بلاگخاصنئون

چندرو آڏواڻي ۽ جاپان جو 1923 وارو زلزلو

الطاف شيخ جو سفر نامون “جي وڃين تون جاپان” مان کنيل

چندرو آڏواڻي ۽ جاپان جو 1923 وارو زلزلو

الطاف شيخ

توهان مان جن کي جاپان جي جاگرافي يا دنيا جي نقشي تي ان جي بيهڪ جي خبر نه آهي انهن جي ڄاڻ لاءِ ٻڌائيندو هلان ته جاپان جو ملڪ ملائيشيا يا اسان جي پاڪستان، ايران يا افغانستان وانگر زمين جو هڪ چڪ نه آهي، پر مختلف ٻيٽن جو مجموعو آهي جن ۾ ڪي وڏا پلين، ٽنلن (سرنگهن) ذريعي ڳنڍيل آهن ته ڪيترا ننڍا ننڍا چوڌاري سمنڊ ۾ پکڙيل آهن، جيئن انڊونيشيا آهي. انڊونيشيا به پاڪستان، بنگلاديش يا ايران وانگر ڌرتيءَ جو هڪ Piece ناهي. اهو مختلف ٻيٽن جو مجموعو آهي جيئن ته سماترا، جاوا، بورنيو ٻيٽ جو وڏو حصو جيڪو ڪاليمنتان سڏجي ٿو، سلاويزي (Sulawesi)، سنڊا ٻيٽ، ملوڪو، بالي وغيره، اهي ته ٿيا وڏا وڏا ٻيٽ. انهن کان علاوه انهن جي چوڌاري ننڍا ننڍا سوين نه پر هزارين ٻيٽ آهن جن جو تعداد 13000 کن آهي ۽ انڊونيشيا دنيا جو وڏي ۾ وڏو ٻيٽن وارو ملڪ آهي. اهڙي طرح فلپين آهي جيڪو 7641 ٻيٽن جو مجموعو آهي. پر سواءِ ٽن وڏن ٻيٽن: لوزون، وساياس ۽ منڊانو جي باقي ننڍا ننڍا آهن جن مان ڪيترا ته ايترا ننڍا ۽ گهٽ اوچائيءَ وارا آهن جو جڏهن 24 ڪلاڪن ۾ ٻه دفعا سامونڊي وير چڙهي ٿي ته ٻڏيو وڃن. ڪي وري ويران آهن، ڪي گهاٽن جهنگلن ۽ جانورن ڪري انسان ذات کان خالي آهن. بهرحال ٻيٽ ننڍا هجن يا وڏا، آباد هجن يا ويران، سمنڊ مٿان ظاهر هجن يا سمنڊ اندر ٻڏل پاڻيءَ جا جهاز هلائڻ وارن لاءِ وڏو مٿي جو سور هوندا آهن جو ٿوري بي خيالي يا حساب ڪتاب ۾ غلطي ڪرڻ سان جهاز انهن مٿان چڙهي تباهه ٿي سگهي ٿو. اهڙن ملڪن جو ڪنارو ڏئي هلڻ کان بهتر آهي ته کليو سمنڊ وٺي هلجي. ڀلي کڻي ڪيڏيون به سامونڊي لهرون هجن، طوفاني هوائون (ٽائفون/سائڪلون) هجن. گهٽ ۾ گهٽ جهاز جي هيٺان ته اونهو سمنڊ هوندو ۽ پاسي تي ڪنهن زير آب ٻيٽ تي چڙهي وڃڻ جو ته خطرو نه هوندو. مجبورن منيلا يا جڪارتا وڃڻو پوي ٿو ته پوءِ اهڙن فلپين ۽ انڊونيشيا جهڙن ملڪن ۾ گهڙڻو پوي ٿو.

