بلاگ

شاندار جنازو

زاهده ابڙو

موت ئي واحد سچائي آهي جنهن کان ڪوبه زنده وجود انڪار نٿو ڪري سگهي. موت هميشه ڊيڄاريندو آهي، وڇوڙي جو احساس ڏياريندو آهي ۽ هڪ المناڪ احساس ۾ وڪوڙي ڇڏيندو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن ڪي شخصيتون اهڙيون به هونديون آهن جيڪي زندگيءَ ۾ آمرن لاءِ للڪار بڻجي وينديون آهن ته موت کي ڄڻ مات ڏئي وري زنده ٿي وينديون آهن. عاصمه جهانگير به هڪ اهڙي شخصيت هئي جنهن جي زندگيءَ جا سڀ رستا حق، سچ ۽ انسانيت سان ٿي مليا. هوءَ ارڏي هئي، هوءَ باغي هئي، پوري ملڪ جي هئي، هوءَ هر مذهب سان جڙيل ماڻهوءَ جي هئي، هوءَ بنا ڪنهن صنفي فرق جي سڀني جي دوست هئي، هوءَ نه مذهبن جي ديوارن کي مڃيندي هئي ۽ نه آمرن جي اصولن کي. هن هميشه اهو ئي ڪيو جيڪو سندس ضمير کيس چيو ۽ پنهنجي ضمير جي آواز تي يقين ۽ ڀروسو ڪندي هوءَ ان تي عمل ڪندي رهي. ڪالهه سندس جنازي مون کي نه پر پوري پاڪستان کي ۽ انهن قوتن کي جيڪي ستر سالن کان هڪ مخصوص مائينڊ سيٽ تيار ڪرڻ جي فيڪٽري کي وڏو ڪندي مضبوط ڪندا پيا وڃن سڀني کي حيران ڪر ڇڏيو. سندس جنازو ته جنازو لڳو ئي نه پئي، مون کي ته ائين لڳي رهيو هو ڄڻ هوءَ ڪنهن انقلاب کي ليڊ ڪندي هجي. سندس جنازي ۾ ايتري گهڻي تعداد ۾ عورتون شايد پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنهن به شخصيت جي جنازي ۾ پهريون ڀيرو شامل هيون نه رڳو ايترو پر انهن عورتن مرداڻي سماج جي نفي ڪندڙ عاصمه جي جنازي ۾ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري تاريخ ۾ هڪ انقلابي قدم اڳتي وڌايو. سندس جنازي ۾ هڪ مزدور کان وٺي اشرافيه طبقي جا ماڻهو موجود هئا. سندس جنازي ۾ عيسائي به هئا ته مسلمان به ۽ جنازي جو منظر هڪ نئين سوچ ۽ نئين فڪر جو آغاز ٿي لڳو. تمام گهٽ انسان اهڙا هوندا آهن جن جي مرڻ کانپوءِ به سندن مشن ناهي مرندو بلڪه سندن جنازو به سندن انقلابي سوچ جو مظهر بڻجي پوندو آهي. هوءَ زندگيءَ ۾ ته ترقي پسند هئي پر جنازو به ترقي پسند سوچ سان لبريز بڻجي ويس. ڪيترن ئي سازشي ذهنن کي اهو منظر ڏسي يقينن خوف کائي ويو هوندو ۽ نانگ سونگهي ويو هوندو. ترقي پسند سوچ کي ختم ڪندڙ يقينن اڃان وڌيڪ متحرڪ ٿي پوندا ته جيئن اهڙن ترقي پسندن اڳيان بند ٻڌي سگهن پر يقين اٿم ته عاصمه جي سوچ هڪ ڏينهن هر پاڪستان جي سوچ بڻجي ويندي.

نه چئو ته هوءَ مري وئي

آ خود امر ڪري وئي. (زاهده ابڙو)