ناول جي نالي تي موجوده وقت ۾ سنڌي ادب اندر تخليق سان جبر ٿي رهيو آهي، ڪجھ سال اڳ هر ڪوئي پاڻ کي شاعر سڏائيندو هو هن وقت اها ڊوڙ ناول طرف آهي، ناول ڪو ميدان ناهي جتي مقابلو ڪجي، نه ڪو سوشل ميڊيا جو ‘ٽُول’ جنهن ذريعي سستي شهرت يڪدم حاصل ڪري وٺجي. ناول لکڻ لاءِ چلو پچائڻو ٿو پوي، تخليقي مضمون پڙهڻا ۽ پرکڻا ٿا پون، موجوده دور جي قومي ۽ عالمي ادب کي پڙهڻ لازمي آهي جنهن سان حال جي موضوعن، مسئلن، ٿيم ۽ جديد لاڙن/رجحانن جي خبر پئجي سگهي. ناول رڳو خيال ته ناهي، عام روايتي ڳالھ ته ناهي، قصو ٻڌائڻ ته ناهي، پر اهو باغ آهي، پنهنجي پاڻ ۾ سمايل هڪ ڪائنات آهي جنهن ۾ بي جان شيون پنهنجي جوهر ۾ ڳالهائڻ، گهمڻ ڦرڻ ۽ اڳتي وڌڻ جي سگھ رکن ٿيون، ان باغ جو مالهي ليکڪ آهي، جيڪو ان جي سمورن پاسن جي سارسنڀال ڪري ٿو. ناول لکڻ تجرباتي عمل ته ضرور آهي، پر ان سيکڙاٽ کي گهٽ ۾ گهٽ تخليقي دڳ جي خبر هئڻ گهرجي مڪمل طور نئون شخص تخليق سان ناانصافي ئي ڪري سگهي ٿو، جيڪڏهن هن کي بنيادي عنصرن جي خبر ئي نه هجي.
فڪشن جي نالي تي جيڪا فرسٽريشن پڙهندڙ تي ڪڍي ٿي وڃي ان جو مثال اسان وٽ ئي ملندو. ناول ادب ۾ چرچو بڻيل آهي. ويجهڙ ۾ آيل ناول مان نواڻ نڪري رهي آهي صرف معمولي ڳالهيون وڃي رهيون آهن، جلد بازي، جذباتي سطح تي لکيل ناول، فن کان محروم، فڪري اڻاٺ، تبليغي اثرن ۾ جڪڙيل ۽ افسانوي رنگ کان بي رنگ بڻيل ملن ٿا. ناول لکڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڪردار نگاري، منظر نگاري، داخلي ۽ خارجي تضاد، ڪهاڻي ٻڌائڻ، پلاٽ ۾ موجود ادبي ڌارا، سماجي يا نج فني پاسو اهي سمورا عنصر فن/تخليقيت ۾ اچن ٿا. هتي وڏو مسئلو اهو به آهي ته مخصوص صنف تي پروفيشنل طريقي سان ڪم ڪندڙ ماڻهو تمام گهٽ آهن، باقي سڀ پاڻ کي هر صنف جو ماهر سمجهڻ لڳن ٿا جنهن سان ڪم جي انفراديت ۽ شناخت تي اثر پوي ٿو. شيون سطحيت تائين محدود ٿي وڃن ٿيون ۽ ان صنف جي تخليقي اهميت ۽ افاديت کي نقصان رسي ٿو. ها ائين ضرور آهي چند سينيئر ليکڪ ناول جي ڀرم کي قائم رکيو اچن پيا.
