ڪهاڻيوننئون

ٻارن جو صفحو: گدڙ ڊاک نه پڄي

ٻارو! اهو پهاڪو سهڻيءَ سنڌي ٻوليءَ ۾ مشهور آهي ته، “گدڙ ڊاک نه پڄي آکي ٿو کٽا” معنيٰ ته گدڙ ڊاک جي ڇڳي تائين نه پهچڻ جي ڪري ٻين کي چوي ٿو ته “نه کائجو ڊاکون کٽيون آهن. اهو ساڳيو پهاڪو ٿوري گهڻي فرق سان دنيا جي ٻين ٻولين جي ادب ۾ پڻ موجود آهي. ٻارو توهان کي خبر آهي ته انسان پهرين جانورن سان گڏ کليل ميدانن ۽ جهنگلن ۾ رهندا هئا هنن پنهنجي پاڻ کي موتمار جانورن ۽ وڏن پکين کان بچاءُ لاءِ پنهنجا گهر ٺاهيا، ڳوٺ ٻڌا ۽ پوءِ وڏن شهرن کي ٺاهي پنهنجي لاءِ زندگيءَ جون انيڪ سهولتون پيدا ڪيون، جانورن بابت انساني مشاهدو ۽ مطالعو تمام وسيع آهي، جيڪو ماڻهن قلم ذريعي ۽ زباني ٻين کي ٻڌايو ۽ سندن عادتون، طور طريقا ۽ مزاج انسانن کي ٻڌايا آهن. هن آکاڻيءَ ۾ آئون توهان کي گدڙ بابت ڄاڻ ڏيان پئي. هيءُ جانور جهنگ ۾ ٻين جانورن سان گڏ رهندڙ آهي. هن جي هڪ عادت مشهور آهي ته اڪثر سستيءَ ۽ ڪم چوريءَ جي ڪري پنهنجو شڪار پاڻ ڪرڻ کان ڪيٻائيندو آهي. لٻاڙ هڻڻ ۽ پنهنجي ڳالهه وڏي ڪرڻ سندس اهم عادت آهي ته جيئن کيس ڪير گهٽ نه سمجهي. هڪ دفعو لومڙيءَ سان گڏ ڊاکن جي ڇڳي تائين پهتو، پر محنت ڪري حاصل ڪونه ڪري سگهيو، پوءِ ڪوڙ ڪري چوڻ لڳو ته “ڊاکون کٽيون آهن ٿُو کٽيون، آئون نٿو کاوان.”

هيٺ سندس ٻٽا ڪن ۽ ڪوڙن جي هڪ ڪهاڻي پيش ڪجي ٿي.

هڪڙو هو گدڙ جنهن کي ان جي ماءُ ۽ پيءُ لاڏ ڪوڏ سان پالي وڏو ڪيو. پنهنجي مائيٽن جو هو هڪڙو ئي اولاد هو. ان ڪري اهي کيس گهڻو پيار ڪرڻ جي ڪري وڌيڪ بگاڙڻ لڳا، نه ڪمائڻ سيکاريائون، نه ئي پيٽ ڀرڻ جو ڪو ڍنگ.

گدڙ پڻ لاڏ ڪوڏ ۾ نخريلو ٿي ويو، ڪڏهن به اهو ڌيان ڪونه ڪيائين ته جيڪي کاوان پيان ٿو اهو اچي ڪٿان ٿو؟ ماءُ پيءُ ڪٿان روزي ڪمائي اچن ٿا؟ اک تڏهن کليس، جڏهن هن جا ماءُ پيءُ فوت ٿي ويا. هاڻي اچي پريشاني ٿي ته ڇا ڪيان؟ ڪيئن شڪار ڪيان؟ ٻه ٽي ڏينهن نه ڪٿي مئل ڍور ڏسي انهن کي پيو کائيندو هو، پر آخر اهو به ڪيستائين هلي؟

هيڏانهن هوڏانهن نهاريائين ته ڪٿي ڪا ويجهي شيءِ کائڻ لاءِ ملي وڃي ته پوءِ پري ڇو وڃان؟ پر جهنگ جي قانون مطابق هرڪو پنهنجو ڪيل شڪار کائيندو هو، سو بنا ڪنهن هٿ پير هلائڻ جي هُو ڪٿان کائي سگهيو ٿي؟ آخر هلندو ويو ته اڳيان هڪ شينهن کي ڏٺائين. شينهن جهنگ جي بادشاهه کي ڏسي گدڙ جو ته رت ئي سڪي ويو، پر لڪي ڀڄڻ به مناسب ڪو نه هو. ان ڪري لاچار ويجهو اچي نوِڙي ادب سان سلام ڪندي پڇيائين. شينهن بادشاهه ڪٿي جو ارادو آهي؟ “شينهن آڪڙ ڏيکاريندي وراڻيو ته بک لڳي اٿم وڃان پيو شڪار جي ڳولها ۾ جي توکي به کائڻو آهي ته هلي تازو مال کاءُ.”

