ايڊيٽوريل

آءِ ايم ايف 7 ارب ڊالر جي پئڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي

            عالمي مالياتي فنڊ پاڪستان لاءِ 7 ارب ڊالر جي بيل آئوٽ پئڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي. آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽلينا جور جيويا جي صدارت ۾ ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان جي ايجنڊا سرفهرست هئي. ملڪ جي وزارت خزانا اهو چيو ته پاڪستان کي هن مهيني يعني 30 سيپٽمبر تائين 1.1 ارب ڊالر جي پهرين قسط ملڻ جو امڪان آهي ۽ ٻي قسط به امڪان آهي ته هن ئي مالي سال 2024-2025 ۾ ملي ويندي. 1.1 ارب ڊالر جي پهرين قسط ملڻ سان اسان جي مالياتي ضرورتن جو پورائو ٿيندو ۽ ملڪ جي صنعتي ۽ ڪاروباري طبقي ۾ مالي معاملن متعلق اطمينان پيدا ٿيندو.

            آءِ ايم ايف جي نئين پروگرام جي منظوري کانپوءِ وزيراعظم جي آفيس هڪ اهم بيان ڏنو آهي، جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته انهيءَ 7 بلين ڊالر ۾ توسيعي فنڊ سهولت (اي ايف ايف) جي منظوري کانپوءِ اسان جي ملڪ جي مشڪلات هيٺ آيل معيشت کي فروغ ملندو ۽ سرڪار کي گهربل ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ سولائي ٿيندي. تازو نيويارڪ جي دوري ۾ گفتگو ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان آءِ ايم ايف جا ڏکيا شرط مڃيا آهن. ڇاڪاڻ جو اسان وٽ ٻيو ڪو رستو نه هو. بين الاقوامي مالياتي ادارن ۾ ڄڻ اها خاموش مفاهمت آهي ته جڏهن عالمي مالياتي فنڊ ڪنهن ملڪ سان مالياتي وهنوار ڪري ٿو ته ٻيا ادارا به انهيءَ ملڪ سان مالياتي وهنوار ڪرڻ شروع ڪن ٿا. آءِ ايم ايف جي انهيءَ قدم کانپوءِ بين الاقوامي مالياتي ادارا جهڙوڪ: عالمي بينڪ، ايشيائي ترقياتي بينڪ ۽ ٻيون قرض ڏيندڙ بينڪون ۽ ايجنسيون به اسان جي مالي مدد ڪرڻ شروع ڪنديون. انهيءَ سان گڏ دنيا جا ملڪ به ڄڻ آءِ ايم ايف جي فيصلي جي انتظار ۾ هوندا آهن جيئن اهي پنهنجي دوست ملڪن سان مالياتي ڪاروبار ڪرڻ شروع ڪن. انهيءَ ڪري هاڻ اسان جي ملڪ کي متحده عرب امارات سعودي عرب ۽ چين ۽ ٻين ملڪن جي مالياتي مدد ۽ قرض حاصل ٿي سگهندو. جيئن ته عالمي مالياتي فنڊ جن ملڪن سان مالياتي وهنوار ڪري ٿو انهن ملڪن لاءِ اهو چاهي ٿو ته اهي ترقي ڪن ۽ مستقبل ۾ مالياتي پئڪيجز جي انهن کي ضرورت نه پوي. موجوده مالياتي پئڪيج جا بنيادي هدف عام ماڻهو جي حالت کي بهتر ڪرڻ پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ پاڪستان جي فارين ايڪسچينج جي رقم ۾ اضافو ڪرڻ. انهيءَ سان گڏ پروگرام جو اهم مقصد اهو آهي ته خانگي شعبي جي زير قيادت ترقي لاءِ وڌيڪ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ آهي. خانگي شعبي جي ترقي سان ئي اسان جو ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو. جولاءِ جي مهيني ۾ پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ اسٽينڊ باءِ ايگريمينٽ کانپوءِ آءِ ايم ايف جي شرطن جي حساب سان پاڪستان کي سعودي عرب، چين ۽ متحده عرب امارات جهڙن اهم اتحادين سان 12 ارب ڊالر جي مالياتي واعدن جي حصول جي ضرورت هئي. انهيءَ سلسلي ۾ پاڪستان سعودي عرب کان 5 ارب ڊالر، چين کان 4 ارب ڊالر ۽ متحده عرب کان 3 ارب حاصل ڪيا. انهيءَ کانسواءِ مالياتي دنيا ۾ پاڪستان جي اعتبار جي ڪري اسان کي دنيا جي مالياتي ادارن به ان سلسلي ۾ تعاون ڏنو. پاڪستان وڏي وقت کان مالياتي مسئلن جي ڪري آءِ ايم ايف جي پروگرامن تي انحصار ڪندو رهيو آهي.

            موجوده پروگرام پاڪستان لاءِ عالمي مالياتي اداري جو 25 هون پروگرام آهي ۽ اهو سلسلو سال 1958 کان جاري آهي. عالمي مالياتي فنڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر قرض جي منظوري کانپوءِ سڌ سماءَ جي ذريعن سان ڳالهائيندي اهو چيو ته هي پروگرام پاڪستان جي غريب ماڻهن لاءِ سهولت پيدا ڪندو ۽ هن اسان جي ملڪ جي امير ماڻهن تي ٽيڪس لڳائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. حقيقت اها آهي ته موجوده وقت ۾ ملڪ پنهنجي ڪاروباري سرگرمين ۾ بهتر ٿي ويو آهي. ٻاهرين سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيو آهي. آءِ ايم ايف جو منظور ٿيل پروگرام به اسان کي ترقي جي رستي جي طرف وٺي ويندو.