الارم صبح جا ست وڄايا ته هوءَ سُڄاڳ ٿي وئي. سائيڊ ٽيبل تي رکيل الارم ڳچ دير وڄندو رهيو. سندس کاٻو هٿ حرڪت ڪندو الارم جي مٿان اُڀريل بٽڻ تائين پهتو ۽ بٽڻ دٻائيندي ئي الارم جي گهنٽي وڄڻ بند ٿي وئي. هن اکيون کوليون، ڪجهه دير لاءِ ڇت واري پکي کي ڏسندي رهي، جيڪو تيز رفتاري سان ڦري رهيو هو. چادر هٽائي هوءَ پلنگ تي اُٿي ويٺي ۽ آرس ڀڃندي هن اوٻاسي ڏني. سائيڊ ٽيبل تي رکيل ڪيچر کنيائين پنهنجا وکريل وار ٻنهي هٿن سان سموهيندي ڪيچر هڻي قابو ڪيائين. روز جي معمول موجب هن کي صبح 9 وڳي تائين لائبريري پهچڻو هو. جتي هوءَ لائبريرين هئي. هن واش روم وڃي برش ڪيو، پوءِ وهنجي سهنجي پنهنجي لاءِ نيرن ٺاهڻ لڳي. ٽوسٽر ۾ ڊبل روٽيون وجهي، انهن کي سيڪيائين. هاف فراءِ آنو تيار ڪيائين ۽ چُلهه تي چانهه رکي ڇڏيائين. هاڻ سندس نيرن تيار هئي. هوءَ نيرن جو سڄو سامان هڪ ننڍڙي ٽري ۾ رکي ڪمري ۾ پيل ننڍڙي ميز تي رکي کائڻ لڳي.
هن جيئن چانهه جو ڍڪ ڀريو ته اها کيس ڦڪي محسوس ٿي. هن کان کنڊ وجهڻ وسري وئي هئي. هوءَ چانهه جي شوقين ڪانه هئي، پر کيس بنا کنڊ واري چانهه اصل ڪانه وڻندي هئي. هي ساڻس ٽيون ڀيرو ٿيو هو جو کيس چانهه ۾ کنڊ وجهڻ وسري وئي هئي. رڌڻي مان کنڊ کڻي هن چانهه ۾ ملائي ۽ پيئڻ لڳي. کيس محسوس ٿيو ته ڪجهه ڏينهن کان هن سان عجيب معاملا پئي ٿيا. گهڻو ڪري ته ائين به ٿي رهيو هو جو چمڙي جي وڏي ناسي پرس ۾ رکيل شيون به هن کان گُم ٿي پئي ويون. هٿ سان ڦلهور ڪندي هئي جيڪا شيءِ گهربل هوندي هيس سا ان وقت ڪانه ملندي هئي يا کيس اندازو نه ٿيندو هئس ته اهي شيون هن پرس ۾ رکيون آهن يا گهر جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ رکي وسري وئي آهي. سندس پرس ۾ هر شيءِ هوندي هئي، ميڪ اپ جو سامان، پئسا، ڪنن جا والا ۽ واليون، ڦڻي، گوريون ۽ ڪا کائڻ جي شيءِ به پرس ۾ پئي هوندي هئس. هن لاءِ اهو پرس نه هو، پر ڪا زنبيل هئي، اهڙي ئي زنبيل جيڪا ڪنهن جادوگر وٽ هوندي آهي ۽ اهو خواهش ڪندي ان ۾ هٿ وجهندو آهي ته اها شيءِ نڪري ايندي آهي.
چانهه ۾ کنڊ نه وجهڻ وارو معاملو ڳڻتي جوڳي ڳالهه ان ڪري هئي جو اهو عمل هڪ ڀيرو ڪونه ٿيو هو. ڪجهه ڏينهن اڳ لائبريريءَ ۾ جڏهن هوءَ ڪتاب اشو ڪري رهي هئي ۽ انٽري دوران هن کان ان ڏينهن جي تاريخ وسري وئي. تڏهن هن ڀرسان رکيل ڪئلينڊر ۾ نهاريو ۽ تاريخ درج ڪيائين. هوءَ وقت تي لائبريري پهتي. شاگرد ۽ عام پڙهندڙ لائبريري پهچڻ شروع ٿي ويا. هن پرس ڪائونٽر ڊيسڪ جي اندرئين خاني ۾ رکيو. فليٽ جي چاٻين جو ڇُڳو هن روز جيان ڀت تي لڳل ٽنگڻِيءَ ۾ ٽنگيو. ڪائونٽر ڊيسڪ تي ڪتاب وٺندڙ ۽ ڏيندڙ اچڻ لڳا. هن ڪجهه نيون انٽريون ڪيون ۽ پوءِ وڏن ٽنگن واري ڪرسي تي ويهي لائبريريءَ سان لاڳاپيل ڪي ضروري معاملا جاچڻ لڳي.
