بين الاقوامي مالياتي فنڊ پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر جي رقم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. آئي ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ انهيءَ کي منظور ڪيو آهي. موجود حالتن ۾ جڏهن خطي ۾ جنگ جي صورتحال آهي ۽ ڀارت جي اها ڪوشش هئي ته 7 ارب ڊالر جي اسٽينڊ باءِ پروگرام تي عمل نه ٿئي، پر آئي ايم ايف انهيءَ ڪوشش کي رد ڪري پنهنجي پاليسي تي هليو ۽ پاڪستان لاءِ منظور ڪيل قرض جي پروگرام کي جاري رکيو آهي.
اسان لاءِ اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو عالمي ادارا پاڪستان جي مالياتي ساک تي يقين رکن ٿا. مالياتي اداري ملڪ جي اقتصادي جائزي کي مڪمل ڪري انهيءَ رقم جي منظوري ڏني آهي. موجوده وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن انهن اصلاحات تي عمل ڪيو آهي، جيڪي آئي ايم ايف تجويز ڪيون هيون. عالمي مالياتي اداري انهيءَ ڳالهه جي مڃوتي کانپوءِ قسط جاري ڪئي آهي تهEFF (Extended Fund Facility) پاڪستان هڪ ڏکئي عالمي مالياتي ماحول ۾ پهرين کان معيشت کي وڌيڪ بهتري سان مستحڪم ڪيو آهي ۽ اعتماد جي بحالي ۾ اهم پيش رفت ڪئي آهي. پاڪستان جي مالي ڪارڪردگي سگهاري رهي آهي، اهو آئي ايم ايف چيو آهي. مالي سال جي پهرين ڇهن مهينن ۾ آئي ايم ايف ۽ اسانجي ملڪ جي وچ ۾ جيڪي واعدا هئا، اصلاحات هئا، ٽيڪس جي وصولي هئي ۽ مالي حالتن جي بهتري هئي. اسان اهو سڀ ڪري ڏيکاريو آهي. بين الاقوامي مالياتي فنڊ ۽ اسان جي وچ ۾ مالياتي تعلق جو سلسلو گهڻو پراڻو آهي.
اهو چوڻ جي ضرورت نه آهي ته آئي ايم ايف هڪ ساک وارو ۽ شاهوڪار عالمي مالياتي ادارو آهي. اهو جن ملڪن سان واپار ڪري ٿو. انهن جي معيشت ۽ ماليت تي اصلاحي نظر پڻ رکي ٿو. ٻن اسمن تي ان جي خاص نظر هجي ٿي. هڪ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا ۽ ٻاهريان قرض. ڇاڪاڻ جو ڪنهن به ملڪ جي معاشي فلاح ۽ مالي خساري کي منهن ڏيڻ جي طاقت هجڻ گهرجي. آئي ايم ايف انهيءَ سلسلي ۾ پنهنجي ساٿي ملڪ جي مدد ڪري ٿو ۽ صلاحون ڏئي ٿو. جيئن اسان کي مليل 7 ارب ڊالر جي منظور ٿيل پروگرام جنهن مان اسان کي هينئر هڪ ارب ڊالر جي رقم ملي آهي. تڏهن کان انهيءَ اداري اسان کي ڪجهه صلاحون به ڏنيون ويون آهن، اهي آهن ته پنهنجي ٽيڪس جي نظام جي وصولي کي بهتر ڪرڻ خاص طور تي نجي جائيداد ۽ وڏين ڪمپنين تي جائز ٽيڪس جو نفاذ ڪرڻ آهي ۽ اسانجي وفاقي حڪومت، وزارت خزانه ۽ ايف بي آر ٽيڪس جي نظام کي وسيع ڪيو آهي ۽ ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون دفعو سپر ٽيڪس جو نفاذ به ڪيو آهي.
جائيداد تي، جائز ٽيڪس تي ڪم ٿي رهيو آهي. ملڪ جي چئني صوبائي حڪومتن زرعي آمدني تي به ٽيڪس هنيو آهي. وفاق ۽ صوبا گهڻو ڪري ٽيڪس جي وصولي مان ٿيل آمدني تي هلندا آهن. جيڪڏهن وفاق ۽ صوبا شاهوڪار هوندا ته عوامي ڀلائيءَ جا ڪم سولائي سان ٿي سگهندا. عالمي مالياتي فنڊ جي رهنمائي ۽ اسانجي وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي ملڪ کي خوشحالي جي طرف وٺي وينديون، انهيءَ ۾ ڪي به ٻه ڳالهيون ڪونهن. آئي ايم ايف کي عالمي ماليات ۽ معيشت جو پراڻو تجربو آهي. مالياتي ڏي وٺ لاءِ 1945 ۾ قائم ٿيل اهو ادارو جنهن جي مرڪزي آفيس آمريڪا جي گادي واري شهر واشنگٽن ۾ آهي. هن وقت دنيا جا 185 ملڪ ان جا ميمبر آهن. آئي ايم ايف ۽ پاڪستان به وڏي عرصي کان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. هينئر به اسين 7 ارب ڊالر جي اسٽينڊ باءِ ايگريمينٽ ۾ گڏ آهيون. وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف چيو آهي ته هي پروگرام اسانجي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۽ ان کي ڊگهي عرصي تائين بحالي جي راهه تي وٺي وڃڻ ۾ مدد ڪندو. هن اهو به چيو ته انهيءَ سلسلي ۾ سرڪار نوان ٽيڪس اصلاحات ڪري رهي آهي. توانائي جي شعبي جي ڪارڪردگي کي بهتر ڪيو پيو وڃي ۽ خانگي شعبي جي ترقي کي ترجيح ڏني پئي وڃي. گذريل 14 مهينن ۾ بهتر معاشي اشارا حڪومت جي محنت جي عڪاسي ڪن ٿا. بيان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته پاڪستان اقتصادي استحڪام جي حڪمت عملي ۽ پائيدار منصوبه بندي لاءِ پرعزم آهي. اسين وفاقي سرڪار، صوبائي حڪومتن کان اها اميد ٿا ڪريون ته هڪ نئون ۽ پراعتماد مالياتي نظام تشڪيل ڏنو وڃي ته جيئن ملڪ خوشحال ٿئي ۽ ماڻهن ۽ سماج جي خوشحالي ۽ ملڪ جي ترقي خواب پورو ٿي سگهي.