نئون

حڪومت جو ملڪ اندر نئون بلدياتي نظام آڻڻ جو فيصلو

وزيراعظم عمران خان ملڪ اندر نئون بلدياتي نظام آڻڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي ورتي آهي، جنهن بعد هي معاملو قانون سازي لاءِ اسيمبلين ۾ پيش ڪيو ويندو. وزيراعظم پاران چيو ويو آهي ته هڪ هفتي اندر تمام ڪارروائي مڪمل ڪري قانون ٺاهي پنجاب ۽ خيبر پختوانخواهه ۾ رائج ڪيا وڃن، جتي پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي. جنهن بعد سنڌ ۾ پيپلزپارٽي ۽ بلوچستان ۾ بي اي پي جي حڪومت کان به آرٽيڪل A-140 تحت اهي قانون نافذ ڪرايا ويندا. ان موقعي تي وزيراعظم جو چوڻ هو ته اختيارين کي هيٺين سطح تائين منتقلي ۽ افرادي قوت کي بهتر بنائڻ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ايجنڊا ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿي. اجلاس بعد فواد چوڌري چيو ته مان اهڙي بلدياتي نظام آڻڻ جي صلاح ڏني آهي جنهن ۾ شهر جي ميئر جي چونڊ سڌي ريت عوام ڪندي آهي نه ڪي ديهه يا يونين ڪائونسل جا رڪن اهڙي چونڊ ڪندا آهن ۽ ان قسم جو نظام انگلينڊ ۽ ٻين يورپي ملڪن اندر به هلي رهيو آهي. جڏهن ته پنجاب جي نامزد گورنر چوڌري سرور ۽ بلوچستان جي وزيراعليٰ ڄام ڪمال پاران سڌي ريت ووٽنگ ذريعي ميئر جي چونڊ جي مخالفت ڪئي وئي، ٻئي طرف خورشيد شاهه چيو ته ملڪي مفاد ۾ هر قانون جي حمايت ڪئي ويندي.