بلاگنئون

پاڪستان ۾ بک جو وڌندڙ بحران

اِهي انگ اکر حيران ڪندڙ آهن، پر بحران اڪثر ڪري ماٺ ۾ وڌندو رهي ٿو. پري پيل ڳوٺن ۾، ٻوڏن کان تباهه ٿيل کيتن ۾ ۽ انهن گهرن ۾ جتي ماڻهو هاڻي بنيادي کاڌو به خريد نٿا ڪري سگهن. گڏيل قومن جي سهڪار سان تيار ڪيل هڪ نئين جائزي مان معلوم ٿيو آهي ته پاڪستان جا 1.1 ڪروڙ ماڻهو هن وقت خوراڪ جي شديد غير دستيابي جو شڪار آهن، بک جي اها سطح جيڪا زندگين، روزگار ۽ ڊگهي مدي واري انساني ترقي لاءِ خطرو آهي.

گڏيل قومن جي خوراڪ ۽ زراعت واري تنظيمFAO  جي جاري ڪيل 2025 Global Report on Food Crises موجب هي بحران بلوچستان، سنڌ ۽ خيبر پختونخواهه جي 68 ڳوٺاڻن ضلعن ۾ تمام گهڻو شديد آهي. انهن مان 17 لک ماڻهو هنگامي حالت ۾ زندگي گذاري رهيا آهن، جتي بک جسماني نقصان تائين پهچي چڪي آهي.

سالَـن کان ڇڪجندڙ بحران: پاڪستان ۾ خوراڪ جي عدم تحفظ ڪا نئين ڳالهه ناهي. گذريل اڌ ڏهاڪي کان بلوچستان جي ايراضيءَ واري پٽي ۽ سنڌ جي سامونڊي علائقن ۾ غذائي کوٽ جي انتهائي بلند شرح مسلسل رپورٽ ٿي رهي آهي. ڪيترن ضلعن ۾ ان جي شرح 10 سيڪڙو کان مٿي رهي آهي، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي اها 30 سيڪڙو کان به وڌي وئي  آهي. تازي رپورٽ مطابق صورتحال گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ٿوري بهتري باوجود به اڃان ڳڻتيءَ جوڳي آهي. بدلجندڙ موسم، ماحولياتي تبديليون، ڪٿي ڏڪار ۽ ڪٿي تباهه ڪندڙ ٻوڏون، ڳوٺاڻين معيشتن کي وڌيڪ ڪمزور ڪري رهيون آهن. 2022ع جي تباهه ڪندڙ ٻوڏ کان متاثر ٿيل ڪيترائي خاندان اڃان تائين گهر، زمين ۽ بنيادي ڍانچا ٻيهر بحال ڪرڻ لاءِ پورهيو ڪري رهيا آهن.

