بلاگنئون

صبح جي ٿڌڙي هير جهڙي شخصيت ”نسرين الطاف قريشي“

ڪي شخصيتون پنهنجو مٽ پاڻ هونديون آهن، تعليم جي ميدان ۾ روشن ڪندڙ نالو، ادبي ميدان ۾ روشن ستارن جيان سدائين افق تي چمڪندڙ، سماجي خدمتن ۾ سدائين اڳڀرو، خدمتن جي سلسلي ۾ هميشه ٻين کان ٻه وکون اڳتي وڌندڙ، بهادري ۽ بي باڪي سان جيئندڙ، ظالم ۽ مرداني سماج ۾ هميشه مهاڏو اٽڪائيندي جرئت سان مقابلو ڪندڙ، اهڙن بهادر شخصيتين مان هن وقت جنهن شخصيت جو ذڪر پيو ڪريان اها آهي  اڄوڪي دور جي مڙس ماڻهو عورت “نسرين الطاف قريشي”، جنهن جو تعارف هن جو نالو ئي ڪافي آهي، جنهن جو پروفائل پڙهندڙن تائين پهچائيندي مون کي به خوشي ٿي رهي آهي.

شهدادپور سنڌ جو مشهور علمي ۽ ادبي شهر رهيو آهي، انهيءَ شهر جو وڏو تعليمدان ۽ پنهنجي وقت جو بهترين استاد سائين “الطاف حسين قريشي” به هڪ آهي، جنهن جي گهر 14 آگسٽ 1965 تي هڪ ڌيءَ جنم وٺي ٿي جنهن جي ڇٺيءَ جو نالو “نسرين” رکيو ٿو وڃي. قريشي خاندان جي چشم و چراغ “نسرين الطاف قريشي” پنهنجي پيءُ جي نالي سان اڳتي وڌي ادبي دنيا ۾ پير پائي ٿي ته انهيءَ نالي کي برقرار رکي ٿي.

سنڌ جي بهترين تعليمدان “نسرين الطاف قريشي” جي تعليمي ميدان تي نظر وجهون ته هن پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي شهر شهدادپور جي گورنمينٽ مين سنڌي پرائمري اسڪول مان، مڊل کان مئٽرڪ گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول شهدادپور، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج شهدادپور مان بي. اي، بي ايڊ ۽ ايم ايڊ اولڊ ڪئمپس حيدرآباد مان ڪيو. اڳتي هلي هن ڊبل ايم اي ڪئي، ايم. اي سنڌي ادب ۽ ايم. اي پوليٽيڪل سائنس سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪئي. پنهنجي شاندار تعليمي ڪيريئر کانپوءِ هن 1985 ۾ پرائمري ٽيچر طور تعليم کاتي ۾ عملي پير پاتو، اڳتي هلي هوءَ ايڇ. ايس. ٽي ٿي ۽ مختلف اسڪولن ۾ هيڊ مسٽريس به رهي. 2007 کان تعليم کاتي ۾ انتظامي پاسي تي اينديADO (f)  مقرر ٿي، اي ڊي او فيميل طور هن سانگهڙ، شهدادپور، سنجهورو، کپرو، ٽنڊوآدم، ڄام علي نواز ۾ ۽ هن وقت هو حيدرآباد ۾ پنهنجي نوڪري جا فرائض انجام ڏيئي رهيون آهن.

سنڌي ادبي سنگت جي عورت جوائنٽ سيڪريٽري رهندڙ انتهائي مان رکندڙ شاعره ۽ اديبا محترمه نسرين الطاف ادبي کيتر ۾ پير پنهنجي ٻاراڻي وهي ۾ پاتو. سندس چوڻ موجب مختلف شاعرن جي شاعري جي ڪتابن کي پڙهڻ سان شوق ٿيو ۽ ٻاراڻي وهي ۾ ٻاراڻي شاعري،  ڪهاڻيون ۽ مضمون لکيا جيڪي هن وقت جي ٻارڙن جي مشهور رسالن گل ڦل، ٻارڙن جي ٻاري ۽ گلن جهڙا ٻارڙا ۾ شايع ٿيا. لکڻ جو سلسلو جاري رکندي اڄ تائين سنڌ جي هر مئگزين، رسالي توڙي اخبارن ۾ ڇپجي رهي آهي. سندس مواد عبرت مئگزين، سنڌو ڊائجسٽ، بختاور، سرتيون، هزار داستان، سوجهرو، ڪاوش، آفتاب، سرواڻ، سنڌ نيوز، الوحيد، تعمير سنڌ ۽ ٻين به ڪيترين اخبارن ۽ ميگزينن ۾ ڇپجندي، اڄ هوءَ صف اول جي اديبن ۽ شاعرن ۾ شمار ڪئي ٿي وڃي ۽ سنڌي ادب ۾ سندس مقام هڪ مان، مرتبي ۽ عزت وارو آهي، کيس هميشه عزت ۽ احترام  جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي.

عزتون ڏيندڙ ۽ عزتون وٺندڙ جا سڀ گر ڄاڻندڙ نسرين الطاف ادب توڙي سماجي سرگرمين ۾ هميشه مصروف ۽ سرگرم عمل رهي آهي. بهترين ڪمپيئر آهي ۽ تقرير ڪرڻ جو بهترين ڏانءُ اٿس، سوين ادبي پروگرامن ۾ اسٽيج تي ويٺلن ۾ نظر ايندڙ لاتعداد ثقافتي پروگرامن، مختلف چئنلن جنهن ۾ ڪي ٽي اين، سنڌ ٽي، مهراڻ، ڌرتي، آواز ۽ پي ٽي وي جي مارننگ شوز، ٽاڪ شوز، عورتن توڙي عيد جي خاص پروگرامن ۾ هميشه  مهمان جي حيثيت ۾ مدعو ڪيو ويندو آهي.

ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ 1987 ۾ پروڊيسر الاهي بخش ٻانڀڻ جي هڪ ڪلاڪ جي پروگرام ۾ هن ميزباني جا فرائض انجام ڏيندي ريڊيو جو سفر شروع ڪيو ته کيس ڀرپور موٽ ملي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي 3 سال سگهڙين سٿ پروگرام، 2 سال ادبي پروگرام جي ميزبان جي حيثيت ۾ فرائض انجام ڏنا. ان کان علاوه نسرين الطاف “سنڌي ادبي سنگت شاخ حيدرآباد” جي “جوائنٽ سيڪريٽري” به رهي آهي. حيدرآباد جي هر ادبي پروگرام ۾ سندس شرڪت لازمي هوندي آهي انهيءَ مان ثابت ٿئي ٿو ته سندس ادبي مقبوليت ڪڏهن به گهٽ نه ٿي آهي.

سنڌ جي نالي واري شاعره جا هيٺيان ڇھ ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. (1) درد جي ڇانو ۾ (شاعري) 2015. (2) رڻ رڙيون ٿو ڪري (شاعري)            2016. (3) رات وهامي ٿي (شاعري) 2017. (4) مون ۾ تون موجود   (شاعري) 2018. (5) شمع ٻاريندي شب (شاعري) 2019. (6) منهنجا گيت اڃارا (شاعري) 2022.

اڻ ڇپيل ڪتابن بابت ٻڌائيندي چيائين، ٽي ڪتاب بلڪل تيار آهن، انهن ۾ هڪ ڪتاب مختلف اخبارن ۾ ڇپيل ڪالمن جو، ٻيون ڪتاب ڪهاڻين جو مجموعو ۽ ٽيون ڪتاب شاعري جو مجموعو جيڪي تمام جلد پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچندا. تقريبن هر سال ڪتاب آڻيندڙ سنڌ جي عظيم شاعره ادبي توڙي علمي سرگرمين ۾ هميشه نمايان نظر آئي آهي، شاعري جي دنيا ۾ سندس نالو هڪ اعليٰ مقام جي حيثيت رکي ٿو. ادب جي ميدان ۾ محترمه نسرين قريشي پنهنجي رهبري لطيف سائين، شيخ اياز، استاد بخاري، فيض احمد فيض جي ڪتابن کي پڙهڻ سان سمجهي ٿي.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي کي رهبر ڪتاب سمجهندي، مٿي ذڪر ڪيل شاعرن جي ڪتابن کي هميشه مطالعي هيٺ رکندي سنڌ جي هر شاعر جي ڪتابن کي پڙهندي اڳتي وڌي پاڻ به هڪ بهترين شاعرائن جي لسٽ ۾ شامل ٿي وئي آهي. اهو سڀ ڪجھ سندس وسيع تر مطالعي ۽ محنتن جو ثمر آهي. سنڌ جي صوفي ۽ فقير منش شاعره انتهائي سادي طبيعت رکندڙ، ٿورو ڳالهائيندڙ، پر سٺو ڳالهائيندڙ درويش صفت انسان نسرين الطاف حساس دل، نازڪ ۽ نفيس طبيعت رکندڙ عورت آهي. توڙي جو کيس ڪيترا ڏک مليا اٿس، پر پاڻ ڪنهن جو به ڏک ڏسي نه سگهندي آهي. سلڇڻي ۽ سٻاجهڙي طبيعت رکندڙ عزت ۽ احترام سان ڳالهائيندي آهي. پاڻ ادبي ڪارڪن سان گڏ سماجي ڪارڪن به آهي. سنڌ جي ثقافتي رنگن سان بي انتها محبت اٿس، ادبي محفلن ۾ هميشه سنڌي ثقافتي ڪپڙا پهرينديون آهن، ايتري قدر جو سندس گهر سنڌي پينگهي ۽ ثقافتي رنگن سان سينگاريل ۽ سنواريل نظر ايندو آهي.

سنڌ جي انتهائي معتبر ادبي شخصيت نسرين الطاف کي شاعري جي ميدان ۾ مٿي ذڪر ڪيل شاعرن کانسواءِ حسن درس، روبينا ابڙو، پروين شاڪر، استاد بخاري به پسند آهن. جڏهن ته سياست ۾ ذوالفقار علي ڀٽو  ۽ آئيڊيل شخصيت پنهنجي پيءُ الطاف حسين قريشي کي سمجهي ٿي.  سنڌ جي زنده دل شخصيت راڳ کي روح جي غذا سمجهندي صوفياڻا ۽ ڪلاسيڪل موسيقي شوق سان ٻڌندي آهي، عابده پروين، لتا منگيشڪر، سينگار علي سليم، سڄڻ سنڌي، اميد علي خان، صادق فقير، رجب فقير، احمد مغل کي پسند جي فنڪارن ۾ شامل ڪري ٿي. نسرين الطاف کي ادبي توڙي سماجي کيتر ۾ ڪيترن ئي ايوارڊن جهڙوڪ: سنڌ صحافي سنگت، ڀٽائي آرٽس ڪائونسل، مهراڻ آرٽس ڪائونسل، پهلا قدم آرگنائيزيشن، سافڪو، هينڊز، تعليم کاتو حڪومت سنڌ کانسواءِ ڪيترن ئي ادبي تنظيمن طرفان شيلڊز ۽ سرٽيفڪيٽن سان نوازيو ويو آهي. سنڌ جي سدا بهار شخصيت نسرين الطاف کان دلچسپي خاطر ننڍا ننڍا سوال پڇندي پهريون سوال ڪيم.

زندگي ۾ اها ڪهڙي خوشي ملي جنهن توهان جي زندگي بدلائي ڇڏي هجي؟

جواب ڏيندي چيائين: ها اها خوشي زندگي ۾ هڪ سٺي جيون ساٿي جي ملڻ سان ملي، جنهن منهنجي زندگي بدلائي ڇڏي.

ڪو اهڙو غم جيڪو وسري نه سگهيو هجي؟

بابا جو وڇوڙو، بابا جي وڇڙڻ جو غم ڪڏهن نٿو وسري ۽ نه وسرندو.

رهجي ويل خواهش بابت چيائين، اولاد جي هجڻ واري خواهش پوري نه ٿي.

نسرين الطاف جو وڻندڙ شهر پنهنجو جنم ڀومي ۽ سهڻي ميهار جو شهر شهدادپور آهي، پنهنجي شهر بابت چيائين افسوس اڄ اهو امن ۽ محبتن وارو شهر ساڳيو نه رهيو آهي.

ڪپڙن جي رنگن ۾ سڀني رنگن کي پسند ڪندي چيائين سڀ رنگ پسند اٿم ڇو ته هر رنگ جي پنهنجي سونهن آهي.

موسمن ۾ کيس جهڙالي ٿڌي موسم،

خوشبوءِ ۾ موتئي جي خوشبوءِ، پهرن ۾ شام جو پهر لهندڙ سج جو سمان. جڏهن ته کاڌن ۾ سنڌي پلاءُ ۽ پلو کي خاص پسند ڪري ٿي.

سنڌ جي تعليم کاتي جي شهرت ماڻيندڙ علمي شخصيت نسرين الطاف قريشي جڏهن سانگهڙ ضلعي جي مختلف اسڪولن خاص ڪري شهدادپور ۾ اي ڊي او فيميل رهي ته هن پنهنجي ذاتي دلچسپي وٺي گرلس اسڪولن ۾ غير نصابي سرگرميون شروع ڪرايون، اسڪولن ۾ ماحول جي آلودگي ختم ڪرڻ لاءِ وڻ لڳرايا، جن اسڪولن ۾ نياڻيون گهٽ هيون يا جن ڳوٺن ۾ ڇوڪرين کي تعليم ڏيارڻ جو شعور نه هو، انهن علائقن جي سياسي ۽ سماجي شخصيتن، والدين سان ملاقاتون ڪري کين اسڪولن ۾ نياڻين کي تعليم ڏيارڻ لاءِ آماده ڪيو ۽ سندس ڪوششن سان اسڪولن ۾ نياڻين جو تعداد وڌڻ لڳو. اي ڊي او (فيميل) جي حيثيت سان جتي به رهي اتي ذاتي ڪوششون وٺي بند پيل اسڪول کولرايا، ماسترياڻين جي ويزا سسٽم تي ڪنٽرول ڪيو، اسڪولن ۾ تعليمي ماحول ۽ نظام سڌاريو. نياڻين جي تعليم لاءِ ايڏي جدوجهد ڪندڙ با وقار آفيسر ۽ شخصيت کان آخر ۾ پڙهندڙن لاءِ پيغام ورتم ته انتهائي مختصر پر جامع  پيغام ڏيندي چيائين:

“پنهنجين نياڻين کي پڙهايو”. سنڌ جي نالي واري اديبا، شاعره، تعليمدان، هڏڏوکي آفيسر، سماج سڌارڪ شخصيت، انتهائي با اخلاق، سٻاجهڙي طبيعت رکندڙ، ملڻسار، هر اسٽيج ۾ سڏ ڏيندڙ، ادب، اخلاق ۽ ملڻساري، سٺي سڀاءَ واري هيءَ عظيم خاتون جنهن پنهنجي وس آهر پنهنجي هر علمي،  ادبي توڙي سماجي ميدان ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون آهن. اهڙي شخصيت کي هن مرداني سماج ۾ ڪجھ ادبي ماڻهن طرفان اذيتون به مليون آهن. هن ڀوڳنائون ڀوڳيون آهن اهنج ۽ ايذاءُ سٺا آهن، پر هن هميشه انهن انهن سورن ۽ اذيتن کي بهادري، جرئتن ۽ همتن سان منهن ڏنو ۽ مقابلو ڪيو. دلير ۽ بهادر خاتون نسرين الطاف کي زندگي به گهڻا ڏک ڏنا آهن ۽ خوشيون به ڏنيون آهن، جن کي هن خوش اصلوبي ۽ زنده دلي  سان گذاريو آهي. سنڌي ادب جي گهڻگهرن جنهن نسرين الطاف جا سڀ ڪتاب پڙهيا آهن انهن کي سندس ايندڙ ڪتابن جو بي چيني سان انتظار آهي، اميد ته سندس ايندڙ ڪتاب تمام جلد اسان پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچندا ۽ دلين ۾ جايون حاصل ڪندا. منهنجي دعا آهي ته سنڌي ادب جي روشن ستاري ۽ چوڏهين جي چنڊ جيان چمڪندڙ نسرين الطاف قريشي سنڌي ادب جي تاريخ ۾ سدائين مهڪندي ۽ مرڪندي رهي، سنڌي ادب جي تاريخ ۾ سندس نالو لکجندو رهي، پنهنجي زندگي ۾ سدائين خوشين ۽ بهارن جيان رهي ۽ خوشيون، مرڪون، مهڪون، ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون سدائين هن جا قدم چمنديون رهن- آمين.

***