بلاگخاصنئون

سياستدانن جا ٻار  شوباز ڇو هوندا آهن؟

اڄ آئون توھان کي پنھنجي ۱۵ سال پراڻي ڳالھ ٻڌايان ٿو. بينظير ڀٽو صاحبه جي وفات کانپوءِ پ پ جو پھريون 2009-2010 وارو دور ھجي، بابا سائين (انجنيئر ولي محمد راھمون) ميمبر صوبائي ڪائونسل ھئا. آئون تازو مھراڻ يونيورسٽي مان انجنيئرنگ پڙھي واپس ڳوٺ آيس، بابا سان گڏ آسپاس وڃڻ ٿيندو ھو ته مون ڏٺو ته ڪافي ماڻھو مون سان انتھائي ھيٺانهين ڪري ملڻ لڳا (بزرگ پڻ)، ھڪ 21-22 سالن جي نوجوان لاءِ اھا ڪافي عجيب ۽ مزي واري شيءِ ھئي، ان دور ۾ مختلف سياستدانن سان پڻ ملاقاتون ٿينديون ھيون. مون کي پنھنجي ڏاڍي اھميت محسوس ٿيڻ لڳي ۽ ٿورڙي آڪڙ پڻ اچڻ لڳي. ان دور ۾ مون وٽ 1998 ماڊل جي انڊس ڪرولا گاڏي ۽ ھڪڙيCD 70  موٽرسائيڪل ھئي ۽ بابا وٽ 1988 ماڊل جي پجارو جيپ ھئي جيڪا اڄ به آھي.

مون بابا کان فرمائش ڪئي ته مون کي زيرو ميٽر ٽويوٽا ڪرولا جي 2D  وٺي ڏيو، جيڪا ان دور ۾ 15 لکن تائين ھئي، بابا منھنجي ڳالھ مڃيندي اھا خواھش پوري ڪري ڇڏي،  جنھن جي اپلائيڊ نمبر پليٽ اڳيان مون ٽرڙپائي جو مظاھرو ڪندي “ميمبر صوبائي ڪائونسل” جي پٽي پڻ لڳرائي ھئي، ڪجھ ڏينھن ۾ شوق ٿيو ته ھٿيار وٺجن، چاچا ذوالفقار مرزا سنڌ جو گھرو وزير ھجي، مون کي ڏاڍو ڀائيندو ھو. مون بابا جي ليٽر پيڊ تي پنھنجي لاءِ چار ھٿيار ۽ ڪجھ دوستن جا به نالا لکي 20 نالن تي مشتمل لسٽ ڏني جيڪا مرزا صاحب نوٽ ھڻيapprove  ڪئي ۽ مون لائسنس ٺھرائي ورتا ۽ ڪجھ ھٿيار ورتا (جيڪي ھاڻي زنگ ۾ تباھ ٿي ويا آھن، ھلڻ جھڙا ئي ناھن) وري ڪجھ ڏينھن ۾ ھڪڙي ٻي لسٽ کڻي ويس اھا به approve ٿي جڏھن ٽين لسٽ کڻي ويس ته مرزا صاحب کلندي چيو، ڀائيٽا ڪا دھشتگرد تنظيم پيو ٺاھين ڇا؟ مون شَڪي ٿيندي چيو نه چاچا سائين اھا آخري آھي، خير اھا بهapprove  ٿي. پوءِ مون وري ھڪ عدد گھوڙي ورتي جنھن وري ھڪ خوبصورت گھوڙي کي جنم ڏنو. ھاڻي مون وٽ 2 گھوڙا پڻ ھئا. بابا کي پارٽي طرفان ھڪ پوليس جو گارڊ مليل ھو.

مون بابا کان فرمائش ڪئي ته مون کي گارڊ ڏيو، بابا چيو ڇو ڪيڏانھن ٿو وڃين؟ مون چيو ته آئون دوستن سان گڏ ھاڪس بي ٿو وڃان، چيائين ٺيڪ آھي، پر شام جو 6 وڳي تائين واپس اچجانءِ، مون چيو ٺيڪ آھي، مون ڊرائيور ۽ گارڊ کنيو، گاڏي ۾ ويھڻ وقت مون ڏٺو ته گارڊ ويھڻ لاءِ تيار آھي.

مون ويجھو اچي چيو، “دروازو کول ته ويھان”،

هن اڳيون دروازو کوليو، مون کيس ڇڙٻ ڏيندي چيو ته “اڳيان گارڊ ويھندا آھن، پويون دروازو کول”. هن پريشان ٿيندي پويون دروازو کوليو ۽ آئون چشمو لاھيندي ويٺس ۽ ھڪڙي دوست کي ڊفينس مان کڻڻ وياسين، جيئن ئي گاڏي ان جي بنگلي ڀرسان بيٺي ته گارڊ لھي وڃي منھنجي دوست جو به دروازو کوليو ۽ ھو مون سان گڏ پويان اچي ويٺو، جڏھن ته ڪجھ ٻيا دوست پنھنجي گاڏين ۾ نڪتا، اسان ھاڪس بي گھمي واپس آياسين، مون کي گھر پهچندي 6:15 ٿي ويا ھئا، ڏسان ته بابا گيٽ تي بيٺل آھي، منھنجي گاڏي جيئن اچي بيٺي ته گارڊ جلدي سان لھي منھنجو دروازو کوليو، آئون لھي وڃي بابا سان مليس ۽ چيم ته “سوري بابا ٽريفڪ جي ڪري ۱۵ منٽ دير ٿي وئي”، بابا منھنجي ڳالھ کي نظر انداز ڪندي چيو،

“تنھنجي ھٿن ۾ ڪو مسئلو آھي ڇا؟” مون چيو “نه بابا”، چيائين، “پوءِ گارڊ تنھنجو دروازو ڇو کوليو؟” آئون لاجواب ٿي ويس… مون کي تو ڪڏھن ڏٺو آھي گارڊن کان دروازا کولائيندي؟ نه بابا… (مون ڪنڌ ھيٺ ڪندي چيو) گارڊ تنھنجي حفاظت لاءِ آھي، تنھنجي چمچا گيريءَ ڪرڻ لاءِ ناھي. آئون ھيٺ ئي ڏسندو رھيس، پوءِ بابا ڊرائيور کي چيو ته گاڏي گيٽ کان پرتي وڃي بيھار، گاڏي پرتي وڃي بيٺي، بابا مون کي چيو اتي بيھ ۽ پاڻ گارڊ کي وٺي ٿورو پرتي ويو ۽ ڪجھ ڳالھائڻ لڳو، آئون ڏسان ته گارڊ ڪجھ چوڻ کانپوءِ بابا جي اڳيان ھٿ ٻڌا ۽ بابا ان سان ڀاڪر پائي مليو ۽ ھاڻي ھو مون ڏانھن اچي رھيا ھئا، جيئن ئي ويجھو پھتا ڏسان ته گارڊ جي اکين ۾ لڙڪ ھئا ۽ بابا سخت ڪاوڙ ۾ ھو، بابا مون کي چيو ته معافي گُھر… آئون حيران ۽ پريشان ٿي ويس، مون چيو بابا ڇا ٿيو؟  تو ان سان بدتميزي ڪئي آھي، ان جي معافي گھر.

نه بابا مون ناھي ڪئي بدتميزي، تون معافي گھرين ٿو يا نه، ڇڏيو سائين خير آھي، ٻار آھي، (گارڊ بابا کي چيو). ٻار ناھي 20 سالن جو آھي، ٻاويھ (مون چيو) ھا اھو ئي ٻاويھ،

ھاڻي معافي گھر. اوڪي آٰءِ ايم سوري، (مون چيو)، انگريزي نه سنڌي ۾ چئو، مون کي معاف ڪيو مون کان غلطي ٿي وئي، آئنده ڪونه ڪندس، ھاڻي منھنجي اکين ۾ لڙڪ اچڻ لڳا ھئا، مون کي گارڊ تي شديد ڪاوڙ سان گڏ بابا تي انتھائي ڏک ٿي رھيو ھو ته بابا منھنجي ايڏي بيعزتي ڇو پيو ڪري، خير مون دل ٻڌي چيو، مونکي معاف ڪيو مون کان غلطي ٿي وئي، آئنده ڪونه ڪندس، ڪا ڳالھ ناھي سائين. (گارڊ جي چھري تي مرڪ اچي چڪي ھئي جڏھن منھنجي اکين ۾ لڙڪ) مون ڏٺو ته ڊرائيور به اسان کي ڏسي رھيو ھو. بابا مون کي نظرانداز ڪندي وڃي گاڏي ۾ ويٺو، ۽ پوءِ گارڊ به، اھي سڀ وڃي چڪا ھئا، آئون اتي ئي پنڊ پھڻ ٿي بيٺو رھيس. ٿوري دير ۾ گھر ويس وڃي پنھنجي پلنگ تي ڪري پيس ۽ سوچن ۾ گم ٿي ويس، امان ماني جو پڇيو، مون چيو بک ناھي. امان پڇيو ڪو مسئلو آھي؟

مون چيو نه، امان ھلي وئي، ڪجھ دير ۾ وري اچي پڇيائين ڇا ڳالھ آھي؟ مون سڄي ڳالھ ڪري ٻڌائي، امان چيو، خير آھي، تنھنجو بابا آھي، تنھنجي برائي ڪڏھن به ڪونه چاھيندو، ھاڻي ڪجھ کائي وٺ،  مون چيو بک ناھي، آئون سمھان ٿو، رات جا 10 ٿي چڪا ھئا، بابا گھر آيو. مون جلدي سان پنھنجي ڪمري جي لائٽ بند ڪئي ۽ سمھڻ جي ايڪٽنگ ڪرڻ لڳس، ٿوري دير ۾ بابا ۽ امان منھنجي ڪمري ۾ آيا، بابا لائٽ ٻاري، ۽ منھنجي ڀرسان اچي ويٺو.

ڪاوڙيل آھين؟ نه بابا. (مون پري منھن ڪندي چيو) مون ڏانھن ڏس. جي بابا. (بابا ڏانھن ڏسندي) توکي خبر آھي. ان عمر ۾ انسان تمام گھڻو جذباتي ھوندو آھي، پر انھن جذباتن کي مثبت شين ۾ استعمال ڪجي ٻي صورت ۾ اھي انتھائي خطرناڪ ثابت ٿي سگھن ٿا. جيڪي تنھنجي لاءِ به نقصانڪار آھن. ان طبيعت جي ڪري تون تمام وڏي مسئلي ۾ ڦاسي سگھين ٿو. پنھنجي طبيعت ۾ عاجزي آڻ. عاجزي ۽ سادگي تمام خوبصورت شيون آھن، پر بابا مون صرف ان کي دروازو کولڻ جو چيو ھو…

ھا، پر ان جي به ڪھڙي ضرورت ھئي پٽ، توکي خدا ھٿ ڏنا آھن، تون پاڻ دروازو کولي سگھين پيو ۽ ٻي ڳالھ ته تو ان سان ڇڙٻ ڏئي ڳالھايو جيڪا تمام خراب ڳالھ آھي، ان عادت جي ڪري تون سڀاڻي ڪنھن ٻئي ماڻھو سان بدتميزي ڪري سگھين ٿو، ڪو پوليس وارو توکي بيھاري ته تون ان سان بدتميزي ڪري سگھين ٿو، تون ھٿيار ھلائي سگھين ٿو، جواب ۾ ھو توتي فائر ڪري سگهن ٿا، تون پنھنجي لاءِ ۽ اسان لاءِ وڏا مسئلا پيدا ڪري سگهين ٿو پٽ.