اها شهر جي قديم لائبريري هئي. جيئن هر انسان جي هڪ ڪهاڻي هوندي آهي، ائين هر عمارت جي به ڪهاڻي هوندي آهي. ٿلهين ڀتين ۽ وڏن در درين واري لائبريريءَ جي عمارت سئو سال پراڻي هئي، پر سرڪاري تحويل ۾ وڃڻ کان اڳ اها عمارت قبضاگيرن جي ور چڙهيل هئي. جن ان کي ڊاهي ڪو پلازا اڏڻ ٿي چاهيو. فسادن وارن ڏينهن ۾ لائبريريءَ کي باهه لڳي ته ڪتابن جا پراڻا نسخا سڙي ويا. جيڪي ڪتاب ۽ اخبارون بچيون سي وري ترتيب سان لائبريريءَ جي ڪٻٽن ۾ رکيون ويون. جڏهن لائبريريءَ جي بحاليءَ جو ڪم شروع ٿيو ته پراڻي زماني جا فانوس ڇت ۾ ٽنگجي ويا. ڀتين تي منفرد ۽ وڻندڙ بلب هولڊر لڳي ويا. هيٺيون فرش جتان جتان اکڙيو ۽ باهه سبب متاتر ٿيو هو، ان کي وري جوڙيو ويو ۽ ساڳيا ئي ٽائيلس وڇايا ويا. ڇت ايتري اوچي هئي جو بجلي هلي ويندي هئي تڏهن به گرمي نه لڳندي هئي ۽ هوا جو گذر به گهڻو هو. درين مٿان لڳل روشندانن مان سج جي روشني ليئا پائي وڏي هال ۾ سوجهرو ڪري ڇڏيندي هئي. ڪشادي لائبريريءَ ۾ بوڪ شيلف ساڳواڻ جي ڪاٺين جا ٺهيل هئا، جيڪي اڏوهيءَ کان بچيل هئا. ماٺ ۾ وڪوڙيل لائبريريءَ ۾ سڪون هو. ڪٻٽن ۾ رکيل پراڻن ڪتابن کي ڪنهن مهل ڪڍڻ وقت انهن جي پنن ۽ جُلد تي ڄميل دز کي هٽائڻ مهل اها دز هن جي ناسن ۾ هلي ويندي هئي. ان کان بچڻ لاءِ هوءَ ماسڪ لڳائيندي هئي، پر ماسڪ ان وقت سندس نڪ کي ڍڪيندو هو جڏهن ڪو پراڻو ڪتاب يا اخبارن جو فائل کيس جاچڻو هوندو هو.
هوءَ ڪمپيوٽر کولي ڪيٽالاگ جاچي رهي هئي ته ڪائونٽر ڊيسڪ تي هڪ اڌوڙٽ ڄمار جي ماڻهو کيس سلام ڪيو. هو مستقل لائبريري ايندڙ هو.
“مون کي هڪ لوڪ ڪهاڻين واري ڪتاب جي ڳولا آهي، هيءَ شهر جي پراڻي لائبريري آهي، پڪ سان اهو ڪتاب هتي هوندو.” هن پنهنجو چشمو لاهي رومال سان صاف ڪري اکين تي چاڙهيندي چيو.
“سوچيم پئي ته ايندي ايندي بجليءَ جو بل کڻي اينديس ۽ پوسٽ آفيس ۾ پياري ڇڏينديس، پر گهر وساري آئي آهيان.” هن جواب ڏنو.
“خير آهي سڀاڻي پياري ڇڏجانءِ پوسٽ آفيس وارا ليٽ بل به وٺندا آهن.” وحيده چيس.
“ها وٺندا ته آهن، پر پئسا ڪجهه وڌيڪ ڀرڻا پوندا.” هن پرس ان جاءِ تي رکيو جتان کنيو هو.