”فڪشن لکڻ جو فن” اصل ۾ ناول جي بنيادي عنصرن بابت سٺي ڄاڻ مهيا ڪري ٿو ته هڪ سٺو ناول ڪيئن لکي سگهجي ٿو ۽ ان لاءِ ڇا ضروري آهي. ڪتابThe Art of Fiction جو ليکڪ ڊيوڊ لوج آهي. اڪثر ڪري اسان وٽ ليکڪ هر متضاد خيال پيش ڪندڙ کي تخليق جو دشمن سمجهي ٿو ۽ اها ڳالھ ثابت ڪري ٿي ته تخليڪار جي روپ ۾ ڪافي نام نهاد ماڻهو شامل ٿيل آهن، جيڪي تخليق کي ملڪيت سمجهن ٿا. ڊيوڊ لوج مطابق “تخليق جي اندر ليکڪ جو عڪس ظاهر ٿيڻ پڙهندڙ کي متن کان پري ڪرڻ آهي”(Authors can wield their authority to manipulate narratives) يعني هُن جي ڪردار جي ڪماليت اها هجي ته هو خود مختيار هئڻ گهرجن. ڊيوڊ لوج ان ڳالھ تي زور ڏنو آهي ته تخليق ۾ سڌاري لاءِ پڙهندڙ ۽ ليکڪ جو “اجتماعي” ڪم آهي (authorial intent and reader interpretation) يعني پڙهندڙ متن جي وضاحت پنهنجي تجربن، علم، عقل فهم مطابق ڪندو جنهن سان تخليق جا مختلف پاسا نروار ٿيندا، ممڪن آهي اهي خيال ليکڪ جي برعڪس هجن، هن سان ملندڙ هجن يا وڌيڪ تخليقي هجن جيڪي لکڻي جي عمر وڌائڻ ۾ اهميت ادا ڪن ٿا. تخليق تي ايندڙ هر راءِ ان جي نون پاسن کي دريافت ڪندي آهي ليکڪ هڪ خيال لکيو ان کي خيالن جي چين پڙهندڙ بڻائيندو آهي. افسوس آهي جو اسان وٽ پڙهندڙ جي حيثيت ليکڪ اڳيان ثانوي آهي.
ڊيوڊ لوج مطابق “ڪنهن به تخليق جي اندر پڙهندڙ جو ڪردار مرڪزي هوندو آهي” حقيقت ۾ ڏسجي هر ڪنهن وٽ الڳ ئي شعوري طور سوچ، سمجھ، ادبي ڄاڻ هوندي آهي، ان حوالي سان وري ان ۾ وڌيڪ جان “انٽرٽيڪسچوئلٽي” سان پڻ پيدا ٿيندي آهي جو معنيٰ جا مختلف طرح مختلف ليکڪن ذريعي ظاهر ٿيڻ لڳندا آهن. موجوده سنڌي ناول نگار ڪُند ذهن ان ڪري نظر اچي ٿو جو هو سمجهي ٿو ته جيڪو آهيان مان آهيان، ادبي فن کان بي خبر، لفظن جي لٻاڙپ تائين محدود، ادبي تحريڪن کان بي خبر، منطقي سوچ کان وڌيڪ عقيدي جو قائل، هڪ طرفا خيال پيش ڪندڙ، بنا تجربي ۽ مشاهدي جي مجموعي طور سماج لاءِ راءِ جوڙيندڙ، عالمي ادب اندر ساڳي موضوع جي تخليقن کان لاپرواھي رکندڙ ۽ پڙهندڙ سان گڏ نقاد کي دشمن سمجهندڙ آهي جڏهن ته لوج مطابق”once a text is published, the author loses control over its interpretation” (ناول شايع ٿيڻ کان بعد ۾ ليکڪ جو ان ۾ ڪو عمل دخل قابل قبول ناهي)، پر انڌي وڏيري جيان اها پڻ هن جي جاگير بڻجي وڃي ٿي. روليند بارٿ به “ليکڪ جي موت” وارو تصور ان نوعيت تي ڏنو هو. ڏٺو وڃي ته ادب آهي ئي بحث لائق جنهن سان ان ۾ وقت سان گڏ تبديليون، ترميمون ٿينديون رهنديون، صحتمند بحث صحتمند ادب کي پيدا ڪنداliterature as an evolving dialogue rather than a fixed message اسان وٽ جيڪو لکيو ٿو وڃي ان کي ئي درست، حتمي ۽ طئي ٿيل سمجهيو ٿو وڃي جڏهن ته جديديت پڄاڻان جي اندر معنيٰ جون خد مختلف شڪليون آهن(fluidity of meaning) جن تحت متن کي ڏٺو ٿو وڃي.
جديدت ۽ حقيقت نگاري:
ڪتاب ۾ حقيقت ۽ جديديت تي بحث ٿيل آهي. حقيقت نگاري ۾ زندگي جو جيئن جو تيئن تصور پيش ڪري انهن جي داخلي ڀڃ ڊاھ، تضادن ۽ سماجي حالتن جي بنياد تي عڪاسي ڪئي ويندي آهي. واقعن جي ترتيب هوندي آهي، نيريٽو ۾ ٻاهرين قوت جو عمل دخل(authorial intervention) گهٽ هوندو آهي. اڪثر ڪري ان ۾ سماجي بڇڙاين تي تنقيد ڪري زندگي جي حال واري صورتحال کي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. حقيقت نگاري مان مراد ائين ناهي ان ۾ سڌا سنوان بيان هجن ان ۾ افسانوي رنگ لازمي آهي، اهو جينر آهي جنهن جا مڪمل الڳ قاعده ۽ قانون آهن، گهرجون آهن(genre, with its own rules and protocols for constructing a fictional world)
جديديت ۾ ڪافي شيون ابتڙ ٿين ٿيون جنهن ۾ نيريٽو مڪمل تبديل هوندو آهي، خيالن جو وهڪرو، غير روايتي طريقا اپنايا ويندا آهن، معروضي حقيقت کان وڌيڪ نفسياتي پيچيدگين تي زور ڏنو ويندو آهي. ان ۾ ويڳاڻپ، سماج جو تبديل ٿيندڙ نقشو، ڪجھ اٿاريل سوال جيڪي پڙهندڙ کي وضاحت ڏيڻ بدران سوچڻ تي مجبور ڪندا آهن. يعني ٻنهي جي فرق کي ڏسنداسين ته معروضي حقيقت ۽ داخلي تجربن(internal experiences and subjective realities) يعني هڪ ۾ سماجي تبديليون ۽ ٻي فرد خد ڪٿي ۽ ڪيئن آهي. ڊيوڊ ٻنهي کي اهم سمجهو آهي. جديديت ۾ اهم نالا البرٽ ڪاميو، ڪافڪا، دوستوسڪي، ورجينيا وولف ۽ ٻيا شامل ڪري سگهجن ٿا. يعني ڏٺو وڃي ته جديديت کان پهريان وارو ادب معروضي حالتن تائين محدود هو، خارجي دنيا ته ادب ۾ هئي، پر فرد جي پنهنجي پيڙاءُ، ڀوڳنا، داخلي ڪائنات غائب هئي. جڏهن ادب فرد جي بابت لکجڻ لڳو ته لازمي آهي ان اندر پڻ نوان پاسا ظاهر ٿيا، نيون تحريڪون اڀريون، نوان رجحان جنم وٺڻ لڳا جيئن علامت نگاري، وجوديت، شعوري وهڪرو، ناڪاريت، سريئلزم جهڙن رجحانن جنم ورتو. انهن پاسن جي تناظر ۾ موجوده ناول تي ڳالهائجي ته اسان جا چند سينيئر اديب آهن جيڪي انهن پاسن کي ڇهن ٿا باقي مخلوق ته الاهي پري بيٺل نظر اچي ٿي، اهي تجربا معجزي طور اسان جي ڪنهن ناول ۾ ملي وڃن ٿا نه ته اڃان تائين گهڻو ڪري حقيقت نگاري تي ڀرپور ڪم ٿي رهيو آهي، پر ان ۾ به افسانوي پاسي کي حقيقت جي نسبت گهٽ سمجهو ٿو وڃي.
