سانگهڙ جي مندر مان رقم ڦر
سانگهر لڳ جوهي ٽائون ۾ چئن ٻُٽ ٻڌل شر پسندن شري گرو ڌاريج سوامي مندر ۾ گهڙي مندر اندر رکيل لوهي صندوق مان رقم ڦر ڪري ويا آهن. جنهن جي ڪاٿي جي خبر اڃان نه ٿي سگهي آهي. سانگهڙ جي لوڪل هندو ڪميونٽي جي ترجمان راجيش ڪمار هرداساڻي مطابق چار هٿياربند مندر جي خالي هٿين سنڀال ڪندڙن کي حراسان ڪندي مندر ۾ گهڙي ويا. جنهن بعد مندر ۾ رکيل صندوق ۾ موجود رقم ڦر ڪري ويا. راجيش ڪمار وڌيڪ چيو ته ڦورو مندر ۾ موجود سي سي ٽي وي ڪيمرا جو ريڪارڊر به چورائي ويا آهن.