نئون

ڀنڀور ۾ کوٽائي ڪندڙ ماهرن جي ميڊيا بريفنگ

 ڀنڀور ۾ 51 ڏينهن تائين هلندڙ کوٽائي بابت ماهرن پاران ميڊيا کي بريفنگ ڏني وئي اٽلي جي ماهرن نيشنل ميوزيم آف پاڪستان ۽ سنڌ جي ثقافت واري اداري جي گڏيل کوٽائي بابت بريفنگ ڏني وئي. کوٽائي ڪندڙ ٽيم جي ڊائريڪٽر ناهيد زهرا 51 ڏينهن جي کوٽائي بابت ميڊيا کي ٻڌايو ته کوٽائي 20 ڊسمبر 2017 تي شروع ٿي ۽ 8 فيبروري تي ختم ڪئي وئي جنهن ۾ 14 سينٽي ميٽرن جي اونهائي تائين ڪوبه آثار نه مليو آهي. جڏهن ته اتان جي مٽي تر ۾ هئي پر ڀت جي اوڀر واري پاسي ۾ ڪوئلو، وڏي تعداد ۾ هڏيون ۽ ٻيا آثار مليا آهن. ان کان هيٺ 70 سينٽي ميٽرن جي اونهائي ۾ گول پٿر مليا آهن جيڪي اتي موجود کوهه جي ڀت جا پٿر آهن، جنهن بعد 83 سينٽي ميٽرن جي اونهائي ۾ ٽيم کي ٿانون جا ٽڪر ۽ سڪا مليا آهن. جيڪي ٿانو مليا آهن انهن ۾ رنڱيل ٿانو، ٽامي جا ٿانو، هڏيون، هاٿي جا ڏند، پٿرن تي جانورن جون تصويرون مليون آهن. بريفنگ ۾ ڳالهائيندي اٽلي جي ماهر چيو ته هن هنڌ جي کوٽائي مان هڪ محل جا آثار به مليا آهن، جنهن سان گڏ روڊ ۽ رستا به آهن جيڪي شهر ڏانهن وڃي رهيا آهن. هن چيو ته اهڙا به آثار مليا آهن جنهن مان ثابت ٿيو ته هن هنڌ تي آسائش جون شيون ٺاهڻ جو ڪم ٿيندو رهيو آهي. هن چيو ته هي آثار 21 سئو سال پراڻا آهن.