گذريل سال (2023) ۾ آيل ٻوڏن کانپوءِ گڏ ڪيل ڊيٽا ظاهر ٿي ڪري ته سڄي پاڪستان کي ٻين ترقي يافتا ملڪن جي وڌندڙ معيشتن سبب وڏو نقصان پهتو، جنهن جي ڪري زرعي پيداوار کان وٺي صنعتي واڌاري تائين ملڪ وڏيون ڏکايون ڏٺيون، جن جو سڌو سنئون اثر ماڻهن جي عام زندگي تي پيو هو (۽ پوندو رهندو) ان ڪري ته جتي زرعي پيداوار گهٽجي وئي هئي، اتي صنعتن ۾ به تباهي آئي هئي، ڇو ته خام مال ۽ ماڻهن جو بارش وارن علائقن ۾ ڦاسي پوڻ به “جي ڊي پي” کي ڌڪ رسايو هو. جنهن ۾ ماڻهن کي جيڪي دشواريون آيون انهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي، ان ڪري ته جتي نظامن جي خرابي ڪم خراب ڪيو، اتي مسئلن به منهن ڪڍيو هو، جنهن جي ڪري وبائي بيماريون، بک، بدحالي، بڇڙائي، چوريون، بدفعلي ۽ بيروزگاريءَ به زور ڀريو هو، جنهن جي لاءِ رياست وٽ ڪي ممڪن ۽ ترت اپاءُ نه هئا ۽ ماڻهن وري به پنهنجي مدد پاڻ تحت انهن بارشي علائقن مان جان آجي ڪئي، سوشل ميڊيا جي هڪ وڊيو مطابق ته سياسي پارٽين وٽ جلسن ۾ ماڻهو گڏ ڪرڻ جي لاءِ بسين ۽ ريلن جا انتظام به هوندا آهن، اهي پنهنجن جلسن ۾ خلق ڏيکارڻ جي لاءِ ٽريڪٽر جون ٽراليون به ڪتب آڻيندا آهن، پر جڏهن بارشون وسيون ته ڪير انهن جي مدد جي اڳتي نه آيو، نه ڪنهن اها دعويٰ ڪئي ته انهن غريبن جي علائقي ۾ ڪو ترقياتي ڪم به ڪيو هو يا صفا نه ته به بارشي نالا جوڙايا هئن جنهن مان آسانيءَ سان پاڻي نڪري سگهي، پر ٻئي پاسي غريب ملڪن سميت اسان کي به اها حيرت آهي ته ماحولياتي گدلاڻ ۾ اسان جو ڪو قصور ناهي، پر ڀوڳيون اسان ٿا، ترقي ٻين جي ۽ دونهون ۽ بارشون اسان جون، پر انهن جو به ڪو تدارڪ ناهي، ان ڪري جو حت الامڪان هر ماڻهو وٽ اهو دليل ضرور آهي ته غريب ملڪ ٻيلا تباھ ڪيو ويٺا آهن، غريب ملڪن جي ماڻهن کي شعور ناهي ته اهي وڻ پوکن يا ٻني ٻاري سان جيڪي ٻنا واندا هجن ٿا انهن تي بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ ۽ جهل پل جي کڻي وڻ پوکن، اتي خاص پاڻيءَ جي ضرورت به نٿي پئي، پر ان ڳالھ تي به غريب ملڪن جا هاري عمل نٿا ڪن ان تي ٻيلن جي پوکائي غريب ماڻهن جي وس جي ڳالھ ناهي، پر اهو به تڏهن ممڪن هجي ٿو جو اتي مال جي ڪيرايل ڇيڻن ۾ جيڪي ٻج رهجي وڃن ٿا انهن جي مٿان جي بارشون ٿين ته ٻيلا وري ساوا ٿي وڃن، پر اتي به ڪنهن هٿرادو بارشن جو ڪو امڪان نٿو هجي ان ڪري ته دريائي پاڻي جي کوٽ به ان ڳالھ جو سبب هجي ٿي ته جي واڌارو پاڻي انهن ٻيلن جي پاسي وهايو وڃي ته هوندَ ٻيلا به ڦٽي، وڌي آباد ٿي وڃن ۽ ساوڪ جو ڪو بهانو نه هجي، پر اهي شيون به ممڪن ناهن، ٻيو ته ٻيلا به هاڻي زرعي زمينن جي لالچ ۾ اميرن جي قبضي هيٺ آهن جن تي بااثر ماڻهن جو ڏينهن ڏٺي قبضو لڳو پيو آهي ۽ اهي وڃن ٿا ٻيلا تباھ ڪندا ۽ وڻن جي کوٽ سبب سج جي تاءَ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو ٿو، هڪ ڪاٿي موجب 1900 صدي کان وٺي هيل تائين 8 سيليس ڊگري گرمي ۽ سردي وڌي وئي آهي جنهن ۾ عام ماڻهن جو جيئن جنجال ٿي پيو آهي.