اهو به لکندو هلان ته دنيا ۾ جاپان، انڊونيشيا، فلپين جهڙا ڪي چار پنج ملڪ نه آهن ڪيترائي آهن. بلڪه ڪي ته پاڻمرادو برمودا ۽ سيشلز جهڙا گهٽ ايراضي وارا ٻيٽ نما ملڪ ٿي ڪري به ننڍن ننڍن ٻيٽن جا جهڳٽا آهن. مثال طور: هندي وڏي سمنڊ ۾ آفريڪا کنڊ جي ڪينيا ملڪ جي سامهون هڪ بيحد ننڍڙو ٻيٽ نما ملڪ سيشلز (Seychelles) آهي جنهن جي پکيڙ سکر ضلعو ته ڇا، پر سکر شهر کان به گهڻي گهٽ فقط 244 چورس ڪلو ميٽر آهي (سکر ضلعو 5170 چورس ڪلو ميٽر آهي)، پر سيشلز يونائيٽيڊ نيشن جو ملڪ آهي ۽ سندس اها پکيڙ 244 چورس ڪلو ميٽر سندس 115 ٻيٽن جي سڄي جهڳٽي جي آهي جن مان آباد فقط 42 ٻيٽ آهن. هر ٻيٽ تي هر گهر جي اڳيان سمنڊ جو ڪنارو آهي. ملڪ جي، يعني سڄي سيشلز جي آدمشماري هڪ لک کان به گهٽ، فقط 95000 آهي. دراصل اها به هاڻ آهي نه ته 1960ع واري ڏهاڪي ۾، يعني اڄ کان اڌ صدي اڳ جڏهن اسان ممباسا، زنجبار، موزمبق ۽ سيشلز وڃڻ شروع ڪيو هو ته ان وقت ٻين ملڪن وانگر سيشلز جي آدم شماري به گهٽ اٽڪل اڌ لک به نه هئي. انڊين جام رهيا ٿي، پر پاڪستاني ڪو نظر نه ايندو هو. ڪجهه سنڌي هندو، بوهري ۽ آغا خاني ضرور هئا، پر هنن پاڻ کي انڊين سڏرايو ٿي. هاڻ ڪافي پاڪستاني پڻ نظر اچن ٿا، خاص ڪري سنڌ جا مسلمان ۽ هندو ڊاڪٽر.

بهرحال اسان جاپان جي خبر چار ڪنداسين جيڪو دنيا جي ٻيٽن وارن ملڪن مان هڪ آهي. ان ڪري جاپان کي Island Country يا آرڪپيلگو (Archipelago) سڏيو وڃي ٿو. يعني اهو ملڪ جنهن جي پويان يا جنهن سان گڏ ٻيٽن جي لانڍ هجي. جاپان چئن وڏن ٻيٽن جو ملڪ آهي، پر ننڍا ننڍا ٽي هزار ٻيٽ ٿيندا جن مان ڪجهه ساڄي کاٻي آهن ته ڪجهه اتر ۾ روس سان وڃي ملن ٿا ۽ ڏکڻ ۾ ته دمدار (پڇ واري) تاري وانگر ايترا آهن جو اسان جو جهاز جڏهن هانگ ڪانگ کان جاپان لاءِ نڪرندو آهي ته ٻئي ڏينهن کان جاپان جا ٻيٽ نظر اچڻ شروع ٿيندا آهن ۽ ڪاگو شيما تائين قطار ۾ پيا نظر ايندا آهن، سئو کن هي ٻيٽ ريوڪيو ٻيٽ سڏجن ٿا. آهن ته هي ننڍا ٻيٽ، پر انهن ۾ به ڪجهه ڪافي وڏا ۽ مشهور آهن جيئن ته اوسومي، توڪارا، امامي، ساڪي شيما ۽ خاص ڪري اوڪيناوا (Okinawa) جنهن ٻيٽ تي آمريڪا جو وڏو عرصو قبضو رهيو ۽ آمريڪا جو فوجي بيس رهيو. ڪيترا سنڌي هندو واپاري جيڪي نه رڳو جاپاني نيشنل ٿي ويا، پر سندن اولاد اڄ پاڻ کي جاپاني نالن ۽ ذاتين سان سڏائي ٿو هانگ ڪانگ مان لڏي پهرين هتي اوڪيناوا ۾ آيا ۽ آمريڪن فوجين کي يونيفارم ۽ ٻيو سامان وڪڻڻ جا دڪان کوليا جيئن هانگ ڪانگ ۾ برطانيا جي فوجين کي مختلف فوجي ۽ تحفي تحائف جو سامان وڪڻندا هئا. اوڪيناوا ۾ آمريڪن بيس ختم ٿيڻ تي ڪي سنڌي هندو واپاري آمريڪن سان گڏ آمريڪا هليا ويا ته ڪي جاپاني پاسپورٽ حاصل ڪري جاپاني شهري ٿي رهي پيا.