ٻارن تي بک جو وڏو حملو: رپورٽ جو سڀ کان دردناڪ حصو ننڍن ٻارن سان لاڳاپيل آهي. مارچ 2023ع کان جنوري 2024ع تائين 21 لک ٻار جن جون عمرون 5 سالن کان گهٽ آهن، شديد خوراڪ جي ڪميءَ جو شڪار رهيا. انهن جي خوراڪ نه صرف مقدار ۾ گهٽ هئي، پر معيار به بهتر نه هئي. سياري جي مهينن ۾ خوراڪ مهانگي، نوڪريون گهٽ ۽ مارڪيٽن تائين پهچ محدود هئڻ سبب صورتحال وڌيڪ سنگين ٿي وئي. سنڌ ۽ بلوچستان جي ڳوٺاڻن صحت مرڪزن ۾ گهٽ وزن، ڪمزور مدافعتي نظام ۽ قد جي واڌاري ۾ رڪاوٽ وارو مسئلو عام آهي. غذا جي کوٽ صرف ٻارن تائين محدود ناهي، ڪيتريون مائرون به ان غذائي کوٽ جون شڪار آهن. خاص طور تي اهي جيڪي حاملا يا ٻار کي کير پياريندڙ آهن ۽ جتي صحت جون خدمتون محدود آهن. گهٽ وزن سان پيدا ٿيندڙ ٻارن جو انگ وڏي تعداد ۾ برقرار آهي. جن ضلعن ۾ ٻوڏ، پيئڻ جي پاڻي ۽ صفائي جا نظام تباهه ٿيل آهن، اتي دستن، ساھ جي بيمارين ۽ مليريا وڌيڪ نقصان ڪيو آهي، جيڪي سڌي طرح ٻارن جي غذائي کوٽ ۾ شدت پيدا ڪري رهيون آهن. سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ 2022ع جي ٻوڏ جا اثر اڃان ختم نه ٿيا آهن. پاڻيءَ جا نظام ٽٽل، هينڊ پمپ آلودگي پيدا ڪندڙ ۽ خيبر پختونخواهه، بلوچستان ۽ سنڌ جا ڪيترائي رستا اڃان تائين خراب حالت ۾ آهن، جنهن سبب متاثر ٿيل ماڻهن جي مارڪيٽن، اسپتالن ۽ روزگار تائين رسائي محدود ٿي رهي آهي. هي رڳو انفرااسٽرڪچر جا مسئلا نه آهن، بلڪه زندگيءَ جا رستا آهن، جيڪي خراب ۽ غير محفوظ پاڻيءَ جي ڪري انساني زندگين کي خطري ۾ وجهي رهيا آهن.  فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن جي هڪ رپورٽ مطابق هي هڪ وڏو خدشو آهي ته انساني امداد لاءِ فنڊ گهٽجي رهيا آهن. غذائيت، صحت ۽ خوراڪ جي مددگار صوبن کي هلائڻ لاءِ وسيلن جي کوٽ اڳ ۾ ئي خدمتن ۾ رڪاوٽ بڻجي چڪي آهي.  پاڪستان جي بک ۽ خوراڪ جي بحران جي پاڙ گهڻي پراڻي آهي. موسمي خطرن، غربت ۽ خراب حڪمرانيءَ جي گڏيل اثرن سان ٿر جي ڏڪارن کان وٺي ڏکڻ پنجاب ۽ سنڌ جي هيٺين ٻوڏائين علائقن تائين، ماڻهو سالن کان بار بار بحرانن کي منهن ڏئي رهيا آهن. 2017  کان 2021 تائين جي IPC رپورٽن ۾ گهڻو ڌيان سنڌ ۽ بلوچستان جي هنگامي حالتن تي رهيو، پر 2022ع جون ٻوڏون تاريخي تباهي کڻي آيون، جتي 16 ضلعن ۾ لڳ ڀڳ 49 سيڪڙو آبادي شديد خوراڪ جي کوٽ جو شڪار ٿي وئي. ماهرن جو چوڻ آهي ته بک کي منهن ڏيڻ لاءِ رڳو هنگامي امداد ڪافي ناهي. حقيقي تبديلي لاءِ موسمي مطابقت، پاڻي جي نظامن ۾ سيڙپڪاري، مقامي صحت جي سهولتن ۾ واڌ، غذائتي سهولتن کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وقت، پاڪستان ۾ لکين خاندان بک ۽ بدحالي جي ڪناري تي بيٺل آهن، هڪ اهڙي روزاني جدوجهد جنهن کي خبرن ۾ به نظرانداز ڪيو وڃي ٿو، پر جيڪا انهن جي زندگيءَ کي ڪنٽرول ڪري رهي آهي.

