4 جنوري جي ڏينھن ۾ جهاتي پائبي ته ڪيترائي هينئون ڏاريندڙ واقعا به مطالعي هيٺ ايندا، پر منھنجو عنوان واقعن تي قلم کڻڻ نه، پر شخصيتن کي ياد ڪري انهن کي ٻين اڳيان متعارف ڪرائڻ اصل مقصد آهي، ان ڪري مون جڏهن انھن جو خاڪو ذهن ۾ رکي بابا جي عنايت ڪيل لائبريري ۾ ڪتابن کي اٿلايو پٿلايو ته منھنجي نظر هيٺ 1898 ۾ صحافت ڪندڙ انگريزي اخبار “ڪامريڊ” جي ايڊيٽر مولانا محمد علي جوهر تي پئي جنهن صحافتي خدمتن سان گڏ سياست ڪندي پنھنجو نالو روشن ڪيو ۽ 4 جنوري 1931 ۾ وفات ڪري ويو. ان کان علاوه 4 جنوري تي جناح اسپتال جي بستري تي دم ڌيندڙ 1877 تي استنبول ۾ پيدا ٿيندڙ چترڪار فيضي رحيمينِ جي گهر واري عطيه فيضي به هڪ اھڙي عورت هئي جنھن ڪراچيءَ ۾ پنھنجي گھر جي اڌ حصي کي ايوان رفعت جي نالي سان ڪراچي آرٽ ڪائونسل جو بنياد وڌو ۽ عورتن ۾ آرٽ جو جذبو پيدا ڪرڻ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو، پر اڄ عطيه فيضي سڀني کان ايئن وسري وئي آهي، جيئن 4 جنوري 1952ع تي وفات ڪري ويل روهڙي سان تعلق رکندڙ تعليمدان رسول بخش آخوند يا سياستدان غلام رسول ڪيھر، مولانا عبدالڪريم قريشي آف ٻير شريف واري کان علاوه سنڌ جي ليکڪن، ڪالم نگارن، سيوهڻ ڄائي زينت چنا جي علمي، ادبي ۽ صحافتي خدمتن کي به وساري ڇڏيو آهي، جنھن 1960 واري ڏهاڪي ۾ ڇپجندڙ رسالو “مارئي” ڇپي عورتن کي لکڻ جي ميدان ۾ اڳتي آڻي وڏو شعور بيدار ڪيو، بلڪه آئون ايئن چوندس ته هيءَ پھرئين عورت هئي جنھن شايد شيخ اياز جي انھن جملن کي مدِ نظر رکي جدوجھد ڪئي ته “سنڌ ۾ انقلاب کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ تعليم جي ميدان ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ ضروري آهي” جيڪڏهن ان دور جو مطالعو ڪنداسين ته اهو چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته سنڌ مان لڏي ويندڙ اديبن ۽ اديبائن کانپوءِ زينت بيگم سنڌ ۾ پھرئين عورت آهي، جنھن تعليم حاصل ڪرڻ بعد ۾ نوڪري به ڪئي ته ڪيئي مضمون به لکيا ۽ پنھنجين لکڻين جي ذريعي سنڌي عورتن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پنھنجو نالو سنڌ جي انھن عورتن جي صف ۾ لکرايو جيئن سومرن جي دور ۾ سنڌ طرف اک کڻندڙ ڌارين خلاف مھاڏو اٽڪائيندڙ دودي جي ڌيءَ ڪويل کان علاوه تارا ٻائي، هيمون ٻائي يا پير صبغت الله شاهه جي مريدياڻي مان مائي فاطمه خاصخيلي، بيگو رندڻ، بصران، زينب مريم، ڪمال خاتون نظاماڻي انگريز سامراج خلاف گوريلا جنگ وڙهي نالو روشن ڪيو. اھڙيءَ طرح سنڌ جي ڪيترين عورتن جا نالا ڳڻي سگهجن ٿا، جن پنھنجي، پنھنجي انداز ۾ سنڌ لاءِ پاڻ پتوڙيو انھن ۾ هڪڙي هئي جيجي سڏجندڙ ڪوئل جي آواز ۾ قومي گيت ڳائي نوجوانن ۾ انقلابي جوش پيدا ڪندڙ زرينا، ٻي هئي جيجي سيوھڻ جي ڄائي سڏجندڙ زينت چنا، جنھن سنڌ جي نياڻين کي پنھنجي ميگزين ۾ انهن جا مضمون ڇپي گهر ۾ ويھي لکندڙ نياڻين ۾ شعور پکيڙڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو.