ڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: ويسر

تحرير: صنم جاگيراڻي

الارم صبح جا ست وڄايا ته هوءَ سُڄاڳ ٿي وئي. سائيڊ ٽيبل تي رکيل الارم ڳچ دير وڄندو رهيو. سندس کاٻو هٿ حرڪت ڪندو الارم جي مٿان اُڀريل بٽڻ تائين پهتو ۽ بٽڻ دٻائيندي ئي الارم جي گهنٽي وڄڻ بند ٿي وئي. هن اکيون کوليون، ڪجهه دير لاءِ ڇت واري پکي کي ڏسندي رهي، جيڪو تيز رفتاري سان ڦري رهيو هو. چادر هٽائي هوءَ پلنگ تي اُٿي ويٺي ۽ آرس ڀڃندي هن اوٻاسي ڏني. سائيڊ ٽيبل تي رکيل ڪيچر کنيائين پنهنجا وکريل وار ٻنهي هٿن سان سموهيندي ڪيچر هڻي قابو ڪيائين. روز جي معمول موجب هن کي صبح 9 وڳي تائين لائبريري پهچڻو هو. جتي هوءَ لائبريرين هئي. هن واش روم وڃي برش ڪيو، پوءِ وهنجي سهنجي پنهنجي لاءِ نيرن ٺاهڻ لڳي. ٽوسٽر ۾ ڊبل روٽيون وجهي، انهن کي سيڪيائين. هاف فراءِ آنو تيار ڪيائين ۽ چُلهه تي چانهه رکي ڇڏيائين. هاڻ سندس نيرن تيار هئي. هوءَ نيرن جو سڄو سامان هڪ ننڍڙي ٽري ۾ رکي ڪمري ۾ پيل ننڍڙي ميز تي رکي کائڻ لڳي.

هن جيئن چانهه جو ڍڪ ڀريو ته اها کيس ڦڪي محسوس ٿي. هن کان کنڊ وجهڻ وسري وئي هئي. هوءَ چانهه جي شوقين ڪانه هئي، پر کيس بنا کنڊ واري چانهه اصل ڪانه وڻندي هئي. هي ساڻس ٽيون ڀيرو ٿيو هو جو کيس چانهه ۾ کنڊ وجهڻ وسري وئي هئي. رڌڻي مان کنڊ کڻي هن چانهه ۾ ملائي ۽ پيئڻ لڳي. کيس محسوس ٿيو ته ڪجهه ڏينهن کان هن سان عجيب معاملا پئي ٿيا. گهڻو ڪري ته ائين به ٿي رهيو هو جو چمڙي جي وڏي ناسي پرس ۾ رکيل شيون به هن کان گُم ٿي پئي ويون. هٿ سان ڦلهور ڪندي هئي جيڪا شيءِ گهربل هوندي هيس سا ان وقت ڪانه ملندي هئي يا کيس اندازو نه ٿيندو هئس ته اهي شيون هن پرس ۾ رکيون آهن يا گهر جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ رکي وسري وئي آهي. سندس پرس ۾ هر شيءِ هوندي هئي، ميڪ اپ جو سامان، پئسا، ڪنن جا والا ۽ واليون، ڦڻي، گوريون ۽ ڪا کائڻ جي شيءِ به پرس ۾ پئي هوندي هئس. هن لاءِ اهو پرس نه هو، پر ڪا زنبيل هئي، اهڙي ئي زنبيل جيڪا ڪنهن جادوگر وٽ هوندي آهي ۽ اهو خواهش ڪندي ان ۾ هٿ وجهندو آهي ته اها شيءِ نڪري ايندي آهي.

چانهه ۾ کنڊ نه وجهڻ وارو معاملو ڳڻتي جوڳي ڳالهه ان ڪري هئي جو اهو عمل هڪ ڀيرو ڪونه ٿيو هو. ڪجهه ڏينهن اڳ لائبريريءَ ۾ جڏهن هوءَ ڪتاب اشو ڪري رهي هئي ۽ انٽري دوران هن کان ان ڏينهن جي تاريخ وسري وئي. تڏهن هن ڀرسان رکيل ڪئلينڊر ۾ نهاريو ۽ تاريخ درج ڪيائين. هوءَ وقت تي لائبريري پهتي. شاگرد ۽ عام پڙهندڙ لائبريري پهچڻ شروع ٿي ويا. هن پرس ڪائونٽر ڊيسڪ جي اندرئين خاني ۾ رکيو. فليٽ جي چاٻين جو ڇُڳو هن روز جيان ڀت تي لڳل ٽنگڻِيءَ ۾ ٽنگيو. ڪائونٽر ڊيسڪ تي ڪتاب وٺندڙ ۽ ڏيندڙ اچڻ لڳا. هن ڪجهه نيون انٽريون ڪيون ۽ پوءِ وڏن ٽنگن واري ڪرسي تي ويهي لائبريريءَ سان لاڳاپيل ڪي ضروري معاملا جاچڻ لڳي.

اها شهر جي قديم لائبريري هئي. جيئن هر انسان جي هڪ ڪهاڻي هوندي آهي، ائين هر عمارت جي به ڪهاڻي هوندي آهي. ٿلهين ڀتين ۽ وڏن در درين واري لائبريريءَ جي عمارت سئو سال پراڻي هئي، پر سرڪاري تحويل ۾ وڃڻ کان اڳ اها عمارت قبضاگيرن جي ور چڙهيل هئي. جن ان کي ڊاهي ڪو پلازا اڏڻ ٿي چاهيو. فسادن وارن ڏينهن ۾ لائبريريءَ کي باهه لڳي ته ڪتابن جا پراڻا نسخا سڙي ويا. جيڪي ڪتاب ۽ اخبارون بچيون سي وري ترتيب سان لائبريريءَ جي ڪٻٽن ۾ رکيون ويون. جڏهن لائبريريءَ جي بحاليءَ جو ڪم شروع ٿيو ته پراڻي زماني جا فانوس ڇت ۾ ٽنگجي ويا. ڀتين تي منفرد ۽ وڻندڙ بلب هولڊر لڳي ويا. هيٺيون فرش جتان جتان اکڙيو ۽ باهه سبب متاتر ٿيو هو، ان کي وري جوڙيو ويو ۽ ساڳيا ئي ٽائيلس وڇايا ويا. ڇت ايتري اوچي هئي جو بجلي هلي ويندي هئي تڏهن به گرمي نه لڳندي هئي ۽ هوا جو گذر به گهڻو هو. درين مٿان لڳل روشندانن مان سج جي روشني ليئا پائي وڏي هال ۾ سوجهرو ڪري ڇڏيندي هئي. ڪشادي لائبريريءَ ۾ بوڪ شيلف ساڳواڻ جي ڪاٺين جا ٺهيل هئا، جيڪي اڏوهيءَ کان بچيل هئا. ماٺ ۾ وڪوڙيل لائبريريءَ ۾ سڪون هو. ڪٻٽن ۾ رکيل پراڻن ڪتابن کي ڪنهن مهل ڪڍڻ وقت انهن جي پنن ۽ جُلد تي ڄميل دز کي هٽائڻ مهل اها دز هن جي ناسن ۾ هلي ويندي هئي. ان کان بچڻ لاءِ هوءَ ماسڪ لڳائيندي هئي، پر ماسڪ ان وقت سندس نڪ کي ڍڪيندو هو جڏهن ڪو پراڻو ڪتاب يا اخبارن جو فائل کيس جاچڻو هوندو هو.

هوءَ ڪمپيوٽر کولي ڪيٽالاگ جاچي رهي هئي ته ڪائونٽر ڊيسڪ تي هڪ اڌوڙٽ ڄمار جي ماڻهو کيس سلام ڪيو. هو مستقل لائبريري ايندڙ هو.

“ڪيئن آهيو مس صوفيه؟” “مان ٺيڪ آهيان مسٽر ويرجي.” هن جواب ڏنو.

“مون کي هڪ لوڪ ڪهاڻين واري ڪتاب جي ڳولا آهي، هيءَ شهر جي پراڻي لائبريري آهي، پڪ سان اهو ڪتاب هتي هوندو.” هن پنهنجو چشمو لاهي رومال سان صاف ڪري اکين تي چاڙهيندي چيو.

“ڪتاب جو نالو ٻڌايو، مان ڪوشش ڪنديس ته ملي وڃي.” هن مرڪندي ورندي ڏني.

