بلاگنئون

اسان کان وسري ويل جيجي زينت چنا سيوهاڻي

4 جنوري جي ڏينھن ۾ جهاتي پائبي ته ڪيترائي هينئون ڏاريندڙ واقعا به مطالعي هيٺ ايندا، پر منھنجو عنوان واقعن تي قلم کڻڻ نه، پر شخصيتن کي ياد ڪري انهن کي ٻين اڳيان متعارف ڪرائڻ اصل مقصد آهي، ان ڪري مون جڏهن انھن جو خاڪو ذهن ۾ رکي بابا جي عنايت ڪيل لائبريري ۾ ڪتابن کي اٿلايو پٿلايو ته منھنجي نظر هيٺ 1898 ۾ صحافت ڪندڙ انگريزي اخبار “ڪامريڊ” جي ايڊيٽر مولانا محمد علي جوهر تي پئي جنهن صحافتي خدمتن سان گڏ سياست ڪندي پنھنجو نالو روشن ڪيو ۽ 4 جنوري 1931 ۾ وفات ڪري ويو. ان کان علاوه 4 جنوري تي جناح اسپتال جي بستري تي دم ڌيندڙ 1877 تي استنبول ۾ پيدا ٿيندڙ چترڪار فيضي رحيمينِ جي گهر واري عطيه فيضي به هڪ اھڙي عورت هئي جنھن ڪراچيءَ ۾ پنھنجي گھر جي اڌ حصي کي ايوان رفعت جي نالي سان ڪراچي آرٽ ڪائونسل جو بنياد وڌو ۽ عورتن ۾ آرٽ جو جذبو پيدا ڪرڻ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو، پر اڄ عطيه فيضي سڀني کان ايئن وسري وئي آهي، جيئن 4 جنوري 1952ع تي وفات ڪري ويل روهڙي سان تعلق رکندڙ تعليمدان رسول بخش آخوند يا سياستدان غلام رسول ڪيھر، مولانا عبدالڪريم قريشي آف ٻير شريف واري کان علاوه سنڌ جي ليکڪن، ڪالم نگارن، سيوهڻ ڄائي زينت چنا جي علمي، ادبي ۽ صحافتي خدمتن کي به وساري ڇڏيو آهي، جنھن 1960 واري ڏهاڪي ۾ ڇپجندڙ رسالو “مارئي” ڇپي عورتن کي لکڻ جي ميدان ۾ اڳتي آڻي وڏو شعور بيدار ڪيو، بلڪه آئون ايئن چوندس ته هيءَ پھرئين عورت هئي جنھن شايد شيخ اياز جي انھن جملن کي مدِ نظر رکي جدوجھد ڪئي ته “سنڌ ۾ انقلاب کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ تعليم جي ميدان ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ ضروري آهي” جيڪڏهن ان دور جو مطالعو ڪنداسين ته اهو چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته سنڌ مان لڏي ويندڙ اديبن ۽ اديبائن کانپوءِ  زينت بيگم سنڌ ۾ پھرئين عورت آهي، جنھن تعليم حاصل ڪرڻ بعد ۾ نوڪري به ڪئي ته ڪيئي مضمون به لکيا ۽ پنھنجين لکڻين جي ذريعي سنڌي عورتن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پنھنجو نالو سنڌ جي انھن عورتن جي صف ۾ لکرايو جيئن سومرن جي دور ۾ سنڌ طرف اک کڻندڙ ڌارين خلاف مھاڏو اٽڪائيندڙ دودي جي ڌيءَ ڪويل کان علاوه تارا ٻائي، هيمون ٻائي يا پير صبغت الله شاهه جي مريدياڻي مان مائي فاطمه خاصخيلي، بيگو رندڻ، بصران، زينب مريم، ڪمال خاتون نظاماڻي انگريز سامراج خلاف گوريلا جنگ وڙهي نالو روشن ڪيو. اھڙيءَ طرح سنڌ جي ڪيترين عورتن جا نالا ڳڻي سگهجن ٿا، جن پنھنجي، پنھنجي انداز ۾ سنڌ لاءِ پاڻ پتوڙيو انھن ۾ هڪڙي هئي جيجي سڏجندڙ ڪوئل جي آواز ۾ قومي گيت ڳائي نوجوانن ۾ انقلابي جوش پيدا ڪندڙ زرينا، ٻي هئي جيجي سيوھڻ جي ڄائي سڏجندڙ زينت چنا، جنھن سنڌ جي نياڻين کي پنھنجي ميگزين ۾ انهن جا مضمون ڇپي گهر ۾ ويھي لکندڙ نياڻين ۾ شعور پکيڙڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو.

