جڏهن ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ سنڌ الاجي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر هو ته هن سنڌ الاجي ۽ ان جي معرفت يونيورسٽي انتظاميه کي “بيورو آف ٽرانسليشن” قائم ڪرڻ جي صلاح ڏني هئي ۽ سندس ڪوششن سان ولي رام ولڀ کي سنڌ الاجي ۾ ان مقصد سان مقرر ڪيو ويو هو ته جيئن “بيورو آف ٽرانسليشن” کي قائم ڪجي. هي مضمون ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ صاحب جي فائيلن جي ڇنڊ ڦوڪ ڪندي مون کي “بيورو آف ٽرانسليشن” بابت سندس هٿين اکرين هي ڊرافٽ مليو، جنهن کي مون ڪمپوز ڪري توهان جي اڳيان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
ايئن ڇو آهي؟
ايئن ڇو آهي ته اسان انهي ئي پنج ھزار سال پرائي ڍڳي گاڏي ۾ تبديلي آڻي نه سگهيا آهيون ۽ ٻئي طرف دنيا وڃي چنڊ تي پھتي آهي؟ ايئن ڇو آهي ته اسان اڃان مهين جي دڙي جي دور واري ڪھاڙي ھٿيار طور ڪم آڻيون ٿا، پر باقي انسان وڃي اسٽار وار جي تيارين ۾ لڳا آھن؟ اسان جو علم اڌورو ۽ سائنس اڌاري ورتل ڇو آهي؟
ايئن ڇو آهي ته شيڪسپيئر، ملٽن، گوئٽي، ڊانٽي ۽ دنيا جي ٻين دانشورن کي دنيا سڃاڻي ٿي، مگر اسان جي موتي جھڙن ماڻهن کي ڪو به نٿو سڃاڻي ؟
منهنجي خيال ۾ اسان جي ترقي جي رڪاوٽ ۽ گمنامي جو سبب اھو آهي ته اسان پاڻ کي باقي دنيا سان ڪٽي رکيو آهي. اسان ڪيترين قومن کان صديون پوئتي آهيون.
جنهن جو حل اهو آهي جيڪڏهن اسان سوچ ۽ لوچ جي صلاحيت ۾ ٻين کي شريڪ ڪيون ۽ ٻين سان شريڪ ٿيون ته اھو مفاصلو گھٽجي سگهي ٿو. ٻين لفظن ۾ جيڪڏهن اسان باقي دنيا جي علم، ادب، تاريخ، تحقيق ۽ تحقيقي ڪارنامن ۽ سائنسي علمن جو مطالعو ڪيون ته ساڻن ذھني برابري ۽ ھم آھنگي ڪري سگهون ٿا.
مطالعو ڪير ڪري؟ پر ايئن ٿيڻ نه گھرجي ته قوم جو ھڪ مخصوص ۽ محدود حصو دنيا سان ذھني ھم آھنگي ڪرڻ واري معراج ماڻي باقي قوم ساڳي ريت پٺتي رھي. اھو سوچ جو سفر قوم جي سمورن فردن کي گڏجي طئي ڪرڻو آهي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ڄاڻ واري کاڻ مان خزانا سڀني کي ڪڍڻا آھن، پوءِ اھو ٻار ھجي يا ٻڍو مرد ھجي يا عورت ۽ امير ھجي يا غريب،
مسئلو اهو آهي ته ڪنهن به قوم جا سمورا فرد مختلف مادري زبانن جا ماھر نه ٿيندا آھن. ھن ڏس ۾ تعليم جو ھڪ بنيادي اصول اسان کي ٻڌائي ٿو ته انسان لاءِ مادري زبان ايتري ضروري آھي، جيتري ٻار لاءِ ماءُ جي ٿڃ. انسان پنهنجي مادري زبان ۾ ئي سوچيندو، لوچيندو ۽ سمجهندو آھي. ھن جي اظهار جو ذريعو محض ۽ محض ئي مادري زبان ٿئي ٿي.
حقيقت ۾ اهو ئي مسئلي جو حل آهي ته قوم کي اجتماعي طور باقي دنيا سان قدم ملائي هلڻو آهي ۽ ذھني خواھ فڪري ھم آھنگي پيدا ڪرڻي آهي. ان مسئلي جو حل ھي آهي ته جيئن قوم جا سمورا فرد مختلف غير مادري زبانن جا ماھر ٿي نٿا سگهن، ان ڪري کين باقي دنيا ۾ ٿيندڙ ترقي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ڄاڻ ۾ معياري ادب پنھنجي مادري زبان ۾ ڏيڻو آهي، يعني ترجمي جو سھارو وٺڻو آهي. ايئن ڪونه آهي ته اسان ھر ڪنهن ڳالھه ۾ دنيا کان پٺتي آھيون، اسان جي ڪيترين صلاحيتن ۽ لياقتن جي پوري دنيا ۾ مڃتا ان ڪري نه ٿي آهي جو اسان انهن کي دنيا تائين نه پھچايو آهي. جيئن سمورا سنڌي دنيا جون سموريون ٻوليون ڪونه ٿا ڄاڻن، ان ڪري کين سنڌ ۽ سنڌ وارن جي لياقت ۽ صلاحيتن کان باخبر ڪرڻ لاءِ کين سندن مادري زبانن ۾ ڳالهه سمجهائڻي آهي. يعني ته هتي به وري ترجمي جو سھارو وٺڻو پوي ٿو. ھن مان ظاھر ٿيو ته اسان کي دنيا سان ذھني ۽ فڪري ھم آھنگي ڪرڻ لاءِ ترجمي جي ٻٽي سرشتي کي رائج ڪرڻ جي ضرورت آهي. ھڪ طرف دنيا جي شاهپارن کي سنڌي ويس وٺرائڻو آهي ۽ ٻئي طرف سنڌي شھپارن کي دنيا جي ٻولين ۾ ترجمو ڪرڻو آهي.