انٽرٽيڪسچوئلٽي:
ڊيوڊ لوج مطابق “هر متن ٻئي سان جڙيل رهي ٿو” مطلب ڪابه تخليق پاڻ تائين محدود نٿي رهي. تڏهن ته رولينڊ بارٿ ۽ جوليا ڪرسٽيوا چيو هو
reading and writing are inherently influenced by previous works
انٽرٽيڪسچوئلٽي اصل ۾ موجود متن کي ماضي جي ادب سان ڀيٽ ڏئي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو ۽ معنيٰ جي وسيع تناظر ۾ خبر پوي ٿي. ان سان پڙهندڙ پڻ وڌيڪ دلچسپي وٺڻ لڳي ٿو، اهو روايتي قسم جي نيريٽو کي للڪارڻ(subvert traditional narratives) پڻ آهي. ان جي اندر ميٽا فڪشن اضافي خوبي آهي. ان طريقي سان پلاٽ ۾ تازگي رهي ٿي. لوج مطابق “انٽرٽيڪسچوئلٽي انتهائي ضروري آهي ڪنهن به ناول جي اندر جنهن سان روايت پرستي جي مخالفت پڻ ٿئي ٿي” ان پاسي تي سنڌي ناول ڀرپور ۽ سگهارو آهي. ان جو ٻيو پاسو اسان کي جديديت پڄاڻان جي ذريعي ملي ٿو جيڪو هڪ الڳ بحث آهي. هتي صرف ان کي ميٽا فڪشن جي تناظر ۾ ڏٺو ويو آهي.
ناڪام ناول:
ڪمزور پلاٽ نگاري، تضاد جو غائب ٿي وڃڻ، زمان مڪان تي ڪنهن به قسم جو ڌيان نه ڏيڻ، جڙتو ۽ هٿرادو ڪردار نگاري(stereotypical characters)، ڪهاڻي ۾ ترتيب جي کوٽ، اوچتا واقعا، اجائي طوالت ڪرڻ، ڪردارن کي ڪٺ پتليون بڻائي پيش ڪرڻ، اخلاقي سبق سيکاري تبليغ ڪرڻ، ٿيم تي ‘هوم ورڪ’ جي کوٽ، موضوعاتي ڄاڻ نه هئڻ، ڪهاڻي ٻڌائڻ جي غير روايتي طريقن جي خبر نه هئڻ اهي ڪمزوريون آهن. لوج مطابق ڪنهن به “پلاٽ اندر واقعن جي پيشنگوئي(foreshadowing) لازمي آهي” جنهن سان تجسس برقرار رهي ٿو ۽ ڪهاڻي گڏ وٺي هلندي آهي. ان سان گڏ ناول لکندڙ کي هيرو(Protagonist) جي خبر هئڻ گهرجي ۽ دشمن(Antagonist) جي پڻ. حقيقت ۾ اسان وٽ ليکڪ ان معاملي ۾ پڻ منجهيل رهي ٿو، جتي هيرو جي موجودگي لازمي هوندي اهي اتي مخالف ڪردارن کي آڻي مرڪزي ڪردار سان ڄڻ ناجائزي ڪئي وڃي ٿي. هيرو ۽ مددي ڪردارن جي فعل ۾ فرق هئڻ گهرجي.
اسان وٽ سواءِ چند قسمن جي ڪهاڻي ٻڌائڻ جو انداز ساڳيو روايتي (overly formulaic) آهي. تخليقي طور ان پاسي تي ڪم ٿئي نٿو جنهن کي ڊيوڊ لوج ضروري قرار ڏنو آهي. ڪردار گڏا بڻيل نه هجن. بنيادي طور ته گذريل 23 سالن جي بڪر پرائيز ناولن کي پڙهنداسين ته انهن ۾ تجرباتي طور جديديت پڄاڻان جا ڪافي عنصر ملن ٿا، خاص ڪري ڪهاڻي ٻڌائڻ واري فني حوالي سان نوان پاسا آهن. لوج مطابق اهي تجربا بي حد نه ٿيڻ گهرجن(extreme fragmentation or experimentation) جن سان پلاٽ لوڏن ۾ اچي وڃي ٿو ۽ پڙهندڙ منجهي پوي ٿو جيئن تازو نسيم پارس گاد جو ناول سريئلزم تي زور ڏيندي باقي پاسن کان محروم ٿي ويو آهي. پڙهندڙ ان بيزاريت ۾ ڪتاب کي بند ڪري رکي ٿو بقول لوج جي “هڪ سٺو ناول نگار اهو آهي جنهن جو ناول پڙهندڙ کي ايترو مجبور ڪري جو هو ڪتاب کي پڙهڻ کان بنا ائين بند ڪري نه رکي ڇڏي، پر مڪمل ڪري.”
