ڪهاڻيوننئون ڪهاڻي: ڳاڙهو کُنڀو June 14, 2025 Zahida Abro امان خيري، ڀيڻ صفوءَ جو ڪڏهن وھانءُ ڪنداسين؟ سونا ڀيڻ پرڻجي ويئي. ڳاڙهو کُنڀو ورتو آھينئي؟ ٽڪن واري سڳي ته پڪ ورتي ھوندئي!!!؟ڇوري ڇتو نه ڪر، مورڳو ساھ پٽڻ نٿي ڏئين، ڪڪ ٿيو اچجي، مانديان ھچا اچيو سر تي نازل ٿئي.ماڻس گاھ جي ڀري اڇلي ڪين پگهر ٿڌو ڪرڻ اچي ويٺي ھئي. رھڙ ڪڍندي رومڙ ڪئين.امان او رڳو وڙھين ٿي آ، ھوترو پنڌ رسي ويھي رهي.ڳچ ديران ڪو کيٽو سڌس، ائي ڀلڙ ڪونه آهين، سڻائي ڀلا.مک تي معصوم مرڪ، اکين ۾ شرارت تري آئي.مئي چيٽ ۾ ڪنداسين، ڪو هٿ پير پڄي،ٻچڪارو ڪندي، ڏاھي ڪونه آهين، مٽيءَ مان ٽڀلا گهڙي وڃين راند ڪر.امان مري سچي سڻايان، ڳچ پنڌ ٿي هلان، سهڪر ٿي ٿئي.ماڻس جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا.چيٽ به لٿو، لابارا پيا، ان بٽئي ٿيو، هارپ جو حصو جڙيو، تنهن مان اڳ کاڌي سال جو قرض لٿو، اگهن ۾ هيل به لاٿ هئي. غلام سڻين ٿو،حوران هٿن مان هلي ويندي. دوائون جيڪي آنديون آهنئي سي وکتي فائدو ٿيون ڪن، وڌيڪ آهي توهنجي مرضي.ڀاڳن ڀري، جيڪين هڙ ۾ آهي تون مانديان آهي. آڻيون چاڙهيون، ڪٿان ٿئي بچت،هلي وڏن ڊاڪٽرن جون فيهون ڀريون.منهنجا به آنڊا آهن، دک ٿئيم ٿو، پر بي وس اٺن بار ڇڏيا.ڀائين ٿي ڪڇان ڪونه ٿو، ته واقوف ڪونه آهيان،سڀ خبر اٿم سڀ.حوران مڇيءَ جيئن ٿي ڦٿڪي رات سڄي،تون ڀائيين ٿي، سڪون جي ٿو ننڊ سمهان.ڏينهن رات هڪ ڪيان تڏهن به نٿي پيٽ جي پانڌي پوري ٿئي، صفوءَ جي ٽهيءَ جون سڀ نيگريون پنڊ جي گهر جون ٿي ويون، توکي لڳي ٿو، هن جي وارن ۾ آيل سفيديءَ وڌندڙ عمر ۽ خاموشيءَ کان اڻ واخوب آهيان.ٻه ٽي لڙڪن جون سرون ڏاڙهي آلي ڪري ويون.پٽ ٿي ڪمايو آهيس، گڏون ڪڍيون آهن لابارا ڪيا آهن، پٽ وانگي سهارو ڏنو آهيس، پر تڏهن به ڌيءَ ڌڻ. هڪڙو ڄڻو آهيان وس نٿو پڄيم، اگهائي سگهائي مهانگرات، جي ٿو ڏهاڙيءَ تي وڃان، پٺيان ٻني جي سنڀال ڪير لهي، گڏ ڪڍڻي، پاڻي ڏيڻو، پڪل پوک سنڀالڻي.ماڻهن ۾ رهي ڪونهي، مال مان هٿ ڪڍيو ڇڏين، ڀينگ ٿي به ٻين جي، مٿان زميندار جي رهي ۽ جٺ، هڪڙو سر ڪيترين هنڌ ٿئيان.غلام کي به پور پيو جڪي پئي جهڳي هنئي.غلام مون کي گنهگار متان ڀائين، منهنجي قسمت ۾ پٽ لکيل ڪونه هو.توکي پرڻائڻ لاءِ وس ڪيم، آءُ ته صفو به بدي ۾ ڏيڻ لاءِ راضي هئس، تڏهن به ضد تون ٻڌو، گونگي کي ڪونه پرڻائيندس ڌيءَ، پنڊ جي، صفو ئي منهنجو پٽ آهي.مون ته گهڻئي حيلا ڪيا پٽ لاءِ ايلاز ڪرايم ڏس ڪيم، پر بيوس هئس.تنهنجي پريءَ لاءِ پنڊ تي پهاڄ به ٿي آندم ڌيءَ عيوض.پٽ نه ڄڻڻ تي ساهرن جا طعنا سٺم، تڏهن به منهنجي هٿ ۾ ڪجھ ڪونه هو، اڄ به خالي آهن. نياڻيون ويچاريون پرايو ڌڻ آهن، حوران پيٽ ۾ هئي، تڏهن ڀانئيم رب راضي ٿيندو، گهڻيئي باسون باسيم، پٽ جي مراد پوري ٿئي، مسيت روز ٻهارينديس، نمازين لاءِ پاڻي ڀرينديس، پر مقدر ۾ پٽ لکيل ئي ڪونه هو.اڌڙوٽ چهري مٿان درد جون ريکائون اڀرڻ لڳيون، سڏڪا نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا، اکين ۾ کاري پاڻيءَ جي اٿل اچي ويئي.