بلاگنئون

موسمياتي اثرن ۾ ڦاٿل دنيا

گذريل سال (2023) ۾ آيل ٻوڏن کانپوءِ گڏ ڪيل ڊيٽا ظاهر ٿي ڪري ته سڄي پاڪستان کي ٻين ترقي يافتا ملڪن جي وڌندڙ معيشتن سبب وڏو نقصان پهتو، جنهن جي ڪري زرعي پيداوار کان وٺي صنعتي واڌاري تائين ملڪ وڏيون ڏکايون ڏٺيون، جن جو سڌو سنئون اثر ماڻهن جي عام زندگي تي پيو هو (۽ پوندو رهندو) ان ڪري ته جتي زرعي پيداوار گهٽجي وئي هئي، اتي صنعتن ۾ به تباهي آئي هئي، ڇو ته خام مال ۽ ماڻهن جو بارش وارن علائقن ۾ ڦاسي پوڻ به “جي ڊي پي” کي ڌڪ رسايو هو. جنهن ۾ ماڻهن کي جيڪي دشواريون آيون انهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي، ان ڪري ته جتي نظامن جي خرابي ڪم خراب ڪيو، اتي مسئلن به منهن ڪڍيو هو، جنهن جي ڪري وبائي بيماريون، بک، بدحالي، بڇڙائي، چوريون، بدفعلي ۽ بيروزگاريءَ به زور ڀريو هو، جنهن جي لاءِ رياست وٽ ڪي ممڪن ۽ ترت اپاءُ نه هئا ۽ ماڻهن وري به پنهنجي مدد پاڻ تحت انهن بارشي علائقن مان جان آجي ڪئي، سوشل ميڊيا جي هڪ وڊيو مطابق ته سياسي پارٽين وٽ جلسن ۾ ماڻهو گڏ ڪرڻ جي لاءِ بسين ۽ ريلن جا انتظام به هوندا آهن، اهي پنهنجن جلسن ۾ خلق ڏيکارڻ جي لاءِ ٽريڪٽر جون ٽراليون به ڪتب آڻيندا آهن، پر جڏهن بارشون وسيون ته ڪير انهن جي مدد جي اڳتي نه آيو، نه ڪنهن اها دعويٰ ڪئي ته انهن غريبن جي علائقي ۾ ڪو ترقياتي ڪم به ڪيو هو يا صفا نه ته به بارشي نالا جوڙايا هئن جنهن مان آسانيءَ سان پاڻي نڪري سگهي، پر ٻئي پاسي غريب ملڪن سميت اسان کي به اها حيرت آهي ته ماحولياتي گدلاڻ ۾ اسان جو ڪو قصور ناهي، پر ڀوڳيون اسان ٿا، ترقي ٻين جي ۽ دونهون ۽ بارشون اسان جون، پر انهن جو به ڪو تدارڪ ناهي، ان ڪري جو حت الامڪان هر ماڻهو وٽ اهو دليل ضرور آهي ته غريب ملڪ ٻيلا تباھ ڪيو ويٺا آهن، غريب ملڪن جي ماڻهن کي شعور ناهي ته اهي وڻ پوکن يا ٻني ٻاري سان جيڪي ٻنا واندا هجن ٿا انهن تي بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ ۽ جهل پل جي کڻي وڻ پوکن، اتي خاص پاڻيءَ جي ضرورت به نٿي پئي، پر ان ڳالھ تي به غريب ملڪن جا هاري عمل نٿا ڪن ان تي ٻيلن جي پوکائي غريب ماڻهن جي وس جي ڳالھ ناهي، پر اهو به تڏهن ممڪن هجي ٿو جو اتي مال جي ڪيرايل ڇيڻن ۾ جيڪي ٻج رهجي وڃن ٿا انهن جي مٿان جي بارشون ٿين ته ٻيلا وري ساوا ٿي وڃن، پر اتي به ڪنهن هٿرادو بارشن جو ڪو امڪان نٿو هجي ان ڪري ته دريائي پاڻي جي کوٽ به ان ڳالھ جو سبب هجي ٿي ته جي واڌارو پاڻي انهن ٻيلن جي پاسي وهايو وڃي ته هوندَ ٻيلا به ڦٽي، وڌي آباد ٿي وڃن ۽ ساوڪ جو ڪو بهانو نه هجي، پر اهي شيون به ممڪن ناهن، ٻيو ته ٻيلا به هاڻي زرعي زمينن جي لالچ ۾ اميرن جي قبضي هيٺ آهن جن تي بااثر ماڻهن جو ڏينهن ڏٺي قبضو لڳو پيو آهي ۽ اهي وڃن ٿا ٻيلا تباھ ڪندا ۽ وڻن جي کوٽ سبب سج جي تاءَ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو ٿو، هڪ ڪاٿي موجب 1900 صدي کان وٺي هيل تائين 8 سيليس ڊگري گرمي ۽ سردي وڌي وئي آهي جنهن ۾ عام ماڻهن جو جيئن جنجال ٿي پيو آهي.