ھمم… اوڪي بابا. ھاڻي آئون خيال رکندس، پر توھان کي انھن جي سامھون منھنجي بيعزتي نه ڪرڻي ھئي. انھن جي سامھون ئي ڪرڻ سان توتي اثر ٿيندو ۽ سڄي عمر ياد رھندو، ٻي ڳالھ، مون کي ھٿيارن کان پڻ سخت نفرت آھي، جي تون اھو شوق به آھستي آھستي ختم ڪرين ته مونکي خوشي ٿيندي. ھمم، جي بابا ۽ تون پنھنجي آسپاس جي ماڻھن سان عزت سان ڳالھائي ته ڏس، ڪيڏو سڪون آھي عاجزي ۾. ھمم، جي بابا…

۽ آئون چاھيان ٿو ته ھاڻي تون پاڻ ڪمائڻ شروع ڪرين. جي بابا مون جاب لاءِ اپلاءِ ڪيو آھي. ڀلا ٻڌ… گھوڙن جي جاءِ تي ڏاچي وٺين ته ڀلو ناھي ماڻھو سندس کير به پيئي. (بابا کلندي چيو). آئون کلي پيس.  (ان کانپوءِ ڪجھ جذباتي ڳالھيون ٿيون جيڪي آئون هتي نٿو لکڻ چاھيان). خير بابا جي ان نصيحت منھنجي طبيعت ۾ وڏي تبديلي آندي، ان ڏينھن کانپوءِ منھنجو  ماڻھن سان ورتاءُ ڪافي عاجز ٿي ويو، ايتري حد تائين جو ھارين سان گڏجي پٽ تي ويھي چانھ پيئڻ ۽ ماني کائڻ به لڳس ۽ پوءِ مون محسوس ڪيو ته واقعي عاجزي ڏاڍي خوبصورت شيءِ آھي ۽ ھٿيارن جو به شوق ختم ٿيندو ويو، جيڪي ھاڻي ڪٽ پيا کائين. بس سال تي تيل ھڻندو آھيان. مون ڪٿي اھو به پڙھيو ھو ته سائين جي. ايم سيد پڻ چيو آھي ته سادگي وڏي ۾ وڏو حُسن آهي. تصنع ۽ نمائش قباحت آهي. سادگي فطرت جي ڏات آهي. نمائش عيبن جو لڪائڻ آهي.

ان واقعي جي ڪجھ سالن کان پوءِ سنڌ جي ھڪ ارب پتي جتوئي گھر سان تعلق رکندڙ شاھ رخ جتوئي نالي ھڪ نوجوان پنھنجي گارڊ سان گڏجي ڪراچيءَ ۾ ھڪ نوجوان کي ننڍڙي ڳالھ تي ماري وڌو ھو. بابا مون کي گھرائي چيو، ڏٺئي. اھا ساڳي ڳالھ مون ڪجھ سال پھرين توکي سمجھائي ھئي ۽ توکي ڏاڍي بري لڳي ھئي، اڄ ھڪ نوجوان ڪنھن جو گھر اجاڙي ڇڏيو ۽ ھاڻي پاڻ به ڪورٽن ۾ لوڙيندو ۽ گھر وارا به لوڙيندا…

مون چيو “جي بابا.  بلڪل…” آئون سوچ ۾ پئجي ويو ھئس. خير ان وقت تائين مون کي ھٿيارن جو شوق به پورو ٿي چڪو ھو ۽ طبيعت ۾ پڻ وڏي تبديلي اچي چڪي ھئي.

سنڌ ۾ تازي پيش آيل واقعي ۾ ھڪ نوجوان، پوليس جي ڪنھن ھيٺين رينڪ واري اھلڪار کي گاريون ڏيندي ڏاڍي بدتميزي ڪئي جيڪو غالبن پ پ جي ڪنھن وڏي سياستدان جو پٽ ھو. (سليم باجاري ھڪ ماستر جو پٽ ۽ اريگيشن جو انجنيئر آھي ۽ مراد شاھ جو فرنٽ مين آھي نه ڪي ڪو سياستدان) جنھن جو مُک سبب تربيت جي کوٽ ھئي، اسان جي سياستدانن کي به گھرجي ته پنھنجي نوجوان ٻارن کي عاجزي جي اھميت سمجھائين، نه ته اھي نوجوان پنھنجي لاءِ ۽ توھان لاءِ پڻ وڏو مسئلو پيدا ڪري سگھن ٿا.