اڌ صديءَ جو ساٿ هئن، هڪٻئي جي حال کان چڱيءَ طرح واقف هئا شايد. ڪکائين ڇنهوڙي ۾ ڇڄيل کٽن تي پيل وجودن مٿان گهري خاموشي ڇانئجي ويئي. پويون سج آهستي آهستي اوندھ ۾ گم ٿيڻ لڳو.ڀاڳن ڀري حوران سنڀرائي وٺ، علاج سانگي شهر هلڻو آهي.غلام وري قرض کنيو اٿئي ڇا. قرض کڻڻ سواءِ ٻيو چارو ڪونهي، سنڀري لاهي تڪڙي گاڏي نه وڃين هٿان، ٽوال سٽ ڏيئي ڪلهي تي رکئين، پيا ڏينداسين قرض کي منهن.رات دير پڳا گهر، صفوءَ ماني آڻي اڳيان رکين، امان ڇا چيو ڊاڪٽر.گرھ کي ڳيت ڏيئي، ستين تاريخ تي بندوبست ڪريو اچجان اپريشن ٿيندي.بيماري ڪهڙي ڏسي آهن، دل ۾ سوراخ آهي.بابا خرچ گهڻو ايندو ۽ ڪٿان ايندو، خيراتي ادارو آهي، اپريشن مفت ٿيندي باقي ڀاڙو ڀتو دوا داڙيءَ جو خرچ ٿيندو.پئسا ڪٿان ايندا، بس ڌيءَ ڏيندو الله، سيٺ سان ڳالهائيندس،ڪتيءَ جي رکال ڪري ويھ هزار، نه ته به ٻڪريءَ جو پڇ بيٺو آهي، چاڙهيندس ٽڪ ٽڪيءَ تي.بابا جي کپ پئي ته منهنجا ڪن ڦل، نه منهنجي ماءُ، تنهنجي چپٽين جي محنت ليلام ڪندي ٻڏي نه مران، الله توکي نيڀاءَ ڪري.بابا حوران کان مٿي سون ڪونهي،هائو ڌيءَ خبر آهيم کجدل آهين، پر اڃان جيئرو ويٺو آهيان، وس وگهي ڪونه ڇڏيندس، باقي زندگي موت مولا جي هٿ ۾ آهي. ٻي ڏينهن ٻئي زال مڙس شهر روانا ٿيا ماستر کان مليل اسپتال جي پتي (ايڊريس) جي پرچي وٺي اچي اسپتال پهتا. حوران ته اسپتال جي وڏي عمارت ڏسي دنگ رهجي ويئي! آئي ايڏيون به ڪي ماڙيون ٿينديون آهن ڪي؟ هن پنهنجي پاڻ کان پڇيو هو. صبح جو ڊاڪٽرن حوران جو معائنو ڪيو ۽ ترت آپريشن جو فيصلو ڪيو. خيري حيرت ۽ ڊپ مان پڇيو، “غلام پنهنجي حوران چاڪ ته ٿي ويندي نه؟ غلام پنهنجي سڀني جذبن تي قابو پائيندي وراڻيو، رب جي ذات وڏي مهربان آهي” هن کي پنهنجو آواز پاتال مان ايندي محسوس ٿيو هو. ڪافي ڪلاڪن کانپوءِ ڊاڪٽر اڇي ڪوٽ ۾ ڪنهن فرشتي جيان ظاهر ٿيو ۽ غلام کي سڏائي خبر سڻائي ته مبارڪ هجي ننڍڙي جو آپريشن ڪامياب ٿيو آهي. ماءُ ۽ پيءُ جي اکين مان خوشين جا آگم برسي پيا. ٻئي ڏينهن ڊاڪٽر حوران جي بستري تي پيار ۽ پاٻوهه مان حوران کان سندس نالو پڇيو “پٽ توهان جو نالو ڇا آهي” حوران هٻڪندي حسرت مان چيو، (حوران) واهه ڪيڏو پيارو نالو آهي، ڊاڪٽر کي ان معصوم چهري ۽ ٻاتڙن ٻولن تي پيار اچي ويو، هن پنهنجي کيسي مان هڪ وڏو نوٽ ڪڍي سندس هٿ تي رکيو ۽ چيو ننڍڙي حور هي تنهنجي رانديڪن لاءِ آهن.ڀيڻ صفو وڏي شهر مان کنڀو آندو اٿم، تو لاءِ، گهٽيءَ مان گهڙندي کيچل ڪندي چئين۔حوران وري آئين، ڀيڻ ڊاڪٽر چيو هاڻ صفا چاڪ آهين، وڃين گڏين راند ڪر، ڪن ويجهو ڪر ڳالهه سڻايان،هون چئه، ڊاڪٽر نه مون کي وڏو پئسو به ڏنو چئين گڏيون ڳنهج۔خبر آهي مون ڇا چيو،ڇا چيو، چيم گڏي گهر ويٺي آهي، بس سندس ڏاج وٺڻو آهي، امان ڏيکار نه ڀيڻ کي ڳاڙهو کنڀو.خيري غلام ۽ صفوءَ جي اکين مان لڙڪ وسڻ لڳا مک تي آسودگيءَ واري مرڪ تري آئي.*** Post Views: 244