ان ڏوھ ۾ اسان جا پنهنجا پاڙيسري ملڪ به شامل آهن، جيڪي هڪ خطرناڪ ترين ماحولياتي آلودگي ڪندڙ ملڪ بڻجي ويا آهن، انهن وٽ وڏيون وڏيون صنعتون ۽ روزمره جي تمام گهڻي ٽريفڪ هجي ٿي، جيڪا ٽنن جا ٽن دونهون ماحول ۾ ڇڏي ٻين غريب ملڪن جي لاءِ آزار ڪيو ويٺا آهن، ڇو ته غريب ملڪن ۾ انهن امير ملڪن جي ڪيل صنعتي ترقي وڏي تباهي آندي آهي ۽ اها تباهي ڏينهون ڏينهن وڌندي ويندي ۽ اڃان به گهڻي ٿي سگهي ٿي. ان ڪري ته غريب ملڪن ۾ ٽريفڪ نالي ڪا شيءِ ناهي هوندي يا جي هجي ٿي اها گهڻي نٿي هجي جو ماڻهن جو ساھ ٻوساٽجي يا انهن وٽ گرمي پدُ وڌي وڃي يا گرمي سهپ کان به گهڻي ٿي پئي يا ڪٿي گهڻيون بارشون يا ڪٿي گهڻو سوڪهڙو يا ڪٿي گهڻي سردي ۽ ڪٿي وري برف باري يا جتي برف باري ٿئي ٿي اتي وري گرمين ۾ گليشيئر پگهرجي پاڻي جي واڌ ۾ اضافو ڪن ٿا جنهن جي ڪري موسمي اثرن ۾ خطرناڪ اضافو ٿيندو رهي ٿو جنهن جي ضابطي جا اوزار ۽ انتظام رياست وٽ نٿا هجن جنهن جي ڪري آزار غريب ماڻهن جي لاءِ هجي ٿو ۽ اهي غريب زندگي گذارڻ ۾ آزارت ٿي ٿا پون.

وري مصيبت اها به آهي ته زرعي سيڪٽر جي ترقياتي نه هجڻ جي ڪري انهن غريب ملڪن وٽ صنعتي ترقي به ناهي هوندي، ان ڪري مَري ته وري به اهي غريب ملڪ ويا جيڪي ڪجھ ڪن به نٿا، پر لوڙن گھڻو ٿا، ان ڪري غريب ملڪ ڪاڏي وڃن. زرعي پاڻي جي ذريعن جنهن ۾ دريائي پاڻيءَ جو مثال وٺون جنهن ۾ وڏو حشر ۽ مصيبت اسان جي صوبي سان آهي جنهن ۾ جڏهن پاڻي وهي ٿو اچي ته اهو هاڻي ڇھ ماهي به ناهي رهيو جو هاري ساريالو فصل آساني سان ڪري سگهن جنهن ۾ جيڪڏهن پاڻي جي کوٽ ٿي ٿئي ته انهن جو ٻيجارو به سڙي ٿو وڃي ۽ جيڪڏهن پنجاب ۾ وافر مقدار ۾ بارشون ٿين ٿيون ته اهو پاڻي وري اسان ڏي وهائي ٿا ڇڏين جو پاڻي جي اوڌ جي ڪري وري زمينون پاڻي هيٺ اچي ٿيون جنهن ۾ پاڻي سُڪندي سُڪندي ميهنن جا مهينا ٿو وٺي جو ساريالي مند ٽپي ٿي وڃي ۽ غريب هارين کي هربار ۽ ٻج، ڦر، ڀاڻ ڀُتا ڳچيءَ ۾ پئجي ٿا وڃن جو فصل ڏيڻ ڪان نٿو ملين، پر ٻيا خرچ انهن جي چيلھ ڀڃي ٿا وجهن ان ڪري جي موسمي اثرن تي خاطر خواھ ضابطو هجي ته اهي پاڻي جا نظا بهتر هلائي سگهجن ۽ زرعي سيڪٽر جتي پٺتي پيل آهي اهو ڪجھ ترقيءَ جا سورج ڏسي وٺي ۽ غريب هاري به ڪجھ ساهي پٽين.

