻ بحث ڪيو اٿم.
افسانن، ناٽڪن ۽ ناولن کانسواءِ سندن ٻئي ادبي ڪم جيئن مضمون، تاثر، تبصرا، تنقيد، ترجما ۽ ديني ڪم کي به فوڪس ڪيو آهي، انهيءَ کانسواءِ ڏيپلائي صاحب بابت ڇپيل ڪتابن جو مواد پڻ آندو اٿم. آئون سمجهان ٿي ته هيستائين ڪو به اهڙو ڪتاب منظرِ عام تي نه آيو آهي جنهن ۾ ايترن مختلف رخن کان ڏيپلائي صاحب جي فن جو اڀياس آيل هجي.
هن ڪتاب معرفت ڏيپلائيءَ جي مداحن کي سندن فن ۽ فڪر جي تفصيلي پروڙ پوندي ۽ ڏيپلائي شناسيءَ لاءِ انشاءَ الله ڪافي حد تائين مددگار ثابت ٿيندو جنهن مان آئنده لاءِ به م.ع ڏيپلائيءَ بابت ڪم ڪندڙن جي رهنمائي ٿيندي.