بلاگنئون

انساني عظمت جي حصول ۾ آرام  هڪ مٺو زهر

آرام واقعي هڪ مٺو زهر آهي. شروع ۾ اهو راحت لڳي ٿو، پر آهستي آهستي انسان جي ارادن، خوابن ۽ صلاحيتن کي ڳاري ڇڏيندو آهي. جڏهن ماڻهو مسلسل سهولت ۾ رهڻ لڳي ٿو، تڏهن سندس اندر جي جدوجهد مرڻ لڳي ٿي، سوچ سست ٿي وڃي ٿي ۽ زندگي صرف گذرڻ جو نالو رهجي وڃي ٿي. انساني تاريخ شاهد آهي ته جيڪي قومون آرام کي عادت بڻائين ٿيون، سي زوال ڏانهن وڌن ٿيون ۽ جيڪي جدوجهد کي پنهنجو شعار بڻائين ٿيون، سي ترقيءَ جون بلنديون ماڻي وٺن ٿيون.

يوناني فلسفي ارسطو چيو هو: “اسين اهو ئي آهيون جيڪو اسين بار بار ڪريون ٿا. ان ڪري عظيم بنجڻ ڪو هڪ عمل نه، پر هڪ عادت آهي.” هن چوڻي مطابق اسين جڏهن ڪنهن هڪ عادت کي بار بار اختيار ڪري دهرايون ٿا ته اها اسان جي لاءِ ڪم ڪرڻ جو هڪ معيار بڻجي وڃي ٿي ۽ پوءِ اهو معيار اسان جي زندگين کي تعمير ڪري ٿو. يعني توهان جون عادتون ئي توهان عظمت جي تعمير ڪن ٿيون.

يعني عظمت ڪا هڪ اوچتي مليل نعمت نه آهي، پر مسلسل ڪوشش ۽ عادت جو نتيجو آهي. جيڪا ڪنهن عمل جي صورت ۾ بار بار دهرائڻ جي نتيجي ۾ ملي ٿي. اهو قول اسان کي سيکاري ٿو ته ڪاميابي آرام سان نه، پر روزاني محنت سان جنم وٺي ٿي اڄ جو انسان گهڻو ڪري پنهنجي ذميواري ٻين تي وجهي ڇڏي ٿو: حڪومت، ادارا، حالتون، يا قسمت. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته تبديلي هميشه فرد جي اندر کان شروع ٿيندي آهي. جيڪڏهن هر ماڻهو پنهنجي زندگيءَ جو مقصد پاڻ ٺاهي ۽ ان مقصد لاءِ اڪيلي سر جدوجهد ڪري ته سماج پاڻمرادو سڌرڻ لڳندو.

جرمن فلسفي فريڊرڪ نٽشي چيو:  “جنهن وٽ جيئڻ جو مقصد هوندو، اهو هر مشڪل کي منهن ڏئي جي سگهي ٿو.” ان جو مطلب اهو آهي ته مقصد انسان کي اندروني طاقت ڏئي ٿو ۽ اها طاقت ئي کيس نااميدي، رڪاوٽن ۽ خرا حالتن کان مٿي کڻي وڃي ٿي. اسان جي معاشري ۾ بدقسمتي سان آرام پرستيءَ جو رجحان وڌندو پيو وڃي. والدين پنهنجن ٻارن کي سخت حالتن ۾ وجهي پالڻ بجاءِ کين تمام نازن ۽ نخرن سان پالين ٿا ۽ ٻارن جون عادتون ننڍي هوندي کان ئي اهڙيون بڻجي وڃن ٿيون جو اهي نوجوان جلد ڪاميابي چاهين ٿا ۽ محنت کان ڀڄن ٿا. نوڪري چاهين ٿا، پر مهارت سکڻ لاءِ تيار ناهن. عزت چاهين ٿا، پر قرباني ڏيڻ کان ڪيٻائين ٿا. اهڙي روش قومن کي ڪمزور ڪري ڇڏيندي آهي.

چيني فلسفي ڪنفيوشس چيو: “ان ڳالهه جي ڪابه اهميت ناهي ته توهان ڪهڙي رفتار سان اڳتي وڌو ٿا، پر اهم اهو آهي ته توهان تسلسل سان هلو ٿا يا نه.”

هي قول ڪنفيوشس جيڪو چين جو هڪ ڏاهو هو ان جو آهي، چيني قوم پنهنجي ڏاهپ ۽ محنت ۾ هن وقت سڄي دنيا کي اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته محنت سان هر شيءِ ممڪن آهي. هي قول اسان کي سيکاري ٿو ته رفتار اهم ناهي، تسلسل اهم آهي. ننڍڙا قدم به جيڪڏهن جاري رهن ته منزل ضرور ملي ٿي. اهو به ياد رکڻ گهرجي ته ڪنهن ٻي ماڻهوءَ تي ڀروسو ڪري ويهي رهڻ، پاڻ سان ظلم ڪرڻ برابر آهي. مدد وٺڻ غلط ناهي، پر مڪمل دارومدار ٻين تي رکڻ انسان کي ڪمزور بڻائي ٿو. اصل طاقت خودانحصاري ۾ آهي.

آمريڪي مفڪر رالف والڊو ايمرسن چوي ٿو: “پنهنجو پاڻ تي ڀروسو مستقبل جي ڪاميابيءَ جو بنياد آهي.”

يعني سچي ڪاميابي جو بنياد خود اعتمادي ۽ خود انحصاري آهي. اسان جي مذهبي ۽ روحاني روايتن ۾ به جدوجهد کي وڏي اهميت حاصل آهي. اسلام ۾ محنت کي عبادت جو درجو ڏنو ويو آهي، ۽ صوفي شاعرن، خاص ڪري شاهه عبداللطيف ڀٽائي، جدوجهد کي زندگيءَ جو اصل حسن قرار ڏنو آهي:

“جي تند برابر توريين،

تانگهه نه لهي تان،

سڀ ڪجهه سهي، ساڻيهه لهي.”

اهو شعر اسان کي سيکاري ٿو ته ڏکن ۽ ڏاکڙن کان سواءِ منزل حاصل نٿي ٿئي.

نتيجي طور چئي سگهجي ٿو ته زندگي مسلسل جدوجهد ۽ چئلينجن کي منهن ڏيڻ جو نالو آهي. آرام ۾ لڪل زهر کان بچڻ لاءِ ضروري آهي ته انسان پنهنجي زندگيءَ جو واضح مقصد ٺاهي، روزانو ان مقصد لاءِ جدوجهد ڪري ۽ پنهنجو پاڻ تي ڀروسو ڪندي پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ننڍا ننڍا قدم کڻندي اڳتي وڌندو رهي. پنهنجي مقصدن جي حصول ۾ ٻين ماڻهن تي نه ڀاڙي. قومون تڏهن اڀرن ٿيون، جڏهن فرد جاڳي پون ٿا. جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته اسان جو سماج باوقار، خودمختيار ۽ ترقي يافته هجي ته پوءِ هر ماڻهوءَ کي پاڻ کان سوال ڪرڻو پوندو:

ڇا مان آرام جو قيدي آهيان يا جدوجهد جو مسافر؟

ڇاڪاڻ ته تاريخ صرف انهن کي ياد رکي ٿي، جيڪي پنهنجي قسمت پاڻ لکندا آهن.