هڪڙي جيجي زرينا حيدرآباد جي ڳوٺ الهداد چنڊ ۾ ڄائي ته ٻِي جيجي زينت سنڌ جي

 تاريخي شھر سيوهڻ ۾ 4 جنوري 1919 ڌاري محمد صالح چنا جي گهر ۾ پيدا ٿي. سندس والد پوسٽ ماسٽر هو، زينت چنا جو ننڍو ڀاءُ محبوب علي چنا سنڌ جو مشھور ليکڪ، محقق، پروفيسر ٿي گذريو آهي. محبوب چنا پنھنجي ساروڻين ۾ لکيو آهي ته ادي جي پيدا ٿيڻ کان اڳ امڙ مرزا قليچ بيگ جي ناول “زينت” کي پڙهڻ بعد ڪتاب ۾   زينت ۽ محبوب علي جي مک ڪردار کان متاثر ٿي ادي جو نالو زينت رکيو ۽ منهنجو نالو محبوب رکيو. زينت چنا ننڍي هوندي کان ئي ذهين ۽ هوشيار هوندي هئي. ان دور ۾ اسڪولن اندر هندو شاگردياڻين جي مقابلي ۾ مسلمان شاگردياڻين جو تعداد اٽي ۾ لوڻ برابر هو. جيجي انهن مسلمان نينگرين مان هڪ هئي، جنهن تعليم جي دائري ۾ به پنهنجو نالو ڪمايو. سنڌي درجن جا امتحان وڏي اعزاز سان پاس ڪيائين.

