ايڊيٽوريلنئون

وفاقي ڪابينا ۾ واڌ ۽ رد و بدل جا امڪان

ملڪ جي وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا ۾ واڌ ۽ ردوبدل جي سلسلي ۾ مشورا مڪمل ڪري ورتا آهن. توقع آهي ته هن سلسلي ۾ فيصلو ايندڙ مهيني سال 2025 ۾ ٿي ويندو. ملڪ جي انتظامي معاملن ۾ وفاقي ڪابينا جو ڪردار انتهائي اهم آهي. سڄي ملڪ جي ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ انتظامي ۽ قانوني فيصلن تي سڀ کان پهرين وفاقي ڪابينا جي منظوري ضروري هجي ٿي، تنهن بعد ئي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ اهڙن قانوني ۽ انتظامي ڪمن کي منظور ڪندي آهي.
ائين چئون ته وفاقي ڪابينا وزيراعظم جي اڳواڻي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. وزيرن جي ڪابينا جي صدارت وزيراعظم خود ڪندو آهي ۽ قانوني طرح ئي ڏسجي ته اها حڪومت پاڪستان جي خود مختيار مجلس آهي. جنهن کي گهڻا انتظامي ۽ قانوني اختيار مليل آهن. اسانجي ملڪ جي تاريخ ۾ گهڻو ڪري ڪابينا چونڊيل نمائندن تي مشتمل هوندي آهي. 1973 جي آئين ۾ وفاقي ڪابينا کي تمام اهم اختيار مليل آهن. وزيراعظم شهباز شريف جي گذريل حڪومت ۽ ڪابينا ۽ موجوده حڪومت جي ڪابينا ڪاميابي سان ڪم ڪيو آهي جو تازو حزب اختلاف جي اهم رهنما باني پي ٽي آئي موجوده حڪومت جي ساراهه ڪرڻ تي مجبور ٿيو آهي. اهو سڀ سياستدان ۽ مالياتي ماهر مڃن ٿا ته موجوده حڪومت جي ڪارڪردگي بهترين رهي آهي. ميان شهباز شريف جي گذريل حڪومت جي به ساراهه ڪئي وڃي ٿي. گذريل حڪومتن جي دور ۾ ملڪ جا مالياتي معاملا هٿن مان نڪري رهيا هئا ۽ ملڪ جي ڊيفالٽ ڪرڻ جون ڳالهيون عام هيون ۽ ملڪ ۾ حزب اختلاف جون سياسي جماعتون انهيءَ عمل تي ڄڻ ته خوش هيون. ملڪ مالياتي ڏيوالپ ۾ وڃي رهيو هو ۽ اسين ڪهڙا عوام دوست ۽ وطن دوست هئاسين جيڪي خوش ٿي رهياسين. اهو سوچي ۽ ڏسي هر پاڪستاني افسوس جو شڪار ٿئي ٿو، پر جيڪڏهن ڪم ڪرڻ جي صلاحيت هجي ۽ ڏکين حالتن مان پار ٿيڻ جو ارادو هجي ته پوءِ ڪا ڳالهه مشڪل ناهي. سڀني اهو ڏٺو ته گذريل حڪومت مالي معاملن کي بهتري سان حل ڪيو. ملڪ جي عوام به قرباني ڏني. مهانگائي کي منهن ڏنو، ٽيڪس ادا ڪيا. ائين ملڪ، عوام ۽ سياسي رهنمائن گڏجي بهتر حڪمت عملي سان ڏکين حالتن کي منهن ڏنو ۽ ملڪ جا مالي حالات بهتر ڪيا. اهو چوڻ ۾ ڪا هٻڪ نه آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ انهن جي وزارتن بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ۽ سڄي دنيا سان مالي معاملات بهتر ڪيا. اسين هتي وفاقي ڪابينا ۾ ايندڙ مهيني تبديلي جي ڳالهه پيا ڪريون. ڇاڪاڻ جو پوين مثالن ۾ وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا جو مثال اهم آهي ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن به وساريو نه ويندو. 8 فيبروري 2024 تي ٿيل چونڊن جي نتيجي ۾ موجوده وفاقي حڪومت ۽ ان جي ڪابينا وجود ۾ آئي آهي. هيستائين انهن جي ڪارڪردگي بهترين رهي آهي. حزب اختلاف جنهن جو ڪم ئي حڪومت تي تنقيد ڪرڻ هوندو آهي. اها به موجوده حڪومت ۽ انهيءَ جي ڪابينا جي ساراهه ڪري رهي آهي. هتي اها ڳالهه به ڪندا هلون ته گذريل ۽ موجوده ڪابينا جي سربراهه ۽ ان جي وزيرن تي ڪوبه اسڪينڊل ڪونهي. مالي ۽ اخلاقي معاملن ۾ ڪوبه هڪڙو مثال ڪونهي جنهن ۾ حزب اختلاف سرڪار تي تنقيد ڪري سگهي. شفافيت سان جڏهن حڪومت هلائجي ته مسئلن جي حل ٿيڻ جا امڪان آهن. وزيراعظم ميان شهباز شريف پنهنجي ساٿين سان مشاورت مڪمل ڪري ورتي آهي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ حڪومت جي اتحادي جماعتن سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي ۽ انهن کي به اعتماد ۾ ورتو ويو آهي. ذريعا اهو ٻڌائن ٿا ته ڪابينا ۾ تمام گهڻي ردوبدل نه ٿيندي. وفاقي ڪابينا ۾ اهم ترين شموليت وزيراعظم جي اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري سيد توقير شاهه کي وزارت جو منصب ڏنو ويندو.
هتي اها ڳالهه پڌري ڪجي ته وفاقي ڪابينا موجوده وقت ۾ 18 وزيرن تي مشتمل آهي ۽ وفاقي وزيرن جي کاتن جو تعداد 33 آهي. لڳي ٿو ته وزيراعظم پنهنجي جماعت مسلم ليگ نواز جي ڪجهه قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي وزيرمملڪت جون ذميداريون ڏيڻ چاهي ٿو، هتي اسين صرف ايتري ڳالهه ٿا ڪريون ته سياسي پارٽين جا پنهنجا مفاد هوندا آهن، پر اسين ميان شهباز شريف کان اميد ٿا رکون ته هو پنهنجي ڪابينا ۾ بهتر ماڻهن کي شامل ڪندو، جيئن اسانجي ملڪ ۾ سياسي ماحول کي بهتر ڪري سگهجي ۽ ملڪ جي ترقي جو سفر آسان ٿي سگهي.