بلاگنئون

باباءِ ثقافت سنڌ، رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻي

سنڌ جي مائرن، ڪيئي شاعر، اديب، آرٽسٽ، موسيقار پيدا ڪيا آھن. رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻي جو نالو انهن سڀني کان مٿانهون هو ۽ آھي. ادب، فن، فڪر ۽ موسيقي جي حوالي سان هو هڪ درسگاهه هو. اهوئي سبب آھي جو ماڻھو کيس عزت جي نگاهه سان ڏسندا هئا ۽ اڄ به ماڻھن جي دلين ۾ موجود آھي. ان کانسواءِ انيڪ خوبين سان مالامال هئڻ سان گڏ گهڻ رخي شخصيت ۽ پيءُ جو اڪيلو ۽ لاڏلو پٽ ھو. سکئي ستابي گهر سان تعلق رکندڙ رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻي 1909ع ۾ ماتلي جي شھر ۾ پيدا ٿيو۔ ماتلي جي گلين ۽ گهٽين ۾ رانديون رونديون ڪندڙ اهو ٻار اڄ ننڍو سڀاڻي وڏو، جڏهن هو جواني کي پهتو ته هن پنهنجي مائٽاڻي ڪرت زمينداري سان گڏوگڏ راڳ ۽ موسيقيءَ ۾ دلچسپي ورتي. ان ميدان ۾ ھو ايترو مگن ٿي ويو جو راڳ ۽ رنگ سندس عشق ٿي ويو. مرحوم پنهنجي برادري کان الڳ ٿلڳ ٿي نئين دنيا ۾ پير پاتو. زمينداري جو ليکو چوکو ۽ فيصلا ڪرڻ واري جاءِ اوطاق تي شاعر، فنڪار، ڳائڻ وڄائڻ وارا اچي جمع ٿيڻ لڳا. اوهان کي اهو به ٻڌائيندو هلان ته ماتلي جي نظاماڻين ۾ ھي پهريون شخص هو جنهن راڳ رنگ ۽ موسيقي جي واٽ ورتي. جيتوڻيڪ جو سندس پاران ان پاسي وڃڻ ۾ اڪثر نظاماڻين کي اها ڳالهه پسند نه هئي. هاڻ جڏهن پاڻ عاقل بالغ ٿيو ته ماڻھو کيس رئيس ڪريم بخش نظاماڻي سڏڻ لڳا. ان وقت فلمي دور هو ۽ ادب، موسيقي ۽ فلم جو عروج هو. ماڻھو وڏي تعداد ۾ سئنيمائن جو رخ ڪندا هئا ۽ وڏي شوق سان فلمون ڏسندا هئا. سچ پچ ته ان وقت ماڻهو فلمن جا موالي هوندا هئا ۽ جيسين فلم نه ڏسن ته کين ننڊ نه ايندي هئي. اڪثر ڪري وڏن شھرن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سئنيمائون هونديون هيون ۽ ماڻھو خرچ ڪري انهن شھرن ۾ وڃي فلم ڏسندا هئا. سئنيمائن تي رات ڏينهن ماڻھو پکين وانگي پيا لامارا ڏيندا هئا. ماڻھن جي وڏي رش ھوندي هئي، ان وقت نئين فلم چڙهندي هئي ته فلم جو نئون پوسٽر لڳائڻ لاءِ سئنيما جو ملازم پوسٽر ڪلهي تي کڻي جنهن وقت ٽلي وڄائيندو هو ۽ ڪنهن گلي مان گذرندو هو ته نوجوان، ٻار ۽ فلمن جا شوقين ان جي پويان پويان هوندا هئا. ان وقت جا اهي ڏاڍا دلچسپ منظر هئا. اڪثر فلم رات جو هلندي هئي، ماڻھو پري پري کان اچي پنهنجي پسند جي فلم ڏسندا هئا. سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ فلمون ٺھنديون هيون. پاڪستان فلمي دنيا کي “لالي ووڊ” جي نالي سان سڏبو هو. انڊين فلم انڊسٽري کي “بالي ووڊ” چيو ويندو هو. جڏهن ته انگريزي فلم انڊسٽري کي “هالي ووڊ” سڏيو ويندو آهي. تنهنڪري ان کي حالي ووڊ جي فلم سڏيو ويندو هو. ان زماني ۾ رئيس ڪريم بخش کي فلم جوڙائڻ جو خيال آيو. ان وقت فلم هلائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هو. مرحوم پاڪستان جي ورهاڱي کان پهرين 6 ڇهن سالن جي جدوجهد کانپوءِ پهرين سنڌي فلم “ايڪتا” ٺاهي، جنهن ۾ پاڻ هيرو جو ڪردار ادا ڪيو. خانبهادر الهه بخش سومرو وزيراعظم هو. ان وقت ڪراچي جي تاج محل سئنيما ۾ ان فلم جي نمائش ٿي. اها فلم هندن ۽ مسلمانن جي اتحاد ۽ ڀائيچاري تي ٺاهي وئي هئي، جيڪا اڳيان هلي منظر تان غائب ڪئي وئي. فلمي دنيا ۾ پير پائڻ کانپوءِ پاڻ انڊيا ويو. اتي سر شاهنواز ڀٽي جو جمنا ندي جي ڪناري تي ماءِ نيسٽ My Nest نالي سان ٺھيل بنگلو ڏٺو جيڪو کيس وڻي ويو. ماتلي ۾ ڦليلي جي ڪناري تي پاڻ به ان جهڙو خوبصورت بنگلو ماءِ نيسٽ 1943ع ۾ ٺھرايو. ان جي ڀر ۾ وڏي رقم خرچ ڪري پڪچر نيسٽ picture nest نالي