 

جاپان جي ڪجهه سفر نامن ۾ اهڙن ڪجهه سنڌي هندو واپارين بابت لکيو اٿم. هن وقت به يوڪوهاما جو هڪ سنڌي واپاري “چندرو جي. آڏواڻي” ياد اچي رهيو آهي جنهن سان منهنجي 1980ع ۾ ملاقات ٿي هئي جڏهن هو 56 سالن جو هو ۽ منهنجي عمر 36 سال هئي. ساڻس منهنجي 2007ع ۾ به يوڪوهاما ۾ ئي ملاقات ٿي هئي جڏهن هو 83 سالن جو هو. چندروءَ ٻڌايو ته جاپان ۾ هن جو ڏاڏو 1910ع ۾ آيو هو. ان بعد  1917 ۾ چندروءَ جو پيءُ يوڪوهاما ۾ آيو ۽ پنهنجي پيءُ جي هلندڙ ڌنڌي جي هڪ برانچ سنڀالي. انهن ڏينهن ۾ هند سنڌ جا واپاري پنهنجا ٻار ٻچا پنهنجي وطن ڇڏي پاڻ اڪيلي سر جاوا، جاپان يا بصري بخارا واپار لاءِ نڪتا ٿي. هنن ڪاروبار جو ڪجهه حصو پنهنجي وطن ۾ به قائم رکيو ٿي جتي سندن اولاد ننڍپڻ جي ڏينهن ۾ سکت ڪئي ٿي. چندرو سال 1924ع ۾ سنڌ ۾ ڄائو ۽ شروعاتي تعليم ۽ ڪجهه سالن لاءِ ڪاروبار اتي ڪري پوءِ پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي وٽ جاپان آيو. انهن ڏينهن ۾ ننڍي کنڊ تي انگريزن جو راڄ هو ۽ هي سڀ برٽش انڊيا جي پاسپورٽ تي مختلف ملڪن ۾ آيا ويا ٿي. انهن ڏينهن ۾ انڊيا جي واپارين جون يوڪوهاما ۾ سئو کن ڪمپنيون هيون. چندروءَ جي پيءُ ڏاڏي سلڪ جو واپار ڪيو ٿي. هنن جاپان جي سلڪ حيدرآباد، شڪارپور ۽ انڊيا جي ٻين شهرن ۾ موڪلي ٿي۽ ڏاڍو سٺو ڪاروبار هلي رهيو هو.

هتي اها حقيقت لکندو هلان ته هي جيڪي ولايتن ۾ اسان جا سنڌي سيٺ رهيا ٿي انهن جو بزنس ۾ هر وقت ڪو فائدو ئي فائدو نه پئي ٿيو. بزنس ۾ وڏا وڏا نقصان به ٿيا ٿي جيئن “وايون وڻجارن جون” سفر نامي ۾ هري ليلا جهڙن سيٺين جو احوال لکيو اٿم ته هو هڪ دفعو نه پر ٻه دفعا تر پٽ ٿي ويا هئا. اهڙي طرح يوڪوهاما ۾ واپار ڪندڙ هنن سيٺين سان به ٿيندو رهيو. مثال طور: سلڪ جي واپار ۾ چندروءَ جي وڏن خوب پئي ناڻو ڪمايو، پر پوءِ Synthetic شيون، نائلان، ٽيٽران وغيره جي ايجاد بعد سلڪ جو اگهه ايترو ڪري پيو جو ڪاٺ جي کوکن جا پئسا به نٿي نڪتا جنهن ۾ سلڪ کي بند ڪري انڊيا موڪليو ويو ٿي. چندرو وارن عقل کان ڪم وٺي اهو ڪاروبار ڇڏي اليڪٽرانڪ جي سامان جو ڌنڌو شروع ڪيو جنهن ۾ جاپان ڪافي ترقي ڪري ويو هو. اهڙي طرح هنن وري ساهه پٽيو، پر ان کان گهڻو اڳ، اڃان چندرو ڄائو به نه هو ته چندرو جي ڏاڏي ۽ ٻين انڊين کي 1923ع ۾ جاپان ۾ لڳل زلزلي ڪري نقصان رسيو هو. هن زلزلي ۾ سڄو يوڪوهاما تباهه ٿي ويو هو. اسان جا انڊين سوداگر جاپان ڇڏي پنهنجي وطن موٽي آيا. سندن الهه تلهه سڀ چٽ ٿي ويو.

منهنجي خيال ۾ هن جهڙو زلزلو  جيڪو “ڪانٽو دائي شن سائي” جي نالي سان سڏجي ٿو، پهرين سيپٽمبر 1923ع تي چار پنج منٽ لڳاتار هلندو رهيو، اڄ ڏينهن تائين نه لڳو آهي. هن زلزلي ٽوڪيو، يوڪوهاما ۽ اوس پاس جي علائقن چيبا، ڪاناگاوا ۽ شيزواوڪا کي تباهه ڪري ڇڏيو. يعني جاپان جو ڪانٽو  (Kanto) وارو علائقو ويران ڪري ڇڏيو. ٽوڪيو کان “ڪاما ڪورا” شهر  44  ڪلو ميٽر کن آهي جتي گوتم ٻڌ جو ڌاتوءَ جو هڪ وڏو مجسمو رکيل آهي جيڪو نارا شهر واري گوتم ٻڌ جي مجسمي بعد ٻئي نمبر تي آهي. هي ڪاماڪورا شهر وارو مجسمو به ڪافي وڏو ۽ وزندار آهي جنهن جي اوچائي 34 فوٽ ۽ وزن 90 ٽن آهي. هڪ ٽن ۾ سمجهو ته هڪ هزار ڪلو گرام وزن ٿئي ٿو. هي ڪانٽو وارو جڏهن زلزلو لڳو ته ان ۾ جهڙيون تهڙيون عمارتون ته ڊهي تر پٽ ٿي ويون، پر هي گوتم ٻڌ جو هيڏو ڳرو مجسمو به پنهنجي جاءِ کان ٻه فوٽ پري اڇلجي ويو هو. مٿين ٻن ٽن شهرن ۾ اٽڪل ڏيڍ لک ماڻهو مري ويا. 1923 ۾ انهن شهرن جي آدم شماري ئي ڇا هئي! زلزلي بعد چوڌاري جهڙو راڪاس گهمي ويو. ڪيترا ماڻهو پکڙندڙ باهين ۾ سڙي ويا. شهر  جا ڏامر وارا رستا باهه گرميءَ ڪري اهڙو وٽڙي ويا جو ڪيترن ماڻهن جا انهن تي پير اچڻ تي اهي چنبڙي پيا ۽ ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويا. وچ ٽوڪيو ۾ هڪ آرمي ڪلاٿ ڊپو ۾ جتي 38000 ماڻهن پناهه ورتي، ان کي باهه جي واچوڙي اهڙو ورايو جو سڀ سڙي ڀسم ٿي ويا. زلزلي ڪري ٽوڪيو ۽ يوڪوهاما شهرن جا پاڻيءَ جا سڀ پائيپ ڀڄي پيا ۽ باهه وسائڻ لاءِ ته پاڻي موجود نه هو، پر ماڻهو اڃ اجهائڻ لاءِ به پريشان ٿي ويا. اهي باهيون ٻه ڏينهن هلنديون رهيون 3 سيپٽمبر تي وڃي اجهايون. نيبو ڪاوا نالي جابلو ڳوٺ ۽ اتي بيٺل پئسينجر ٽرين Landsliding ڪري پنهنجي جاءِ کان ڇڄي اڳيان سمنڊ ۾ غرق ٿي وئي. چون ٿا ته ريل گاڏي ۽ پليٽ فارم تي اٽڪل هڪ سئو کن مسافر هئا جيڪي ريل گاڏي ۽ اسٽيشن جي سمنڊ ۾ غرق ٿي وڃڻ تي سڀ ٻڏي ويا. زلزلي واري ڪانٽو علائقي ۾ ڇهه لک کن گهر تباهه ٿي ويا ۽ ويهه لک ماڻهو بي گهر ٿي کلئي آسمان هيٺان ويهي رهيا. پاڻيءَ جي جهاز ذريعي ماڻهن کي يوڪوهاما بندرگاهه مان کڻي ڪوبي بندرگاهه ۾ پهچايو ويو. اڳ ۾ ڪوبي ۾ انڊين جا دڪان نه هئا. اڄ هي جيڪي توهان کي ڪوبي ۾ سکن ۽ پموءَ جهڙن سنڌين جا دڪان نظر اچن ٿا اهي 1923 واري زلزلي بعد وجود ۾ آيا. بهرحال جاپان ۾ تعليم، نوڪري يا گهمڻ لاءِ ويندڙن کي اها ڳالهه دماغ ۾ هجي ته جاپان زلزلن جو ملڪ آهي، پر 1923 جهڙو خطرناڪ زلزلو ان کان اڳ يا پوءِ ڪڏهن به نه لڳو.