پاڪستان ۾ بک ۽ غذائي کوٽ جو بحران هر گذرندڙ سال سان وڌيڪ سنگين بڻجي رهيو آهي۔ 2025 جي گلوبل هنگر انڊيڪس (GHI) موجب، پاڪستان 123 ملڪن مان 106 هين نمبر تي اچي ويو آهي، جيڪو نه صرف خطري جي گھنٽي آهي، پر انساني ترقي تي ڊگهي عرصي جا اثر ڇڏي سگهي ٿو. 26.0 جي GHI اسڪور سان ملڪ کي “سنگين” بک واري درجي ۾ رکيو ويو آهي، اهو درجو جنهن ۾ ڪروڙين ماڻهن جي زندگي ۽ صحت خطري ۾ پيل آهي.  گلوبل هنگر انڊيڪس موجب، پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ 20.7 سيڪڙو آبادي غذائي کوٽ جو شڪار آهي، جڏهن ته 82 سيڪڙو ماڻهو صحتمند غذا خريد ڪرڻ جي سگهه نٿا رکن. اها صورتحال معاشي بدحالي، روزگار جي کوٽ ۽ وڌندڙ مهانگائي جي نتيجي ۾ وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي۔ پاڪستان ۾ خوراڪ جو بحران صرف انگن ۽ اکرن جو مسئلو ناهي، اهو هر روز لکين گهرن، ٻارن ۽ عورتن جي حياتيءَ تي اثر انداز ٿي رهيو آهي. نومبر 2024 کان مارچ 2025 تائين، ڏورانهن ڳوٺاڻن علائقن ۾ لڳ ڀڳ 11 ملين ماڻهو خوراڪ جي کوٽ جي سخت مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهن. ان مان 1.7 ملين ماڻهو IPC فيز 4 يعني ايمرجنسي جي سطح تي آهن، جتي بک زندگيءَ جو خطري بڻجي وڃي ٿي. ملڪ ۾ غذائي کوٽ جو بدترين اثر ٻارن تي پيو آهي۔ پنجن سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن مان 40 سيڪڙو ٻار اسٽنٽنگ (قد ۾ گهٽتائي) جو شڪار آهن. ڀارت، بنگلاديش ۽ سري لنڪا جي مقابلي ۾ پاڪستان جا انگ اکر گهڻو وڌيڪ خطري وارا آهن جنهن ڪري ايندڙ نسل جي ذهني ۽ جسماني ترقي سنگين خطري ۾ آهي. دائيون ۽ صحت ورڪر ٻڌائين ٿا ته ٻارن ۾ وزن گهٽ ٿيڻ، قوت مدافعت ڪمزور ٿيڻ ۽ بار بار بيمار ٿيڻ عام مسئلا بڻجي ويا آهن. ورلڊ فوڊ پروگرام (WFP) جي نئين رپورٽ پاڪستان جي صورتحال کي هڪ “شديد غذائي هنگامي حالت” قرار ڏنو آهي، جنهن ۾ انگن اکرن مطابق 20.7%  آبادي غذائي کوٽ جو شڪار، 40%  ٻار اسٽنٽنگ جا شڪار، 82%  ماڻهو صحتمند غذا هٿ ڪرڻ جي سگهه کان محروم آهن. هن وقت پاڪستان عالمي سطح تي آبهوا تبديلي جي خطري ۾ اٺين نمبر تي آهي. پويان سال تباهه ڪندڙ ٻوڏن نه صرف ماڻهن جو روزگار ختم ڪيو، پر فصلن، مال متاع، روڊن رستن ۽ پاڻي جي نظام کي به تباهه ڪيو۔ اهي ٻوڏون اڄ ڏينهن تائين ڪيترن علائقن ۾ پنهنجو اثر ڇڏي رهيون آهن جتي صاف پاڻي، خوراڪ ۽ صحت جون سهولتون اڃان تائين بحال نه ٿيون آهن.  عورتن ۽ ڇوڪرين لاءِ ڏکيائيون وڌي رهيون آهن، عورتن لاءِ غذائي بحران وڌيڪ خطرناڪ آهي، حمل دوران غذائي کوٽ، لڏپلاڻ دوران سهولتن جي اڻاٺ، ڪمائي جا محدود موقعا، صحت جي سهولتن تائين محدود رسائي، اهو سڀ گڏجي عورتن ۽ ڇوڪرين کي غذائي بحران ۾ وڌيڪ غير محفوظ بڻائي ٿو. ملڪ ۾ بک کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت، ادارن ۽ برادري سطحي مداخلتن جي ضرورت آهي. پاڪستان جو بک جو بحران هڪ انساني الميو بڻجي چڪو آهي، جتي هر انگ اندر هڪ انسان جي پيڙا لڪل آهي هڪ ٻار جيڪو بک سبب ننڍڙو رهجي وڃي ٿو، هڪ ماءُ جيڪا ناڪافي غذا باوجود پنهنجي ٻار کي پالڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ۽ هڪ خاندان جيڪو روزگار وڃائڻ کانپوءِ ٻن وقتن جي ماني جوڳو به ڪونه آهي. جيڪڏهن فوري ۽ ڊگهي مدي جا قدم نه کنيا ويا ته ايندڙ سالن ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي.