پاڪستانخاصنئوننيو‍‍ز

ايم ڪيو ايم جو باني الطاف حسين لنڊن مان گرفتار

ايم ڪيو ايم جي باني الطاف حسين کي لنڊن ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. اسڪاٽ لينڊ يارڊ صبح سوير سندس گهر تي ڇاپو هڻي کيس گرفتار ڪري ورتو آهي. گرفتاري بعد ايم ڪيو ايم جي سرواڻ کي مقامي پوليس اسٽيشن تي آندو ويو. ساڳئي وقت سندس گهر تي پوليس جي تلاشي اڃان به جاري آهي. اطلاعن موجب اتر لنڊن ۾ ڇاپي دوران 15 پوليس آفيسر شامل هئا. ٻئي پاسي ميٽرو پوليٽن پوليس طرفان بيان جاري ڪيو ويو آهي ته ايم ڪيو ايم جي هڪ شخص کي سندس گهر مان گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن جي عمر لڳ ڀڳ سٺ سال آهي. گرفتاري سيڪشن 44 جي خلاف ورزي ڪرڻ تي ڪئي وئي آهي. جڏهن ته گرفتار ٿيل شخص تي ڄاڻي واڻي جرم جي حوصلا افزائي ۽ مدد جو الزام آهي. ميٽرو پوليٽن پوليس مطابق تحقيق هيٺ ٻن جاين جي تلاشي ورتي پئي وڃي. گرفتاري جو سبب آگسٽ 2016 ۽ ان کان پهرين ڪيل تقرير جو پسمنظر بڻيو آهي ۽ تحقيق ۾ پاڪستاني ادارا به انهن سان گڏ شامل آهن.