“ڪتاب جو نالو آهي، ناگ راج جي ڌيءَ، اهو چيني لوڪ ادب جي ڪهاڻين جو ترجمو آهي.”

“ڪافي پراڻو ڪتاب آهي، اسان وٽ پراڻا ڪتاب پيا آهن، پر بدقسمتيءَ سان هي لائبريري کي جڏهن فسادن ۾ باهه لڳي ته گهڻو رڪارڊ سڙي ويو، جن ۾ ڪيترائي پراڻا ۽ اڻ لڀ ڪتاب پڻ هئا، پر مان ڪيٽالاگ ۾ ڏسان ٿي.”

هن ڪمپيوٽرائزڊ ڪيٽالاگ ۾ ڄاڻايل ڪتاب جو نالو لکيو، پر کيس اهو ڪتاب نظر ڪين آيو.

“معاف ڪجو اهو ڪتاب لائبريريءَ جي ڪيٽالاگ ۾ نظر ڪونه پيو اچي. ٻيو ته هي ڪتاب ڪافي پراڻو آهي.” هن جواب ڏنو.

“اوهه اهو وڏو مسئلو ٿي ويو. جيڪڏهن اهو ڪتاب توهان جي لائبريريءَ ۾ ناهي ته پوءِ هن شهر جي ڪنهن لائبريريءَ ۾ ڪونه هوندو.” همراهه مايوس ٿيندي چيو.

“ان ڪتاب ۾ ڪا خاص ڳالهه آهي ڇا؟” هن مُرڪندي پڇيو.

“ها خاص ڳالهه آهي، ڪاليج واري زماني ۾ اهو ڪتاب پڙهيو هئم، هاڻي اهي ڪهاڻيون مان پنهنجن پوٽين پوٽن کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان. توهان کي خبر آهي، هاڻوڪي دور ۾ ٻارن ڪهاڻيون ٻڌڻ ڇڏي ڏنيون آهن.”

“سو ته آهي، پر مان ڪوشش ڪندم ته توهان لاءِ اهو ڪتاب هٿ ڪري وٺان.” هن کيس آسرو ڏيندي چيو.

“ها ڪوشش ڪجو. توهان جا ٻين لائبريرين سان واسطا هوندا، جي اتان هٿ اچي.” همراهه هليو ويو.

ان وقت کيس ياد آيو ته بجليءَ جو بل ڀرڻ جي اڄ آخري تاريخ هئي، هن پنهنجو پرس پاڻ ڏانهن سوريو، ان ۾ هٿ وجهي بل ڳولهڻ لڳي. سندس هٿ هڪ پني کي لڳو، هن هٿ ٻاهر ڪڍيو ته اهو بل نه، پر دوائن جو پرچو هو. هن اهو پرس ۾ واپس وڌو. ائين سندس آڱرين سڄو پرس ڦلهوري ورتو. ڪنهن مهل سندس آڱريون لپ اسٽڪ سان ٿي ٽڪرايون ته ڪنهن مهل نيل پينٽ سان ته ڪنهن مهل ڦڻيءَ جا ڏندا هن جي آڱرين سان رڳڙبا رهيا. هن نيٺ پرس وڌيڪ کولي هاڻ اکين سان جاچ ڪئي، پر بل جي ڪاپي پرس ۾ ڪانه هئي. اهو گهر وسري ويو هو.

“اوهه، بل ته گهر وساري آيس مان، اڄ آخري تاريخ آهي سڀاڻي ڏنڊ ڀرڻو پوندو.” هوءَ پريشاني ۾ پنهنجي منهن ڀڻڪي.

“ڇا ٿيو، ڇا تي پريشان آهين؟” اسسٽنٽ لائبريرين وحيده کانئس پڇيو.

“سوچيم پئي ته ايندي ايندي بجليءَ جو بل کڻي اينديس ۽ پوسٽ آفيس ۾ پياري ڇڏينديس، پر گهر وساري آئي آهيان.” هن جواب ڏنو.

“خير آهي سڀاڻي پياري ڇڏجانءِ پوسٽ آفيس وارا ليٽ بل به وٺندا آهن.” وحيده چيس.

“ها وٺندا ته آهن، پر پئسا ڪجهه وڌيڪ ڀرڻا پوندا.” هن پرس ان جاءِ تي رکيو جتان کنيو هو.

چانهه ۾ کنڊ نه وجهڻ کانپوءِ ويسر جو اهو ٻيو واقعو هو. هن سوچيو ڇا کيس ڊمينشيا پئي ٿئي. جنهن سبب هن کان شيون وسرڻ لڳيون آهن. اهو مسئلو سندس ماءُ کي جواني وارن ڏينهن کان هو. ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن هن کان لائبريري ميمبر هڪ ڪتاب گهرڻ آيو ته هن کيس منع ڪيو. جڏهن ته هن پاڻ ئي ان ميمبر کي ٻڌايو هو ته اهو ڪتاب ڪنهن کي اشو ڪيل آهي، جيڪو ڏينهن ٻن ۾ واپس ٿيندو. پوءِ گهڻو ياد ڏيارڻ تي هن ميمبر جي ڳالهه مڃي ۽ ڪتاب ساڄي پاسي رکيل شيلف ۾ موجود هو. هن کي هاڻ اهو پڻ محسوس ٿيو پئي ته جيڪي ڪهاڻيون ۽ ڪتاب هن پڙهيا هئا، انهن مان ڪيتريون ڪهاڻيون ۽ ڪتابن جا نالا پڻ وسري پئي ويا، جيڪي ضروري شيون کيس پرس ۾ وجهي کڻڻيون هونديون هيون، اهي به کڻڻ وسري وينديون هيون.

اهو سڀ هوندي به سندس زندگيءَ ۾ هڪ اهڙُو ماڻهو به هو جيڪو هن جي خوشين جو ڪارڻ هو، جيڪو سندس مرڪ جو سبب بڻيو. جنهن کي ڏسي هن جي اکين جي جوت وري ايندي هئي ۽ چپن تي مرڪ جا گلاب ائين ٽڙندا هئا ڄڻ پورو باغ مهڪي پيو هجي. اهو ڪبير هو. ڪبير هن سان وقت گذاريندو هو، هن سان گهمندو هو. هن سان کينچلون ڪندو هو ۽ هٿ ۾ هٿ ڏئي پنڌ ڪندو هو. هو بلاگر هو. هن جي بلاگن جا موضوع قديم آثار، ڪردار ۽ ثقافتي گهڻ رنگائپ هئا. صوفيه اڃان ساڻس ملي ڪانه هئي ته لکڻين وسيلي هن جو تعارف ٿيو هو. جڏهن هو لائبريريءَ جي قديم عمارت تي تصويري بلاگ لکي رهيو هو ته صوفيه کيس پهريون ڀيرو ڏٺو هو. بلاگ ڇپجي ويو ته ٻنهي جي ملاقاتن جو سلسلو وڌندو ويو. ڪبير ڪڏهن به هڪ هنڌ ٽڪي ويهڻ وارو ڪونه هو. هو سدائين پنهنجي لکڻ واري ڪرت سان ماڳ مڪان پيو ڳوليندو هو، پر صوفيه سان ملڻ، وقت گهارڻ ۽ قربت به هن لاءِ ضروري هئي. سندس ڪلهي ۾ لڙڪيل ٿيلهي ۾ ڪتاب، هڪ ڊائري، قلم ۽ ڪئمرا هوندي هئي. ان کانسواءِ انهيلر جيڪو دم جي بيماري سبب کيس هر وقت گڏ رکڻو پوندو هو. دم جي مرض سان هن جو ننڍي هوندي کان واسطو پيو هو. ان مان بيزار به ٿيندو هو، پر انهيلر هن لاءِ مسيحا هو. سياري جي سرد راتين ۾ ساهه کڻڻ هن لاءِ ڏکيو ٿي ويندو هو، تڏهن اها دوا ئي سندس ساهه هڪ سريکا ڪندي هئي ۽ ڦڦڙن تي پوندڙ بار کي گهٽائي ڇڏيندي هئي.

