ايڊيٽوريلنئون

وفاقي حڪومت افغان مهاجرن کي ڪڍڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. ڇا سنڌ حڪومت افغان مهاجرن کي ڪڍندي؟

            پاڪستان ۾ افغان مهاجر هڪ ڊگهي مدي کان ترسيل آهن. 1989ع ۾ سوويت يونين ۽ افغانستان جي وچ ۾ جنگ لڳڻ جي ڪري افغانستان مان تمام گهڻي لڏپلاڻ ٿي ۽ پناهگيرن جو هڪ وڏو انگ پاڪستان ۾ اچي رهڻ لڳو. 2001ع ۾ جيئن ئي طالبان حڪومت تي قبضو ڪيو ۽ آمريڪا نيٽو جي فوجن کي افغانستان مان ٻاهر ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو جنهن سان افغان نيشنل سيڪيورٽي فورسز هڪدم ڊهي پيون ۽ ڪيترائي افغان مهاجر پاڪستان ۾ گهڙي آيا. هن وقت جن افغانين کي مهاجرن وارو اسٽيٽس مليل آهي، انهن جون تقريبن ٽي کان چار پيڙهيون پاڪستان ۾ رهيل آهن. هن وقت چئني صوبن ۾ خاص ڪري سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۽ گادي جي هنڌ ڪراچيءَ ۾ به لکين افغان پناهگير ترسيل آهن. ڪراچيءَ ۾ باڙه مارڪيٽ واري علائقي کي ته مني افغانستان جي نالي سان به سڏيو وڃي ٿو. آڪٽوبر 2023ع ۾ پاڪستان جي خلاف دهشتگرديءَ ۾ ملوث هجڻ جي ڪري غير قانوني طور تي رهيل افغان مهاجرن کي پاڪستان مان نڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو ۽ ڪيترائي ماڻهو نڪري به ويا، پر اڃان تائين هڪ تمام وڏو انگ پاڪستان ۾ موجود آهي. طالبان جي حڪومت ٺهڻ کانپوءِ پاڪستان جي رياست اهو تصور ٿي ڪيو ته افغان طالبان پاڪستان سان هڪ دوست ملڪ وارو وهنوار ڪندا، پر ان جي ابتڙ ملندڙ نتيجن ۾ ٽي ٽي پي مستقل دهشتگردي ڪندي پاڪستان جي آرمي مٿان حملا ڪندي رهي آهي، جنهن ۾ هتان جو افغان مهاجر عام ماڻهو به دهشتگردي ڪرڻ وارن جي سهولتڪاريءَ ۾ ملوث نظر آيو آهي. انهن سڀني شين کي ڏسندي حڪومت پاڪستان اهو فيصلو ڪيو آهي ته هاڻي قانوني طور تي رهندڙ انهن ماڻهن کي جن وٽ افغان سٽيزن ڪارڊ (ACC) به موجود آهي. پهرين اپريل 2025 کان ملڪ مان ڪڍڻ جو بندوبست مڪمل ڪيو ويو آهي. هڪ رپورٽ مطابق هن وقت پاڪستان ۾ 13 لک 62 هزار 402 رجسٽرڊ افغاني مهاجر موجود آهن، جن وٽ نادرا جا ڪارڊ موجود آهن، جن کي پروف آف رجسٽريشن ڪارڊ چيو ويندو آهي ۽ انهن مهاجرن کي UNHCR جي حمايت حاصل آهي.

            31 مارچ کانپوءِ غير قانوني طور تي ترسيل افغان شهرين کي حراست ۾ وٺڻ جو ۽ ملڪ کان ٻاهر ڪڍڻ جو انتظام به مڪمل ڪيو ويو آهي، جن کي اڳ ۾ ئي آگاهه ڪيو ويو هو ته کين هاڻي پاڪستان ۾ وڌيڪ رهڻ نه ڏنو ويندو. انساني حقن جون عالمي تنظيمون پاڪستان کي پنهنجي فيصلي تي ٻيهر نظر وجهڻ جي درخواست ڪري رهيون آهن، پر ان جي باوجود پاڪستان پنهنجي فيصلي تي قائم رهڻ جو عزم ڏيکاريو آهي. ڊيڊ لائين کانپوءِ افغان سٽيزن ڪارڊ رکندڙ جي وطن واپسي جي انتظامن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ڪيو ويو، جنهن جي صدارت وزير داخلا محسن نقوي ڪئي. ملڪ بدري کان اڳ افغان شهرين کي حراست ۾ وٺي هولڊنگ سينٽرن ۾ رکيو ويندو، جتي کين خوراڪ ۽ صحت جون سهولتون به ميسر هونديون. هن وقت وفاقي حڪومت ملڪ مان افغان مهاجرن جي واپسي جي عمل تي سنجيدگيءَ سان ڪم ڪرڻ لاءِ سڀني صوبن سان رابطي ۾ آهي. وزير مملڪت براءِ داخلا طلال چوڌري افغان مهاجرن جي واپسيءَ واري عمل دوران ڪنهن به مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ سڀني صوبن جو دورو ڪندو. افغان پناهگيرن جي واپسيءَ کي يقيني بنائڻ لاءِ گهر گهر وڃي آگاهي مهم جاري ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو آهي ۽ افغان سٽيزن ڪارڊ رکندڙ ماڻهن جي ميپنگ کي به مڪمل ڪيو ويو آهي. اقوام متحده جي انٽرنيشنل آرگنائيزيشن فار مائيگريشن مطابق اي سي سي پاڪستان ۾ قيام دوران افغانين کي عارضي قانوني حثيت فراهم ڪري ٿو، تنهن هوندي به وفاقي حڪومت سندن مدي کي گهٽائڻ وڌائڻ جو فيصلو ڪري سگهي ٿي. هڪ سرڪاري عهديدار ڊان اخبار کي ٻڌايو ته ڊيڊ لائين کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ افغان سٽيزن ڪارڊ هولڊرن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويندو ۽ جن ماڻهن غير قانوني افغان شهرين کي پنهنجي جائيداد ڪرائي تي ڏني هوندي انهن شهرين کي به نتيجا ڀوڳڻا پوندا. غير قانوني افغانين جو کوج لڳائڻ لاءِ سرچ آپريشن به ڪيا ويندا ۽ انهن جو بايو ميٽرڪ رڪارڊ سرڪاري رڪارڊ ۾ پڻ رکيو ويندو ته جيئن مستقبل ۾ انهن ماڻهن کي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي سگهجي ۽ سندن جعلي شناختي ڪارڊ، سفري دستاويز سڀ منسوخ ڪيا ويندا. هن هفتي جي شروعات ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل پاڪستاني حڪام طرفان جاري ڪيل حڪم جي سخت مذمت ڪئي آهي. اهڙي سڄي صورتحال ۾ ڏسڻو اهو آهي ته سنڌ جي ننڍن ننڍن شهرن ۾ ۽ ڪراچي جي پسگردائيءَ ۾ جڙيل ڪچين آبادين ۾ لکين افغان پناهگير رهيل آهن ۽ ڪيترائي افغان پناهگير هتي زرعي زمينون وٺي تر جا وڏيرا بڻجي هتان جي عام ماڻهو جو استحصال ڪري رهيا آهن، انهن کي ڪڍڻ لاءِ وفاق ۽ صوبائي سنڌ حڪومت ڪيترو متحرڪ ڪردار ادا ڪندا. هن وقت ڪراچي ۾ رهندڙ افغان پناهگير نوجوان نه صرف سنڌ جي نوجوانن جي روزگار جي مٿان قابض آهن، پر شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ ٿيندڙ ڏوهي سرگرمين جهڙوڪ: غير قانوني اسلحي جي ڏي وٺ ۽ منشيات جي خريد و فروخت ۾ پڻ ملوث آهن. جنهن جي ڪري سڄو سماج ڀوڳي رهيو آهي ۽ بيروزگار نوجوان پڻ انهن غير قانوني ڪمن ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي.

            سنڌ حڪومت کي گذارش آهي ته آءِ . جي سنڌ پوليس اي ڊي خواجه جي دور ۾ سنڌ پوليس ۾ 8 کان 9 هزار افغاني پناهگير نوجوانن کي ڀرتي ڪيو ويو، جنهن تي سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل هئي، انهن جي نشاندهي ڪري انهن کي هڪدم پوليس جي محڪمي مان ڪڍيو وڃي ۽ ملڪ نيڪالي ڏني وڃي. جيڪڏهن سنڌ حڪومت افغان مهاجرن کي ڪڍڻ جي لاءِ پنهنجو متحرڪ ڪردار ادا نه ڪيو ته اهو ملڪ ۽ صوبي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو.