چوندا آهن ته اُستاد پيغمبري پيشو آهي ۽ اُستاد کي روحاني ابي جو درجو حاصل هوندو آهي. تاريخ شاهد آهي ته هر عظيم قوم جي پويان عظيم استادن جو هٿ هوندو آهي. سماج ۾ اُستاد کي عزت، احترام ۽ بلند مقام حاصل رهيو آهي، ڇو ته اُستاد ئي انسان کي انسان بڻائي ٿو.
سماج ماڻهن جي اُن گڏيل نظام جو نالو آهي، جتي فرد هڪٻئي سان اخلاقي، سماجي، تعليمي ۽ ثقافتي لاڳاپن ۾ ٻڌل هوندا آهن. سماج صرف ماڻهن جو ميڙ ناهي، پر قدرن، روايتن، ذميوارين ۽ احترام تي ٻڌل هڪ مڪمل ڍانچو آهي. جڏهن سماج پنهنجا قدر وڃائي ويهي ٿو ته ان جا اثر سڀ کان پهرين تعليم تي پوندا آهن. اُستاد اهو شخص آهي جيڪو شاگرد کي رڳو ڪتابي علم نه، پر زندگيءَ جا اصول، اخلاق، سچائي ۽ سُٺي واٽ سيکاري ٿو. اُستاد هڪ معمار وانگر هوندو آهي، جيڪو قوم جي ايندڙ نسل کي تراشي ٿو. اُستاد جو ڪم رڳو سبق پڙهائڻ نه، پر ڪردار سازي به آهي.
شاگرد اهو فرد آهي جيڪو سکڻ جي عمل ۾ شامل هوندو آهي. شاگرد خالي ذهن نه، پر هڪ اميد آهي؛ هڪ مستقبل آهي. شاگرد جي ذميواري آهي ته هو ادب، محنت ۽ توجهه سان علم حاصل ڪري، ڇو ته تعليم صرف حق نه، پر فرض پڻ آهي، پر افسوس جو اڄ اسان جي سماج ۾ هي ٽئي بنيادي ڪردار، سماج، اُستاد ۽ شاگرد، پنهنجي پنهنجي جاءِ تي نظر نٿا اچن. هڪ وقت هو جڏهن اُستاد جي مار به سنوار سمجهي ويندي هئي. اُستاد ڪڏهن به دشمنيءَ مان شاگرد کي نه ماريندو هو، پر سڌاري لاءِ. ننڍپڻ ۾ اسان اُستادن کان مار به کائيندا هئاسين ۽ پيار به ملندو هو. گهر ۾ والدين سيکاريندا هئا ته اُستاد سان ڪڏهن گستاخي نه ڪبي، نه ئي ان جي ڪردارڪشي ڪبي. اڄ صورتحال بلڪل ابتڙ ٿي وئي آهي. موجوده نظام اُستاد کي ٻڌائي ٿو ته “شاگرد کي مار نه ڏيو، پوءِ ڀلي پڙهي يا نه پڙهي.” نتيجي ۾ اُستاد خوف ۾ مبتلا آهي، کيس هر وقت اهو خدشو هوندو آهي ته ڪٿي شاگرد، والدين يا انتظاميه سندس خلاف نه ٿي وڃي. اهڙي ذهني دٻاءَ ۾ اُستاد جي تدريسي دلچسپي گهٽجڻ فطري ڳالهه آهي. سماجي احترام ۾ گهٽتائي، والدين جو هر ڳالهه ۾ شاگرد جو طرف وٺڻ، قانوني ۽ انتظامي دٻاءُ، گهٽ پگهار ۽ معاشي پريشاني، اُستاد کي صرف “نوڪري پيشو” سمجهڻ اهي سڀ سبب گڏجي اُستاد کي ذهني طور ٿڪائي ڇڏين ٿا. جڏهن اُستاد محفوظ محسوس نه ڪندو، ته هو دل سان ڪيئن پڙهائيندو؟ موبائل فون ۽ سوشل ميڊيا جو وڌندڙ استعمال، والدين جي نگرانيءَ جي کوٽ، اُستاد سان ادب ۽ خوف جو خاتمو، تعليم کي ذميواري بدران مجبوري سمجهڻ، اخلاقي تربيت جي گهٽتائي.
شاگرد جڏهن اهو سمجهي ويهي ٿو ته کيس ڪو ڪجهه نه چئي سگهندو، تڏهن نظم و ضبط ختم ٿي وڃي ٿو، ۽ بغير نظم جي تعليم ممڪن ناهي. اصل مسئلو مار يا نه مار جو ناهي، اصل مسئلو توازن جو آهي. اُستاد کي اختيار به هجڻ گهرجي ۽ ذميواري به. شاگرد کي آزادي به ملي، پر حدن اندر. والدين کي به گهرجي ته اُستاد تي اعتماد ڪن ۽ ٻار جي هر غلطيءَ تي اسڪول سان جنگ نه ڪن. جيڪڏهن اسان کي سٺو سماج گهرجي ته اُستاد کي عزت واپس ڏيڻي پوندي، شاگرد کي ادب سيکارڻو پوندو ۽ والدين کي پنهنجو ڪردار ايمانداري سان ادا ڪرڻو پوندو. ان لاءِ ضروري آهي ته استادن کي مختلف نفسياتي پاسن کي سمجهڻ لاءِ تربيت ڏني وڃي ته جيئن استاد به اسڪولن ۾ وڃڻ کانپوءِ پنهنجي ٻارن جي نفسيات کي سمجهي سگهن ۽ اهي انهن کي سندن مسئلن کي سمجهڻ کانپوءِ پڙهائڻ جي قابل ٿي سگهن، جڏهن استاد تربيت يافته هوندو تڏهن اهو اهڙي نظام ۾ پڙهائڻ جي قابل هوندو جتي تمام گهڻا چئلينجز به موجود هوندا. استاد به نه چاهيندو آهي ته هو پنهنجي شاگرد کي جسماني تشدد ڪري پوءِ پڙهائي. ان لاءِ ضروري آهي ته استادن جي ٽريننگ جي دوران انهن کي ڏکين شاگردن کي سنڀالڻ لاءِ تربيت ڏني وڃي ته ڪهڙين ڏکين حالتن ۾ استاد اهڙن شاگردن کي ڪيئن پڙهائي جو شوق ڏئي سگهي ٿو ۽ انهن جي غلط روين کي درست ڪري سگهي ٿو.