جيڪي ملڪ ڌرتيءَ جي مستقبل جي قيمت هڻي معاشي ترقي ڏانهن لاپرواهيءَ واري ڊوڙ ۾ مصروف ۽ مگن آهن، سو انهن جي ترقيءَ کي ٻنجو ڪيئن ڏجي. “اِي پي اي” جي رپورٽ مطابق چين ۽ ڀارت سميت دنيا جا 10 ملڪ شامل آهن جن کي 2035 تائين گهٽ ۾ گهٽ 60 سيڪڙو دونهون گھٽائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن سائي، سُکي ستابي ڌرتيءَ کي بچائي سگهجي. رپورٽ مطابق اهڙي تيز رفتار ترقي غريب ملڪن جي تباهيءَ جو ڪارڻ ۽ سامان بڻجي پئي آهي جنهن جي ڪري انهن ملڪن ۾ ترقي جي رفتار وڌندي وڃي ٿي، پر غريب ملڪن ۾ تباهي جي رفتار وڌندي وڃي ٿي، ان ڪري اهڙي توانائي جنهن جي توسيع ٿي سگهي ان تي ڌيان ڏنو وڃي. هندستان شرم الشيخ واري گڏجاڻيءَ ۾ ”سي او ٽو“ جي اخراج کي گهٽائڻ لاءِ پنهنجو ڊگھي مدي وارو منصوبو پيش ڪيو هو. امير ملڪن سميت هندستان اهو کليل طور تي تسليم ڪيو هو ته اهي ۽ امير ملڪ ڪوئلي ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي دونهين ۽ انهن جي ذريعن کي هرصورت گهٽائيندا، پر گڏيل قومن جي موسمياتي ايڪشن ڪميٽي هندستان ۽ ٻين ملڪن جي اهڙي ڪاغذي ڪوششن کي ناقص قرار ڏنو هو. ڇو ته ڪاربان جي اخراج جي گھٽتائي جي سطح ۽ ان جي پيش رفت واضح طور تي تمام گهٽ هئي، جيڪي موسمياتي تبديلين کي روڪڻ بجاءِ وڌائي سگهي ٿي، پر ھندستان ان حقيقت جي باوجود به ڪوئلي واريون مشينون ھلائيندو رھيو آھي، جنهن سبب 1901 کان وٺي خطي ۾ سراسري گرمي جو پد وڌندو رهيو آھي.

گذريل سال ھندستان ۽ پاڪستان ۾ جيڪا گرميءَ جي لهر پکڙيل ھئي، اها سڀ کان وڌيڪ درجي واري گرمي رڪارڊ ڪئي وئي هئي (۽ هاڻي وري ان کان به وڌيڪ ٿي وئي آهي جيڪا هر سال وڌندي رهي ٿي). ان لاءِ چيو ويو هو ته هيل گرميءَ جو پد شايد گذريل سال کان به وڌيڪ ٿئي، ڇو ته اونهاري جي شروعات ٿيندي ئي ٻنهي (ماڻهن ۽ چوپائي مال) جي زندگين کي خطرو هيو، ۽ هڪ حساب سان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي اخراج سان ميداني علائقن ۾ گرمي گهڻي ٿيندي رهي هئي (۽ آهي) پر ان جي برعڪس غريب ملڪن کي وڏي آلودگي جي اخراج جو بار کڻڻو پوي ٿو، پاڪستان کي دنيا جي انهن ملڪن جي لاءِ دانهي ٿيڻو پوندو جيڪي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گهڻي مقدار ۾ خارج ڪندڙ آهن، مثال هندوستان ۽ چين کي انهن غريب ملڪن جي حمايت ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. پر ڳڻتي اها به آهي ته دنيا ۾ تيزيءَ سان ترقي ڪندڙ معيشت جو ڪهڙو فائدو ٿيو جتي غريب آباديءَ جو وڏو حصو آبهوا جي اثرن جي پناهگيرن ۾ تبديل ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي محفوظ پر غيرآباد علائقا هاڻي رهائش گاهون بڻجي ويا آهن ۽ آباد علائقا غيرآباد، جڏهن ته اقوام متحده خبردار ڪيو آهي ته رپورٽ کي محض خوفزده ڪرڻ جو سبب نه سمجهيو وڃي، پر اهو خوف هن وقت جي ضرورت آهي ته انتظام بهتر ڪيا وڃن. جيئن ته دنيا جا بدترين آلودگي ڪندڙ ملڪ پنهنجي ڪاربن جي شرح کي گهٽائڻ لاءِ ٿورو ڪم ڪن، اقوام متحده وانگر ادارن کي انهن قدمن تي غور ڪرڻ گهرجي جيڪي وڌيڪ ڀلا ۽ ترت آهن، پر صرف تحقيقاتي رپورٽن جي اچڻ سان انهن ملڪن کي عملي طور غلط قرار ڏنو وڃي جيڪي غريب ملڪن جي قسمت کي داءَ تي هڻيو ويٺا آهن.