سئنيما جوڙايائين، جيڪا 1952ع ۾ ھلي. ماءِ نيسٽ ڀرسان دارالعلوم قائم ڪيائين، جتي اڪثر راڳ رنگ پيو ٿيندو هو ۽ اڪثر فنڪار سکيا وٺڻ جي ارادي سان به اچي ترسندا هئا. ائين سندس اڱڻ تي شاعرن، فنڪارن، اديبن ۽ سندس دوستن جا ميلا متل هوندا هئا. قاسم علي شاهه، سليمان شاهه، مٺو ڪڇي، عبدالله ڪڇي، اسحاق ڪارو، مرحوم جا درٻاري فنڪار هئا. ساز آواز ۽ ڇير جي ڇم ڇم سان سڄو شھر واسجي ويندو هو، ائين لڳندو هو ته ڦليلي جو پاڻي به موج ۾ اچي ڇير وڄائي رقص ڪري رهيو آھي. پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ آھستي آھستي فلم انڊسٽري جو زوال شروع ٿي ويو. هڪڙو وقت آيو ته فلم ٺھڻ بند ٿي وئي ۽ سئنيمائن کي تالا لڳڻ شروع ٿي ويا. فلمي دنيا برباد ٿيڻ لڳي. سئنيمائون بند ٿيڻ سان نه رڳو سئنيما مالڪن کي ڪروڙن جو نقصان ٿيو، پر انهن سئنيمائن ۾ ڪم ڪندڙ ھزارين ماڻھو بيروزگار ٿي ويا. رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جي سئنيما به ان ۾ شامل هئي. فلمون ڏسندڙ ماڻهو ان وقت کي ياد ڪري روئي پون ٿا ۽ ٿڌا شوڪارا ڀري چون ٿا ته ڪاش اهو وقت وري موٽي اچي. رئيس ڪريم بخش نظاماڻي پنهنجي زندگي جو پورو احوال “ڪيئي ڪتاب” ۾ لکيو آھي. ان ڪتاب جو ڪاتب محمد امين ماتلوي نظاماڻي آھي. ان وقت ماتلي جو واپار ۽ اچ وڃ ٻيڙين ذريعي ٿيندي هئي. رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جي ايم سيد، حسام الدين شاهه راشدي ۽ رئيس جا ٻيا گھاٽا دوست ٻيڙي ۾ ويهي راشن پاڻي ۽ فنڪار پاڻ سان گڏ ٻيڙي ۾ ويهاري راڳ رنگ ڪچھري جون محفلون ڪندا هئا. جي ايم سيد، حسام الدين شاهه راشدي، محمد ابراهيم جويو، حيدر بخش جتوئي، ڄام انور علي، سردار احمد خان راڄپر پاڻ ۾ پڳ مٽ يار هئا، جن سندس سنڌ لاءِ ڪيل خدمتن عيوض کيس باباءِ ثقافت جو لقب ڏنو. مير علي احمد خان ٽالپر، مير رسول بخش ٽالپر، مير بنده علي ٽالپر ۽ ٻيا دوستن ۾ شامل آھن. مرحوم چار شاديون ڪيون ڏاڏي پوٽي مان کيس ڪوبه اولاد نه هو. هڪ محبت جي شادي هڪ ڪشميري عورت سان ڪئي، کيس 7 ست نياڻيون ٿيون. پاڻ آخري شادي حيدرآباد مان ڪئي، جيڪا اردو ڳالهائيندڙ هئي، ان مان کيس چار نياڻيون ۽ چار پٽ علي رضا نظاماڻي، هاشم رضا نظاماڻي، قاسم رضا نظاماڻي ۽ احسان الله نظاماڻي پيدا ٿيا. دوستن جي دوست ۽ نه وسرڻ جهڙي، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي 31 ڊسمبر 1982ع ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. سندس وصيت موجب کيس بنگلي جي اڳيان دفن ڪيو ويو. ماتلي جي سياسي، سماجي، ادبي، صحافتي ۽ قومپرست تنظيمن ۽ سندس اولاد پاران هر سال الڳ الڳ ورسي ملهائي وڃي ٿي ۽ سندس تربت تي گلن جون چادرون چاڙهي دعا گهري کيس ياد ڪيو وڃي ٿو. ماتلي جي صحافين ۾ آئون خوش نصيب صحافي آھيان جو مون پنجن ڇهن مهينن جي محنت کانپوءِ 34 منٽن جي فلم ڊاڪيومينٽري تيار ڪئي جيڪا سنڌ ٽي وي تي هلائي وئي. سنڌ جي ايڏي وڏي ماڻھو کي ثقافت کاتي وارن بلڪل وساري ڇڏيو آھي. مرحوم جي سئنيما مڪمل ختم ٿي چڪي آھي ۽ مرحوم جو ماءِ نيسٽ بنگلو جيڪو اسان جو قومي ورثو آھي ان جي ڇت ۽ ڪافي حصو ختم ٿي چڪو آھي. مرحوم جي پٽ علي رضا نظاماڻي ۽ قاسم رضا نظاماڻي جو چوڻ آھي ته بابا سائين سنڌ  لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو ثقافت کاتي پاران بنگلي جي مرمت لاءِ پئسا منظور ٿيا، مگر ڪم نه ڪرايو ويو ۽ پئسا خبر ناهي ته ڪيڏانهن هليا ويا. ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته ثقافت کاتي وارا هر سال سرڪاري خرچ تي ورسي ملهائي بابا سائين جي بچيل آخري نشاني بنگلي جي مرمت ڪرائي.