بلاگنئون

”يوٽوپيا کان ڊسٽوپيا“

غفور ميمڻ واحد سنڌي ليکڪ آهي جنهن جو ڪتاب مون خريد ڪري پڙهيو آهي. اڪثر هن جا مضمون به پڙهندو آهيان. سنڌي ادب ۾ تنقيدي ادب جو سٺو ليکڪ ڳڻائي سگهجي ٿو.

جنهن هن ڪتاب ۾ ويهارو کن ڪتابن تي پنهنجو تبصرو ڪيو آهي، خوش نصيب آهن ليکڪ جن تي غفور ميمڻ صاحب لکيو آهي. جن ۾ رسول ميمڻ، راز شر، انور ابڙو، بخشل باغي، رزاق سهتو، محمد علي پٺاڻ، مبارڪ لاشاري، شاهنواز دل، آفتاب احمد، انور ڪاڪا، جامي چانڊيو، جمن احمداڻي، خليق ٻگهيو، سڪندر ميمڻ، منطور ڪوهيار، شبنم گل، سليم ڀٽو لطيفي شامل آهن.

هن ڪتاب جي سڀ کان وڌيڪ اهميت ان ڪري آهي جو هن ڪتاب سان خبر پوي ٿي ته همعصر سنڌي ادب ۾ ڇا لکجي رهيو آهي.

سنڌي ادب جا ڪهڙا موضوع ۽ رجحان آهن.

هن ڪتاب ۾ شامل ٽي ليکڪ پڻ اھڙن ڪتابن جا آهن جن ۾ مبارڪ لاشاري، جامي چانڊيو ۽ خليق ٻگهيو شامل آهن.

مبارڪ لاشاري جو ڪم ناولن ۽ ڪهاڻين تي آهي، جامي چانڊيي جو ڪم شاعري ۽ نثر تي آهي. هن ڪتاب کي پڙهڻ جو هڪ فائدو اهو آهي ته محقق مجموعي طور سنڌي ادب تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪرڻ جي قابل ٿي پوي ٿو. ان کي هن ڪتاب ۾ شامل ويهارو کن ڪتابن پڙهڻ جي نوبت پيش نٿي اچي. همعصر سنڌي ادب تي ڳالهائڻ لاءِ مبارڪ لاشاري، خليق ٻگهيو، جامي چانڊيو، اسحاق سميجو ۽ غفور ميمڻ کي پڙهڻ ڪافي لڳي ٿو.

ھمعصر سنڌي ادب تي هن وقت مذڪوره ڪتابن کانسواءِ ڪجھ ڪتاب قابل ذڪر آهن جن ۾ شاعري سان دشمني، اسحاق سميجو، پيهي پروڙيم، احسان دانش، ھمعصر سياست ۽ ادب قابل ذڪر آهن.

غفور ميمڻ جا لکيل هي مهاڳ ۽ تبصرا تنقيدي ادب ۾ ڳڻائي ته سگهجن ٿا، پر مڪمل تنقيدي چئي نٿا سگهجن ڇاڪاڻ ته ڪنهن به ڪتاب تي نقاد ٿي لکڻ تمام اوکو ڪم آهي ۽ اهڙي تنقيد کي قبول ڪرڻ يا پڙهڻ اڃان به وڌيڪ مشڪل ڪم آهي.

سنڌي سماج اڃان ان جي قابل ٿي نه سگهيو آهي جو هو تنقيد کي برداشت ڪري سگهي. ان ڪري اسان وٽ تنقيد جو معيار بهتر ناهي ٿي سگهيو، نقاد کي رک رکان، لحاظ، نرمي، همدردي جهڙي سلوڪ سان لکڻو پوي ٿو. جنهن سان ادبي فن پارن يا ڪتابن جون ڪافي ڪمزوريون ۽ تضاد نظر انداز ڪيا وڃن ٿا. تنقيد کي رڳو چڱن پاسن تائين محدود رکيو وڃي ٿو. هنن تبصرن ۾ غفور ميمڻ ڪٿي به تنقيدي بي رحمي، يا غير جانبداري جو مظاهرو نه ڪيو آهي. سڀني ڪتابن جي خوبين کي ئي بيان ڪرڻ ڪافي سمجهيو آهي.

ڪتابن جي فڪر ۽ فن کي گهڻو ڇيڙڻ يا ڇهڻ کان پاسو ڪيو آهي. تبصري يا مهاڳ واري روايت کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

***