چانهه ۾ کنڊ نه وجهڻ کانپوءِ ويسر جو اهو ٻيو واقعو هو. هن سوچيو ڇا کيس ڊمينشيا پئي ٿئي. جنهن سبب هن کان شيون وسرڻ لڳيون آهن. اهو مسئلو سندس ماءُ کي جواني وارن ڏينهن کان هو. ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن هن کان لائبريري ميمبر هڪ ڪتاب گهرڻ آيو ته هن کيس منع ڪيو. جڏهن ته هن پاڻ ئي ان ميمبر کي ٻڌايو هو ته اهو ڪتاب ڪنهن کي اشو ڪيل آهي، جيڪو ڏينهن ٻن ۾ واپس ٿيندو. پوءِ گهڻو ياد ڏيارڻ تي هن ميمبر جي ڳالهه مڃي ۽ ڪتاب ساڄي پاسي رکيل شيلف ۾ موجود هو. هن کي هاڻ اهو پڻ محسوس ٿيو پئي ته جيڪي ڪهاڻيون ۽ ڪتاب هن پڙهيا هئا، انهن مان ڪيتريون ڪهاڻيون ۽ ڪتابن جا نالا پڻ وسري پئي ويا، جيڪي ضروري شيون کيس پرس ۾ وجهي کڻڻيون هونديون هيون، اهي به کڻڻ وسري وينديون هيون.
اهو سڀ هوندي به سندس زندگيءَ ۾ هڪ اهڙُو ماڻهو به هو جيڪو هن جي خوشين جو ڪارڻ هو، جيڪو سندس مرڪ جو سبب بڻيو. جنهن کي ڏسي هن جي اکين جي جوت وري ايندي هئي ۽ چپن تي مرڪ جا گلاب ائين ٽڙندا هئا ڄڻ پورو باغ مهڪي پيو هجي. اهو ڪبير هو. ڪبير هن سان وقت گذاريندو هو، هن سان گهمندو هو. هن سان کينچلون ڪندو هو ۽ هٿ ۾ هٿ ڏئي پنڌ ڪندو هو. هو بلاگر هو. هن جي بلاگن جا موضوع قديم آثار، ڪردار ۽ ثقافتي گهڻ رنگائپ هئا. صوفيه اڃان ساڻس ملي ڪانه هئي ته لکڻين وسيلي هن جو تعارف ٿيو هو. جڏهن هو لائبريريءَ جي قديم عمارت تي تصويري بلاگ لکي رهيو هو ته صوفيه کيس پهريون ڀيرو ڏٺو هو. بلاگ ڇپجي ويو ته ٻنهي جي ملاقاتن جو سلسلو وڌندو ويو. ڪبير ڪڏهن به هڪ هنڌ ٽڪي ويهڻ وارو ڪونه هو. هو سدائين پنهنجي لکڻ واري ڪرت سان ماڳ مڪان پيو ڳوليندو هو، پر صوفيه سان ملڻ، وقت گهارڻ ۽ قربت به هن لاءِ ضروري هئي. سندس ڪلهي ۾ لڙڪيل ٿيلهي ۾ ڪتاب، هڪ ڊائري، قلم ۽ ڪئمرا هوندي هئي. ان کانسواءِ انهيلر جيڪو دم جي بيماري سبب کيس هر وقت گڏ رکڻو پوندو هو. دم جي مرض سان هن جو ننڍي هوندي کان واسطو پيو هو. ان مان بيزار به ٿيندو هو، پر انهيلر هن لاءِ مسيحا هو. سياري جي سرد راتين ۾ ساهه کڻڻ هن لاءِ ڏکيو ٿي ويندو هو، تڏهن اها دوا ئي سندس ساهه هڪ سريکا ڪندي هئي ۽ ڦڦڙن تي پوندڙ بار کي گهٽائي ڇڏيندي هئي.
اڄ هو صوفيه وٽ اچڻو هو. رات جي ماني ۽ اها رات کيس هن سان گذارڻي هئي. ڀت تي لڳل گهڙيال جي ڪانٽن پنج وڄايا ته لائبريريءَ جو وقت پورو ٿيو. لائبريريءَ ۾ پڙهندڙ ۽ اتي ڪم ڪندڙ چُرڻ لڳا. هڪ ئي وقت ڪيترين ئي ڪرسين جي گسڪي سبب فرش تي سُرندڙ ڪرسين جا آواز گڏجي ويا. ڪنهن ڪتاب ڪائونٽر ڊيسڪ تي جمع ڪرايا، ڪنهن ڪٻٽ ۾ ساڳي جاءِ تي رکيا، ڪن اخبارن کي ويڙهي ڇڏيو ۽ سوزانا به پنهنجون شيون سنڀالي گهر رواني ٿي.