پنهنجي صلاحيتن جو اندازو: ھر ڪنهن قوم ۾ اهڙا فرد ضرور ٿيندا آهن يا اهڙا فرد پيدا ڪري سگهبا آهن، جيڪي مادري زبان کانسواءِ باقي ھڪ يا ھڪ کان وڌيڪ ٻولين ۾ به اوتري ۽ اھڙي مھارت رکن. سنڌ جي تاريخ اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي. امام اوزاعي، ابو عطا ۽ ابو معشر وغيره سنڌي هئا، مگر ھنن عالمن جيڪا عربي زبان ۽ علم ادب جي خدمت ڪئي ان جو عڪس تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ آهي. سنڌ وارن فارسي زبان جي ايتري خدمت ڪئي جو اڄ به سنڌ جي تاريخ جا ماخذ فارسي زبان ۾ ملن ٿا. تاريخ کانسواءِ سنڌ واسين فارسي شاعري جي به ايتري خدمت ڪئي جو ھرو مل سدارنگاڻي “سنڌ جا فارسي شاعر” جي موضوع تي ڊاڪٽري لاءِ مقالو لکيو. سنڌ واسين اردو جي ايتري خدمت ڪئي آهي جو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ انھي موضوع تي ھڪ ڪتاب لکي چڪو آهي. ميڊم امينا خميساڻي انگريزي لاءِ “سنڌ جون خدمتون” ڪتاب لکي ثابت ڪيو آهي ته اسان ھن ٻولي سان به انصاف ڪيو آهي.
تاريخ جي شاهدي: تاريخ جا ورق به انهيءَ ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا ته جنهن قوم ترجمي جي اھميت کي ڄاتو ۽ ان جي فن سان انصاف ڪيو تنهن دنيا ۾ ترقي ڪئي. ويتر باصلاحيت ھئڻ جي صورت ۾ باقي قومن کان اڳتي وڌي وئي. عربن ايئن ئي ڪيو. يونانين ساڳي روايت برقرار رکي ۽ خود سنڌ واسين انگريزن جي دور ۾ پنهنجي عوام کي جڏهن اوڀر چاهي اولهه جي علم، ادب، تاريخ ۽ سياست کان ترجمي ذريعي باخبر ڪيو ته آزادي جي تحريڪ دوران عوام ۽ اڳواڻ ھڪ ڪرو ۽ ھڪ جيترو حصو ورتو.
موجوده صورتحال: پاڪستان جي قيام کان پوءِ ڪيترن سياسي، سماجي، ثقافتي، تعليمي ۽ ادبي مسئلن ۽ سببن ڪري اسان جي عالمن ۽ اديبن ترجمي جي فن تي ايترو ڌيان نه ڏنو. مثال طور ھندن جي اڪثريت جن جي علم ادب ۾ ھڪ ھٽي قائم ھئي تن جي لڏي وڃڻ سبب پيدا ٿيل خلا کي ڀرڻ لاءِ اسان جي اديبن کي پنهنجي تخليقي صلاحيتن کي ڪم آڻڻو پيو ۽ ان ڪري تخليقي ادب وڌيو. ڪيترن ليکڪن کي قيام پاڪستان کانپوءِ جي حالتن ايترو متاثر نه ڪيو ۽ انهن مايوسي جي حالت ۽ عالم ۾ تحقيق، ترجمي ۽ تنظيم جي فنن کي نظر انداز ڪري محض تخليقي عمل کي پنهنجي اظهار جو ذريعو بڻايو. ڪي قدر تنقيد جي فن ترقي ڪئي، پر ان تي طنز ۽ تلخي جو عنصر غالب ٿيڻ لڳو. ھن دور ۾ تعليمي ترقي ٿي نئون نسل غير مادري زبانن ۾ تعليم وٺڻ سبب انهن ۾ ماھر ته ٿيو، پر جيئن ته ترجمي جي روايت ڪانه ھئي ۽ پنهنجي ثقافت کي ٻين ٻولين جو ويس نه وٺرايو ويو ھو. ان ڪري نئين نسل ٻين ٻولين ۾ تعليم وٺي غير سنڌي ثقافت، قدرن، نظرين ۽ اصولن سان مانوس ٿيو، پر کيس پنهنجي ثقافت قدرن ۽ نظرين جي ڄاڻ نه رهي. ان ڪري وقت گذرڻ سان گڏ اسان وٽ پيڙھي وڇوٽي (جينريشن گيپ) وڌندو ويو ۽ نئون نسل پنهنجن کان پري پوندو ويو. اھڙين حالتن ۾ نئين نسل پنهنجي سنڌيءَ ۾ ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ترجما ڪيا، جنهن ڪري سندن سنڌ جا نظريا اصول ۽ عقيدا سنڌي معاشري تي مسلط ٿيڻ لڳا ۽ اسان ۾ فڪري خواھ نظرياتي فرسٽريشن وڌڻ لڳي، پر ايئن نه ٿيو ته ترجمي ذريعي عوام کي باقي دنيا سان علمي فڪري طور ھم آھنگي ڪيو وڃي يا کين دنيا سان مانوس ڪرايو وڃي.
اڳتي ڪير وڌي؟: جڏھن اسان جي مٿان اھڙيون حالتون اچي بيٺيون آهن ۽ اسان داخلي طور ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ لڳا آهيون ۽ خارجي طور تي اسان جي قوم لوچ، فڪر، خواھ ترقي جي سلسلي ۾ ٻين قومن جي ڀيٽ ۾ پٺتي پوندي رهي آهي. تڏهن اميد ۽ سھاري جي روشني صرف ھڪ ئي مينار مھيا ڪري سگهي ٿو ۽ اھو روشني جو مينار آهي سنڌ يونيورسٽي. جيڪڏهن ھن يونيورسٽي ۾ “بيورو آف ٽرانسليشن” قائم ڪيو وڃي ته ادارو قوم جي وڏي کان وڏي ۽ وڌيڪ خدمت ڪرڻ جي لائق بڻجي ويندو.
افرادي قوت: جيئن اڳ ۾ عرض ڪري اھو ٻڌايو ويو آهي ته اسان ھر دور ۾ غير سنڌي زبانن سان انصاف ڪيو آهي، تيئن سنڌ يونيورسٽي جا انگ اکر ڏئي ٻڌائي سگهجي ٿو ته ھن اداري ۾ باصلاحيت افرادي قوت جي ڪابه ڪمي ڪانهي، مختلف شعبن ۾ ڪيترا اھڙا استاد به موجود آهن جن کي تحقيق ۽ نظرين جي منصب پوري ڪرڻ کانپوءِ به ايترو وقت ملي ٿو جيڪو ھو پنهنجي قوم جي رھبري ڪرڻ ۽ بيورو آف ٽرانسليشن جي ھلائڻ ۾ صرف ڪري سگهن ٿا. سال 1982-83 جا انگ اکر ٻڌائين ٿا ته ھيٺ ڄاڻايل شعبن ۾ شاگردن جو تعداد اٽي ۾ لوڻ برابر رھيو آهي ۽ انهن شعبن جي استادن کي بيورو جي رھبري خواھ سرپرستي لاءِ عرض ڪري سگهجي ٿو. اھي شعبا ھي آهن :
ان کانسواءِ ساڳي سال ۾ يونيورسٽي طرفان ٿيندڙ 10 ڊپلوما ڪورسن مان ٽن ڪورسن کانسواءِ باقي ڪورسن ۾ 35 شاگردن داخلا ورتي.
اندازي موجب ھڪ ڊزن سرٽيفڪيٽ ڪورس ھلايا ويا، جن مان صرف ترڪي زبان جي سرٽيفڪيٽ ڪورس ۾ چار شاگرد داخل ٿيا ۽ ٻئي ڪنهن به ڪورس ۾ ڪنهن به شاگرد داخلا ڪانه ورتي. حالانڪه يونيورسٽي ۾ شروع ڪيل مختلف ٻولين جا سرٽيفڪيٽ ڪورس ٻڌائين ٿا ته هن اداري ۾ ھيٺ ڄاڻايل ٻولين جا ماھر استاد موجود آهن.
ھنن انگن اکرن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته: (الف) سنڌ يونيورسٽي ۾ ڏھ غير سنڌي زبانن جا ماھر موجود آهن ۽ اھي سنڌي شاھڪارن کي دنيا جي ڏھن ٻولين جو ويس وٺرائي سگھن ٿا. (ب) سنڌ يونيورسٽي ۾ اھڙا به شعبا موجود آهن جن ۾ شاگردن جي تعداد جي ڪمي سبب استادن کي اھو موقعو ميسر آهي ته هو پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجهه حصو قوم جي رھبري ۽ خدمت لاءِ به صرف ڪري سگهن. ھن مان اھا ڳالهه به ثابت ٿئي ٿي ته جيڪڏھن يونيورسٽي ۾“بيورو آف ٽرانسليشن” قائم ڪيو ويندو ته ڪنهن به شعبي جي تدريسي خواھ تحقيقي ڪم تي اثر نه پوندو. ويتر ڪيترن استادن کي قوم جي خدمت ڪرڻ جو موقعو ملي ويندو.