شاعرينئون

شاعري

ساحر راهو

نِرِتڪيءَ جا نيڻ ڳوهيل، گيت ڪنهن گُلفام ۾،

چاندني بيخود نپي وئي آ، اڌيڪي جام ۾.

سنگ تراشي چنڊ ڪئي آ، يا ته هيرڻ جي پنن تي،

مُسڪرايو جڳ مصور، آھ گهري مام ۾.

ذائقو چهري به چکيو رُوپُ جي آ ڌُوپ جو،

دل وِڪاڻي دلرُبا جي دلڪشن جي دام ۾.

سانوڻيءَ سيلابيو آ ريت جو درياھُ يا،

تو نِهاريو مئي فروشڻ کيپ ٿي آ خيام ۾.

ڀروسو ڪهڙي به طرح، ناهي بارش ۾ رهيو،

مون رکي مِٽيءَ جي خوشبُو سانورا آ سام ۾.

ڳاٽ تنهنجي کي ڳراٽي، لام انب پاتي جڏهن،

ساڙ ۾ ٿي رکِ صبح، دُونهن ڀڙڪيو شام ۾.

هانءَ ۾ هلڪي چڀن آ، ساھ آهن سرڪشيون،

ويڙهجي ويٺي اچي هُوءَ، ماٺِ جي احرام ۾.

وهڪرا ويساھ جا سڀ، خودڪشيون ساحر ٿيا،

شهد جو ميٺاج مِليو آ ڪڙي بادام ۾.

***

باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي

پروفيسر مشتاق مھر

وفا جو پيمبر ھو باباءِ سنڌ

صداقت جو پيڪر ھو باباءِ سنڌ

ڊنو ڪين جيڪو ڏمر ڏاڍ کان

سو مرد قلندر ھو باباءِ سنڌ

سياست ته ھن جي ھئي بي مثل

ادب جو به گوھر ھو باباءِ سنڌ

ڪيو جنھن “جيئي سنڌ” جو نعرو بلند

سو سھڻو سخنور ھو باباءِ سنڌ

رکي انسيت ھن “دريا شاھ” سان

سنڌوءَ جو ثناگر ھو باباءِ سنڌ

ھو مظلوم ھارين جو ھڏ ڏوکي ھو

اٻوجھن جو آڌر ھو باباءِ سنڌ

قيادت به جنھن تي ڪري ناز ٿي

اھو قومي رھبر ھو باباءِ سنڌ

***

صدام ٻپڙ

ڪالھه مون، رومي جرنل مارڪ اينتوني

۽ مصر جي راڻي ڪليوپٽرا جي محبت ڪھاڻي پڙھي

جنھن مونکي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو،

ڪھاڻي جي آخر ۾،

ٻئي پاڻ کي قتل ڪري ڇڏن ٿا.

تاريخ به اھو ئي ٻڌائي ٿي.

پر مان سوچيان ٿو،

ڪٿي ايئن ته ناھي؟

جيڪي سلطنت کي ناس ڪرڻ آيا ھئا،

انھن ئي ٻنھن کي قتل ڪري ڇڏيو ھجي؟

۽ تاريخ ۾ انھن جي موت کي خودڪشي جو نالو ڏنو ويو ھجي؟

ميدان جنگ جي مٽيءَ ۾ دفن لاش ڄاڻين ٿا

ته قتل کي خودڪشي چوڻ

تاريخ جي پراڻي روايت آھي

پر سوچڻ جي ڳالھه اھا آھي ته،

اهي تاريخ لکندڙ ڪير آھن؟

قديم دور کان جديد دور تائين،

سموري تاريخ درٻاري تاريخ رھي آھي،

بادشاھن ۽ جابرن ھميشه

پنھنجي مفادن کي سامھون رکي تاريخ لکرائي آھي.

پنھنجي عظمتن جا ڪوڙا داستان قلم بند ڪرايا آھن.

پنھنجي محبت جا ڪوڙا قصا لکرايا آھن.

۽ ھنن پنھنجو پاڻ کي رحم دل سڏرايو آھي،

۽ مظلومن کي ظالم، باغي ۽ غدار لکرايو آھي.

جتي تاريخ درٻاري ھوندي آھي

اتان جو ادب ۽ شاعري به درٻاري ھوندي آھي.

۽ مونکي اھڙي درٻاري ادب کان سخت نفرت آھي.

منھنجا دوست، ھي وقت،

عشق جا ڪوڙا رومانوي قصا ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جو وقت ناھي،

۽ انھن قصن مان لطف اندوز ٿيڻ جو وقت ناھي،

ھي وقت

سوچڻ جو وقت آھي،

ھي وقت وھمن ۽ وسوسن کي ٿڏي ڇڏڻ جو وقت اھي

ھي وقت حقيقتن سان اکيون ملائڻ جو وقت آھي.

ھي وقت سچائيءَ کي بي خوف ٿي قبولڻ جو وقت آھي،

ھي وقت محبت جي عظمت کي بحال ڪرڻ جو وقت آھي،

ھي وقت زنجيرون ٽوڙڻ جو وقت آھي.

***

ايمن جمالي

اي منھنجي ڌرتي،

تون ته سڀني جي جيجل ماءُ آهين،

پوءِ توسان ائين ڇو ٿو ٿئي؟

تنهنجن ئي پاليل ٻچن مان

اُٿي توکي زخمي ڪن ٿا؟

اي جيجل ڌرتي،

اهي ڀوتار،

اهي وردي وارا،

اهي ڪرسي جا پوڄاري،

تنهنجي ساهن کي وڪڻي،

تنهنجي مٽيءَ تي ناپاڪ قدم رکن ٿا.

تون ماٺ آهين، پر مان نه ٿي رهي سگهان،

تنهنجي پڪار منهنجي رت ۾ گونجي ٿي.

اهي جيڪي توکي وڪرو ڪن ٿا،

جيڪي تنهنجن ٻچن کي بي درديءَ سان مارين ٿا،

اهي تنهنجا نه آهن.

اي منهنجي ڌرتي،

اڄ التجا ڪريان ٿي،

ته تون به انهن کي پاڻ کان ڌڪاري ڇڏ،

ڇاڪاڻ ته

تون پيار آهين،

تون صداقت آهين،

۽ اهي تنھنجا ويري آهن، ظالم آهن، ويساهه گهاتي آهن.

***

چوسٽا

ڄام محبت علي سهتو

کَسِيو تو اسان کان، اسان جو وطن آ،

 لٽيو لاش ناھي، لٽيو ويو ڪفن آ،

اسان جي ته دردن سندي دانھن آهي،

وطن سان ڪفن سان لَٽيو ويو دفن آ

—-

موري ۾ ماريا تو مزدور ھاري،

عرفان، زاھد ھئا سورھ لغاري،

جن حقن لاءِ لڇيو،حقن جو پڇيو پئي،

ڪٺئي ڇو انھن کي شمرا شڪاري.

***

اظھر علي

رات جي رھزن رستن ۾

پيو تنھنجي راھ نھاريان!

ڪو سڏڙو ڏي ڪا سانت ڇڄي

ھر وار پيو توکي پڪاريان!

آ خواھش تنھنجي چپڙن تان

ڪي پيار جا پوپٽ اڏاريان!

من ڪومايل اچ توکي مان

سيني تي ئي سمھاريان!

تنھنجا ڳل چمان، تنھنجا چاھ چمان

اچ تنھنجا وار سنواريان!

***