اڄ هو صوفيه وٽ اچڻو هو. رات جي ماني ۽ اها رات کيس هن سان گذارڻي هئي. ڀت تي لڳل گهڙيال جي ڪانٽن پنج وڄايا ته لائبريريءَ جو وقت پورو ٿيو. لائبريريءَ ۾ پڙهندڙ ۽ اتي ڪم ڪندڙ چُرڻ لڳا. هڪ ئي وقت ڪيترين ئي ڪرسين جي گسڪي سبب فرش تي سُرندڙ ڪرسين جا آواز گڏجي ويا. ڪنهن ڪتاب ڪائونٽر ڊيسڪ تي جمع ڪرايا، ڪنهن ڪٻٽ ۾ ساڳي جاءِ تي رکيا، ڪن اخبارن کي ويڙهي ڇڏيو ۽ سوزانا به پنهنجون شيون سنڀالي گهر رواني ٿي.

هوءَ جيئن گهر پهتي ته ڪجهه دير ۾ ڪبير به پهچي ويو. هن وڏي پاٻوهه مان کيس ڀاڪر پاتو. هن سان کينچلون ڪرڻ لڳي ۽ پوءِ ڪجهه گهڙين لاءِ هن ڏانهن منهن ڪري سندس جهوليءَ ۾ ويهي رهي.

“ڪهڙي ماڳ جي مٽي ڦلهوري آيو آهين.” هن سندس اکين ۾ نهاريندي پڇيو.

“ڪڏهن ڪڏهن ته لڳي ٿو ته مان قديم ماڳن کي ڳولهيندي ڳولهيندي پاڻ هڪ ماڳ بڻجي ويو آهيان. خبر اٿئي انهن ماڳن جي خاص ڳالهه ڪهڙي آهي؟“ هن صوفيه جي وارن جي ننڍڙي چڳ ڪن پويان ڪندي چيو.

“الائي ڪهڙي؟”

“اهي ماٺ هوندا آهن، ويران هوندا آهن، جهريل ۽ ڀڙڀانگ هوندا آهن پوءِ به سڀ ڪجهه بيان ڪندا آهن. ڪير اتان گذريو، ڪير اتي رهيو، ڪير اتي ڄائو ڪنهن ان کي تباهه ڪيو ۽ ڪنهن ان کي سنواري آباد ڪيو.”

“پر انهن جي ماٺ جي مام به ڪو تو جهڙو ئي سمجهي سگهي ٿو.”

“ڀلا چانهه ملندي، ٿڪل آهيان. آئون فريش ٿي وٺان تيستائين چانهه ٺاهي وٺ.” “ها صحيح آهي.”

ڪبير فريش ٿيڻ لاءِ واش روم هليو ويو. جڏهن هو وهنجي ٽوال سان پنهنجا وار اگهندي ٻاهر نڪتو ته صوفيه کانئس ٽوال وٺي سڪائڻ لاءِ گئلريءَ ۾ تار تي وجهي ڇڏيو ۽ کيس چانهه ڏنائين. ٻئي چانهه پيئڻ لڳا.

”ڪبير….” صوفيه کيس سڏيو.

“ها چئو.” هن چانهه مان پهريون ڍڪ ڀريندي چيو.

“اڄڪلهه مون سان هڪ مسئلو ٿي پيو آهي؟” صوفيه ڳڻتيءَ ۾ چيو. هن جي هٿ ۾ پڪڙيل ڪوپ مان گرم چانهه مان نڪرندڙ ٻاڦ جا آڏا ڦڏا ليڪا ڊگها ٿيندا غائب پئي ٿيا.

“ڪهڙُو مسئلو، خير ته آهي؟” هن پڇيو.

“مون کي شيون وسرڻ لڳيون آهن، انهن کي ياد ڪرڻ لاءِ ذهن تي زور ڏيڻو ٿو پوي ۽ مان جيڪي ڪم اڳ معمول موجب ڪندي هيس، انهن ۾ به ويسر ٿيڻ لڳي آهي.” هن جي نراڙ تي ڳڻتيءَ جون ريکائون اُڀرنديون ۽ ڊهنديون رهيون. سندس آواز ۾ ڏڪڻي هئي.

“ڪڏهن ڪڏهن اهو ڪم جي دٻاءُ سبب به ٿيندو آهي ۽ ٻيو ملٽي پل ٽاسڪ جي ڪري به ائين ٿئي ٿو.” ڪبير کيس مطمئن ڪرڻ لاءِ چيو.

“مون تي ڪم جو ڪو دٻاءُ ڪونهي ۽ ملٽي پل ٽاسڪ به ڪونه آهن، اها ڳالهه تون ڪرين ته سمجهه ۾ اچي ٿو.”

”اهڙو ڇا ٿيو آهي جنهن مان توکي لڳي پيو ته تون ويساري پئي ٿيئن.” هن چانهه جو ڍُڪ ڀريندي پڇيو.

“ڏس نه، ڪجهه ڏينهن کان چانهه ڪاڙهڻ مهل مون کان کنڊ وجهڻ وسريو وڃي، بجليءَ جو بل پيارڻو هو، اهو کڻڻ وسري ويم، لائبريريءَ ۾ ڪهڙو ڪتاب ڪٿي رکيل آهي، اهو هاڻ وسري ويندو آهي. جيڪي ڪهاڻيون پڙهندي هئس، انهن جا عنوان ۽ ليکڪن جا نالا ڪهڙا آهن، جيڪي شيون پرس ۾ رکندي آهيان، انهن کي ڳولهڻ وقت به اهو وسري ويندو اٿم ته ڇا پئي ڳولهيان.” هن ڪوپ ٻنهي هٿن ۾ قابو پڪڙيو. هاڻ سندس منهن تي ڳڻتي صفا چٽي نظر پئي آئي.

“خير آهي، پاڻ ڊاڪٽر وٽ هلنداسين، ان معاملي تي ڳالهائينداسين. توکي ننڊ سڪون واري ايندي آهي؟”

“ننڊ صحيح هوندي آهي پر وچ ۾ وچ ۾ جاڳ ٿيندي آهي. ڪڏهن ائين ٿيندو آهي جو جاڳ ٿيڻ کان پوءِ صفا ناهي ايندي.”

“هون… ايتري ويسر ته ٺيڪ آهي، پر ايتري نه ٿئي جو مون کي وساري ڇڏين.” ڪبير ڀوڳ ڪرائيندي چيس.

“توکي مذاق لڳو آهي، مان پنهنجو مسئلو پئي ٻڌايان.”

”هلو ڇڏيون ٿا مذاق آهي، پاڻ تڪڙو ڊاڪٽر وٽ هلنداسين.” هن چانهه جو آخري ڍُڪ ڀري ڪوپ صوفيه کي ڏنو.

“اڄ رمي کيڏڻ جو موڊ آهي، جيڪڏهن هن ڀيري مون توکي هارايو ته مان لڪنديس ۽ تون ڳولهيندين.” صوفيه مُرڪندي چيو.

“ها ٺيڪ آهي پر گذريل ڀيري به مون توکي هارايو هو ۽ هن ڀيري به ڏسجانءِ لڪ لڪوٽيءَ ۾ توکي مون کي ڳولهڻو پوندو.” ڪبير چيو.

رميءَ ٻنهي جي پسند جي راند هئي، جڏهن به ڪو هارائيندو هو ته ننڍپڻ ۾ کيڏيل لڪ لڪوٽي راند کيڏي ٻئي ٻار ٿي ويندا هئا، پر ڪنهن نه ڪنهن ريت سوزانا ڪبير کي ڳولهي وٺندي هئي. پوءِ ٻنهي جا ڀاڪر ۽ ٽهڪ هوندا هئا. سج لهي ويو، شهر رات جو ڪارو ويس پاتو ۽ صوفيه تاش جا پتا کڻي آئي. هوءَ هٿ سان اهي روايتي انداز ۾ سيٽ ڪرڻ لڳي. پوءِ هن پتا ورهايا ۽ ٻئي رمي ۾ لڳي ويا. ڪجهه دير تائين راند هلندي رهي. جڏهن صوفيه پنهنجا پتا پڌرا ڪيا ته هڪ مرڪ ڪبير جي چپن تي اڀري ۽ هن پنهنجا پتا ڏيکاريا ته اهي صوفيه جي پتن کان وڏا هئا.

“ڏٺئي هن ڀيري به تون هارائي وئينءَ.” ڪبير سوڀاري انداز ۾ چيو.

”خير آهي ايندڙ ڀيري مان ضرور کٽينديس.”

”ٺيڪ آهي هاڻي تون مون کي ڳولهيندينءَ.”

“صحيح آهي سرڪار جيڪو توهان جو حڪم.” هن پنهنجو ڪنڌ جُهڪائيندي چيو.

ٻئي اٿيا ۽ صوفيه ڪمري کان ٻاهر نڪري وئي، هوءَ لائونج کان نڪري رڌڻي ۾ پٺيري ٿي بيهي رهي ۽ ڪبير وٽ هاڻ سٺو وجهه هو، هو ٻنهي ڪمرن مان ڪنهن هڪ ۾ لڪڻ جو سوچي رهيو هو، پر هن ڀيري هن سوچيو ته هو ڪپڙن واري الماريءَ ۾ لڪندو. گهڻو ڪري پردي پويان يا صوفن جي پويان لڪڻ ڪري سدائين پڪڙجي پوندو هو. هو ڪمري مان نڪتو ۽ ٻنهي ڪمرن جا در بند ڪيائين ته جيئن صوفيه کي ڳولهڻ ۾ وقت لڳي ۽ هوءَ سمجهي نه سگهي ته ڪهڙي ڪمري ۾ آهي. هو هڪ ڪمري ۾ وڃي انٽر لاڪ واري الماريءَ ۾ جاءِ ٺاهي لڪي ويو ۽ در بند ڪري ڇڏيائين، پر کيس تڏهن به کٽڪو ٿيو پئي نيٺ صوفيه کيس ڳولهي وٺندي. صوفيه اڃان هن کي ڳولهڻ لاءِ رڌڻي مان نڪرڻ واري هئي ته سندس در جي گهنٽي وڳي. هن در کوليو ته سامهون واري فليٽ ۾ رهندڙ رفيعه هئي.

“صوفيه ڪيئن آهين؟”

“ٺيڪ آهيان، تون ٻڌائي.”

”مان ٺيڪ آهيان، يار بس مون واري سس جي طبيعت ٺيڪ ناهي سو ان جي چاڪريءَ ۾ لڳي پئي آهيان. ڪالهه به چيڪ اپ لاءِ ڊاڪٽر وٽ وٺي وئي هيس، وري فزيو ٿراپي لاءِ الڳ وٺي وڃڻو پوندو آهي. ائين وقت ئي نٿو ملي جو توسان در تي بيهي ڳالهائي سگهان. هينئر سس کي سمهاريم ڪجهه وقت مليو ته سوچيم توسان ڪجهه گهڙيون ڳالهائيان.”

 هنن جون ڳالهيون لڳ ڀڳ ويهه منٽ هلنديون رهيون. پوءِ صوفيه در بند ڪري ڇڏيو. هن ڏٺو ته ٻنهي ڪمرن جا در بند لڳا پيا آهن. هن کان وسري ويو ته ڪمرن جا در بند ڇو آهن. ائين هوءَ انهيءَ ڪمري ۾ هلي آئي جتي ڪجهه دير اڳ ڪبير سان رمي کيڏي رهي هئي. هن ڏٺو ته تاش جا پتا پلنگ تي وکريل آهن. هوءَ ياد ڪرڻ لڳي ته ڪجهه دير اڳ هن ڪنهن سان رمي کيڏي هئي. ذهن تي زور ڏنائين ۽ ڳالهيون ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين.

“ڪبير آيو هو، شايد ڪونه آيو هو، نه آيو هو، پوءِ هو ڪيڏانهن ويو. اسان رمي کيڏي، پر ان کان اڳ ڇا ڪيوسين؟”

نيٺ هن کي اڄوڪي ڏينهن جي سڄي وارتا ياد آئي، هوءَ ڪبير کي ڳولهڻ لاءِ ٻئي ڪمري ۾ وئي، هن پردا جاچيا، صوفي جي پويان ڏٺائين در ورائي ڏٺائين، پر ڪبير اتي نه هو، پوءِ هن الماري بند ٿيل ڏٺي، کيس پڪ ٿي وئي ته ڪبير اتي هوندو. هوءَ الماريءَ ڏانهن وڌي، هن جيئن چاٻي گهمائي در کوليو ته ڪبير جو بي ست بُت هن جي مٿان اچي ڪريو. صوفيه جي ويسر سبب ڪبير جو ساهه الماريءَ ۾ ٻوساٽجي ويو هو.

***