ان وقت جو ماحول نياڻين جي تعليم جي سخت خلاف هو. بھرحال گهڻين مشڪلاتن کانپوءِ جيجي زنيت چنا کي زناني ٽريننگ ڪاليج ۾ داخل ڪرايو ويو. اهڙيءَ طرح سان سيوهڻ جي هيءَ پھرئين عورت هئي، جيڪا اعليٰ تعليم لاءِ پنهنجي شھر ۽ مٽن مائٽن کان پري، حيدرآباد جي ڪاليج ۾ پڙهي. ڪاليج جي ٽن سالن جو وقت، وڏي تڪليفن سان پڙهي پورو ڪيائين. ڪاليج کانپوءِ جيجي زنيت کي ٽلٽي جي اسڪول ۾  ماستري ملي. جتان واپس سيوهڻ جي گرلس اسڪول ۾ بدلي ٿي آئي، جتي کيس اسسٽنٽ ماسترياڻي جو عهدو ملڻ بعد سگهو ئي هيڊ ماسترياڻي ٿي. زينت چنا جي شادي 14 آگسٽ 1944 تي عبدالله خان چنا سان ٿي، جيڪو پڻ هڪ محقق ۽ ليکڪ هو، پر ان سان گڏوگڏ ان وقت ۾ سيوهڻ جو ڊپٽي ڪليڪٽر به هو. شادي کانپوءِ ھوءَ زينت بيگم عبدالله چنا سڏجڻ لڳي، پر ادب جي ميدان ۾ نالو ڪمائڻ سبب سندس چاهيندڙ سنڌ جون عورتون کيس ادب مان جيجي چونديون هيون. جيڪڏهن جيجي زينت چنا کي ادبي شخصيت جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته هوءَ ادب جي حوالي سان شاهڪار هئي. آئون ته ڪيل مطالعي جي روشني ۾ ايئن چوندس ته ورهاڱي کانپوءِ هيءَ پهرين خاتون ڪهاڻيڪاره ۽ ليکڪا هئي، جنهن جون ڪافي معياري ڪهاڻيون، نئين زندگي، مهراڻ ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيون. سندس واسطو صحافت سان به رهيو. هن جي زير نگراني عورتن جو رسالو 1951 ۾ مارئي ڏاڍو مقبول بڻيو، جنھن جون 1960 جي جنوري کان نومبر تائين جا رسالن جو ته مون به مطالعو ڪيو. هي رسالو پھرين هفتيوار ۽ پوءِ ماهوار شايع ٿيندو هو، جنھن ۾ عورتن ۾ سجاڳي جو رجحان پيدا ڪرڻ جي ڏوھ ۾ 1961 ڌاري هي مخزن مارشل لا جي عتاب جو شڪار ٿي ويو. ان کان علاوه جيجي زينت ڀٽ شاهه ثقافتي ڪاميٽيءَ جا ساليانه پرچا “يادگار لطيف” جي نالي سان ڪجهه وقت لاءِ ترتيب ڏنا. جيجي زينت چنا پنهنجي شروعاتي دور ۾ عورتن کي ادبي ميدان ۾ آڻڻ جون ڪافي ڪوششون ورتيون. هن جي ڪهاڻين مان “رانديڪو” “اونداهي” سٺيون ڪهاڻيون آهن، پر انهن کان وڌيڪ اعليٰ شاهڪار ڪهاڻي، “مٺي” آهي. زينت چنا سڀني عورتن کي ادب ڏانهن راغب ڪيو. زينت چنا جون سنڌي ادب لاءِ ڪيل اهي ڪوششون يادگار آهن. جيجي زينت جون ڪهاڻيون گھڻي ڀاڱي سادي سودي نموني اصلاحي انداز جون آهن، جن ۾ سماج جي براين جي نشاندهي ڪيل آهي. هن پنهنجي ڪهاڻين ۽ مضمونن معرفت سنڌي عورتن کي نه فقط سجاڳيءَ جا پيغام ڏنا، پر علم حاصل ڪرڻ ۽ پيرن تي بيهڻ لاءِ اُڀاريو ۽ خاص طور کين لکڻ پڙهڻ ۽ ادب ڏي موڙڻ ۾ هن وڏو ڪم ڪيو. ڊاڪٽر شمس عباسي سندن خدمتن کي مڃتا ڏيندي چيو آهي ته “زينت چنا کي اسان وساري نٿا سگهون. اها انگريزي نه پڙهي هئي، پر سنڌي ادب سان اهڙو ته لڳاءُ هئس جو ثابت ڪري ڏيکاريائين ته ٻهراڙيءَ جي عورت ڪنهن ڪم ۾ پوئتي نه آهي. اها وڏي همت جي ڳالھ هئي، جيڪي هن جديد ادب لاءِ ان جي معمار سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪيون.” بهرحال جيجي اڄ به زنده آهي. سندس عظمت ڀريو نانءُ سنڌي ادب لاءِ اڄ به ڇپر ۽ ڇانوَ آهي. سنڌ جو نئون نسل کيس ڪڏهن به ڪو نه وساري سگهندو. اهي ساڳيا لفظ سنڌ جي مشھور ليکڪ حميد سنڌي پڻ چيا ته جنھن جيجي سان گڏ مارئي رسالي ۾ غالبن ڪجهه وقت ايڊيٽر جي حيثيت سان گڏ ڪم ڪيو هن لکيو آهي:

“اڄ جيجي اسان وٽ نه آهي، پر سندس ڪيل يادگار ڪم اسان وٽ موجود آهي.” جيجي زينت چنا 55 سالن جي عمر ۾ 12 جولاءِ 1984 تي وفات ڪري وئي.

اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾، طالِبَ تَنوارِينِ؛

آديسِي اُٿِي وِيا، مَڙهِيُون مُون مارِينِ؛

جي جِيَّ کي جِيارِينِ، سي لاهُوتِي لَڏي وِيا.