گدڙ ته انهيءَ ئي ڳولها ۾ هو، سو تيار ٿي ويو، شينهن حڪم ڪيس ته “وڃ تازو مال ڳولهي اچ” گدڙ ڊوڙندو اڳيان سائي گاهه تائين ويو واپس اچي ٻڌايائين ته “سرڪار! اڳيان هڪڙي تازي متاري ڍڳي گاهه چري پئي”، شينهن جي وات ۾ پاڻي اچي ويو، ڍڳيءَ جي ويجهو اچي ان کي ڌڪ ئي ٻه هنيائين جا ڪري پيئي. شينهن پهرين انهيءَ جو خون پيتو ۽ پوءِ گوشت کائڻ لڳو. گدڙ سڄي واردات سڪون سان ڏٺي شينهن جڏهن کائي ڍئو ڪيو تڏهن کيس چيائين ته هاڻي تون به اچ ۽ اچي کاءُ ڏسين ڇا پيو؟”

گدڙ همت ڪري چيو ته “اسين ڪنهن جو اوبر ڪونه کائيندا آهيون، هاڻي ته آئون پاڻ شڪار ڪري کائيندس مون کي ڪهڙي خبر ته ڪو شڪار ڪرڻ ايترو آسان آهي، خوامخواهه هيترو وقت پريشان رهيس ۽ باسي جانورن تي گذارو ڪيم.”

شينهن کلندي ٽوڪ مان چيس ته “ها ڏسي وٺنداسين توکي ۽ تنهنجي شڪار کي، ڏسون ڪهڙو ٿو شڪار ڪرين؟” شينهن کي اُتي ئي ڇڏي گدڙ هڪ طرف هلڻ لڳو اڃان ٿورو ئي پنڌ ڪيائين ته کيس لومڙي نظر آئي جنهن پڇيس “ماما! ڪٿي وڃين پيو”؟

گدڙ پنهنجو ڪوڙو شان ڏيکاريندي چيو، “ها ڇا ڪريان ڇڏيل ته ڪتا ۽ ڪانگ کائيندا آهن، مون ته هميشه تازو شڪار کاڌو آهي ۽ ٻئي جو ڇڏيل اوبر کائڻ جي منهنجي عادت ئي ڪونهي، انهيءَ ڪري وڃان پيو، تازو شڪار ڳولهڻ تون به هليو هل، توکي به کارائي ڇڏيندس. ڇا ياد ڪندين ته ڪهڙي سخيءَ گدڙ سان واسطو پيو اٿئي” لومڙيءَ سوچيو، “آهي ته ڪوڙو، ٺڳ ۽ وڏائيءَ وارو پر ڇو نه گڏ وڃجي، اهو تماشو به ڏسان ته ڪيئن ٿو گدڙ شڪار ڪري، ٿورو گهمي ڦري وٺنديس!”

گدڙ کي بيوقوف ٺاهيندي چيائين، “ماما! هل بلڪل صحيح ان کان بهتر ته ڪا ڳالهه ٿيندي. منهنجو ته بک سان ڪنو حال ٿي ويو آهي، تازو شڪار کارائيندين ته دُعائون ڏينديس الله تنهنجو ڀلو ڪري.”

ٿورو اڳيان هلي کيس شينهن جو طريقو ياد آيو لومڙيءَ کي چيائين،  “اڳيان وڃي ڏسي اچ ته ڪٿي شڪار موجود آهي؟” لومڙيءَ سندس حڪم جي تعميل ڪري اچي ٻڌايس ته سامهون ٻنيءَ ۾ هڪ وڏي ٿلهي متاري گهوڙي گاهه کائي رهي آهي.

گدڙ لئه ڪري اڳيان وڌيو ۽ شينهن جي اَهل ڪري گهوڙيءَ کي ساڳي ريت ڌڪ هنيائين، پر اها ڍڳي ڪانه هئي گهوڙي هئي جنهن ٺوڪي پويان لت هنيس، سا اهڙي ته زور سان لڳس جو وڃي بلڪل پري ڪريو. هڪڙو بکايل ۽ ٻيو زوردار لت گدڙ اُتي ئي بک ۾ ساهه ڏنو.

لومڙيءَ کيس جو مرندي ڏٺو ته افسوس ڪندي چوڻ لڳي

”ماما! جيڪڏهن ننڍپڻ کان ئي پنهنجي طور شڪار ڪرڻ جو طريقو سکين ها! ته اڄ شينهن جي شڪار ڪرڻ جي نقل نه ڪرين ها ۽ نه ئي پنهنجي جان تان هٿ ڌوئڻا پونيئي ها جيڪو پنهنجو رستو ڇڏي ٻئي جو رستو بنا سوچي سمجهي نقل ڪري ٿو اهو منهن ڀر ته ضرور ڪرندو“.

***