ٻولي:
پلاٽ ۾ موجود لکيل لفظ ناهن هوندا، پر ڪردارن جي زندگي جي ترجماني ڪندڙ شڪليون هونديون آهن. جملن جي ادائگي ڪهاڻي جي رفتار هوندي آهي، ڪيفيتن جي ترجماني ڪرڻ جو فن آهي. لوج نثر کي پڻ اهم چيو آهي، مطلب ٻولي، تشبيهون ۽ هم آواز لفظ پڙهندڙ کي گهڻو موهيندا آهن. (visualize abstract concepts) يعني ليکڪ وٽ هڪ انفراديت رکندڙ اسلوب هجي جنهن سان هن جي ڪردارن جي جذبات کي سمجهي سگهجي. ان سان پڙهندڙ متاثر گهڻو ٿيندو.
ڪردار نگاري:
ڪردارن کي فليٽ (flat) هئڻ بدران رائونڊ(round) هئڻ گهرجي يعني جيڪي اصل انسان لڳن. پڙهندڙ ليکڪ جي ٻڌايل ڪهاڻي کان وڌيڪ ڪردارن جي بناوٽ ۽ زندگي جي ارتقا کي اکين سان ڏسڻ لڳي. ڪردارن جي شناخت ڊائلاگ سان ٿيندي آهي، روين سان ٿيندي آهي جن تي ليکڪ کي باقاعده فني قابليت هجي جنهن جي اسان وٽ شديد کوٽ آهي. ڪردار نگاري تي باقاعده ڪم ٿيل هوندو ته سگهارو پلاٽ جڙندو. ڪردارن جا فعل اهڙا هئڻ گهرجن جو حقيقي محسوس ٿين(crucial to crafting actions that feel authentic within the story’s context) لوج مطابق “هڪ ڪامياب ناول نگار اهو آهي جنهن جا ڪردار ڳالهائڻ لڳن” مطلب ڪردار صرف پلاٽ جي گهرج ناهن، پر ضرورت آهن، ان کي سهارو ڏيندڙ آهن، ليکڪ ۽ پڙهندڙ جي وچ ۾ گفتگو جو ذريعو آهن. اسان وٽ ڪهاڻي اندر ڪنهن بوتي جو نالو رکڻ ڪردار ٿي وڃي ٿو، اهو بوتو ڪنهن به قسم جي چرپر ڪرڻ جي قابل نٿو رهي سواءِ ليکڪ جي سهاري جي يعني ايبنارمل ڪردار ۽ گونگا ڪردار اسان کي گهڻا ملن ٿا. مجموعي طور هي ڪتاب ليکڪ کي لازمي پڙهڻ گهرجي. لوج سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته تخليقيت ۽ ناول جو فن ٻئي اهم آهن. يعني تخيل، تخليقي صلاحيتون ۽ ڪرافٽ لازمي آهي. هن”life-likeness” جو تصور ڏنو جنهن مان مراد افسانوي ادب تي اهڙي طريقي سان ڪم ڪجي جو اهو صرف صفحن تائين محدود نه پر الڳ دنيا جهان محسوس ٿيڻ لڳي.(suspend disbelief and become immersed in the world of the novel) هڪ ناول نگار وٽ نوان خيال، طور طريقا، تجربا ۽ خيال هئڻ گهرجن. بقول لوج جي “ناول جا شروعاتي صفحا پڙهندڙ کي متاثر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن.” ليکڪ کي پلاٽ جو خلاصو/معلومات سنڀالي رکڻ گهرجي ۽ ان ۾ ڀرپور تجسس هئڻ گهرجي. ملائي ڪري ناول جي فن تي هي ڪتاب هر حوالي سان بهتر آهي ۽ سٺي رهنمائي ڪري ٿو.