هن 1923 واري “دي گريٽ ڪانٽو ارٿ ڪئيڪ” تي ڪيتريون ئي فلمون، ٽي وي سيريل، ڪهاڻيون، ڪامڪ ۽ ناول آهن. جاپان جي مشهور ڪهاڻيڪار “ياسوناري ڪواباتا” جي 1930 واري ناول The Scarlet Gang of Asakusa جا ڪيترائي چئپٽر هن زلزلي سان واسطو رکن ٿا. Japan Sinks فلم ۾ به هن زلزلي کي ڏيکاريو ويو آهي. اوسولڊ جي انگريزي ناول “دي جنجر ٽري” ۽ جاپاني تاريخي فنٽسي ناول “تائيتو مونو گاتاري” ۾ به هن زلزلي جو احوال آهي.

يوڪوهاما جي سنڌي واپاري چندرو آڏواڻيءَ ٻڌايو ته کين ٻي جنگ عظيم ۾ به ڪافي نقصان ٿيو. هيءَ لڙائي جاپانين جي جيتوڻيڪ انگريزن سان هئي، پر جيئن ته انڊيا انگريزن جي هٿ ۾ هو ۽ اسان جاپان ۾ برٽش پاسپورٽ تي واپار ڪري رهيا هئاسين سو 1939ع ۾ جنگ جا افواهه شروع ٿيڻ سان اسان انڊيا ڀڄي آياسين جو انڊيا ۽ جاپان جي وچ ۾ هلندڙ اسٽيمر شپ آمدرفت به بند ٿي رهي هئي. چندروءَ ٻڌايو ته هو سنڌ ۾ سر بچائي پهچي ته ويا، پر اهي سال سخت بيروزگاري جا هئا. وڏي لڙائي ختم ٿيڻ بعد سگهو ئي هندستان جو ورهاڱو ٿيو ۽ اسان گهر گهاٽ سنڌ ۾ ڇڏي ڏکڻ هندستان ۾ لڏي آياسين.”

چندروءَ اهو به ٻڌايو ته هن ڪجهه سال پانڊيچيريءَ ۾ بزنس ڪيو جتي فرينچن جو قبضو هو، جيئن گوا ۾ پورچوگالين جو رهيو. “آئون سخت پورهيو ڪري ايترو ڪمائڻ لڳس جنهن مان مون پنهنجي ماءُ پيءُ کي به کارايو ٿي. انهي دوران مون کي جاپان ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو جنهن لاءِ مون اڳواٽ Apply ڪيو هو ۽ چونڊجي ويس. مون کي يوڪوهاما ۾ هڪ ٽريڊنگ ڪمپنيءَ جو مئنيجر ڪري رکيو ويو. هي 1950 واري ڏهاڪي جا شروع وارا سال هئا. مون کي لڳو ته سخت پورهيو ڪرڻ تي مون کي ان جو اجورو ملي سگهي ٿو.”

چندروءَ ٻڌايو ته ڪجهه سال لڳي محنت ڪرڻ سان هن ايترو ڪمائي ورتو جو هن پنهنجي ڪمپني کولي واپار جو Risk کنيو. “مون ان ڪمپنيءَ جو نالو Nephews International رکيو جنهن نالي سان انڊيا ۾ منهنجي چاچي جي ڪمپني هئي.” چندروءَ جي ڪوششن سان نه فقط يوڪوهاما ۽ ممبئي جي ميئرن جي هڪٻئي سان دوستي ٿي، پر يوڪوهاما ۽ ممبئي شهر Sister Cities قرار ڏنا ويا. چندرو اڄ ڪلهه پنهنجي ڌيءَ ۽ پٽ سان گڏ يوڪوهاما ۾ رهي ٿو جيڪا سمجهو ته هن آڏواڻي فيمليءَ جي جاپان ۾ چوٿين پيڙهي آهي. چندروءَ  ٻڌايو ته هو ستن ڀائرن ۽ چئن ڀيڻن ۾ ٻيو نمبر آهي. جاپان ۾ فقط هن جي فيملي رهي ٿي باقي ڀائر ڀينر انگلينڊ، آمريڪا ۽ انڊيا لڏي ويا.