بلاگنئون

سنڌو درياءَ مان ورتل سبق

سنڌو درياءَ ھڪ وھندڙ درياءَ  جيڪو صدين کان وھندو اچي ٿو. سنڌو درياءَ ھڪ تاريخ آھي، ھن درياءَ ۾ صرف پاڻي نه وھندو آهي، ھن ۾ ڪيترن سچي محبت ڪندڙن جا احساس جذبا به لڙھي ويا آھن. ڪنھن کي پيار ۾ دوکو مليو  انھن ماڻھن محبت جو سچو ثبوت ڏيندي درياءَ جي سيني ۾ ٽپو ڏيئي جان ڏيئي چڏي، پر ان سچ وفا جو ثبوت ھن درياءَ وٽ  پڪو ثبوت  آھي  ۽ اھڙيءَ طرح ھن ۾ ڪيترن ئي بي گناھن جا لاش لڙھيا آھن.  ھي درياءَ انھن پاپين جو گواھ آھي، سندس وجود ۾ ڪنھن جو وجود ڀورا ڀور ٿيو آھي، ھي ھڪ خاموش گواھ آھي، ڏينھن قيامت ۾ انھن بي گناھن لاشن جو وجود موٽائي ضرور ڏيندو ۽ گواھي ڏيندو في الحال ھي درياءَ  خاموش  آھي،  پنھنجي موج ۾ آھي. جيئن ته  ھي وھندڙ درياءَ  پنھنجي وجود کي پوءِ به ڄڻ صاف شفاف رکي اڳتي وڌندو رھيو آھي. شھرن جو گند ڪچرو ڪڏھن ڪڏھن ترندي لڙھندي نظر اچي ٿو، پر ان جي باوجود به ھي سنڌو درياءَ وھندو رھي ٿو.  ڳوٺن ۾مال وارا ماڻھو ڍورن کي وهنجاريندا آھن،  اڪثر ماڻھو ڇيڻا درياءَ ۾ اڇلائي ڇڏيندا آھن، پر پوءِ به وھندو رھي ٿو،  ھي گند ڪچري کي اڳتي ڌڪيندو وھندو رھي ٿو، ڪڏھن به ڪنھن گند ڪچري سبب ناراض ڪونه ٿيو آھي. ھي سنڌو درياءَ ھي ڏک سک سھڻ جو وڏو حوصلو  رکي ٿو.

اھڙيءَ ريت انسان کي ڏک سھڻ ۽ برداشت ڪرڻ لاءِ دل درياءَ جيتري رکڻ گهرجي  جھڙوڪ درياءَ کي خراب ڪرڻ لاءِ ماڻھو گند ڪچرو ڦٽي ڪري ڇڏيندا آھن، پنھنجا ڪيل گناھ ماڻھو ھٿن سان قتل ڪري درياءَ ۾ لوڙهيو ڇڏين، مٿن الزام ھنيو ڇڏين ھي شخص پاڻ درياءَ ۾ ٻڏي مري ويو. درياءَ ھڪ خاموش درد سھندڙ آھي، سنڌو درياءَ انھن چورن جو گواھ آھي جيڪي ٻيڙين جي قطار ڪري درياءَ جي ٻئي ڪپ تي لھي ماروئڙن جي ڦرلٽ جو شاھد آھي جھڙوڪ ڌاڙيلن جو به هي گواھ آھي.

درياءَ صاف شفاف وھندڙ آھي، پر درياءَ جي پاڻيءَ جو قدر نه ڪندڙ ماڻهن ھن کي گدلو ڪري ڇڏيو ماڻھن گند ڪچرو وجهي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ۽ افسوس ته اهو گندو پاڻي وري سندن گهرن ۾ واپس موٽي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ انهن ماڻهن وٽ پهچي ٿو. ان جو سبب اهو آهي جو اسان وٽ تعليم جي به ڪمي آهي ته تربيت جي به ڪمي آهي، پر ان هوندي به درياءَ ، وک وک جو سفر ڪندو گند ڪچرو پاڻ سان گڏ ڍوئيندو وڃي سمنڊ ۾ پنهنجو سفر پورو ڪندو آھي. درياءَ تي ڪيل ظلم لڳايل الزام تي اگر اسان غور ويچار ڪريون ته اسان کي وڏو سبق ملندو، اهو ايئن جھڙوڪ اسان جي زندگي ۾ ڪجھه اھڙا ماڻھو ايندا آھن جيڪي پنھنجي ڪيل غلطيءَ جو الزام اسان تي ھڻي ڇڏيندا آھن، سڀ اوھان جي ڪري ھي سڀ نقصان ٿيو آھي. جھڙي ريت ماڻھو پنھنجي ڪنهن پريشانيءَ ۾ وڃي درياءَ ۾ ٽپو ڏيندا آھن، زندگي جو انت آڻڻ کانپوءِ اهو الزام سڄو درياءَ تي ھڻندا آھن. درياءَ لوڙھي ويو اھڙي ريت اسان جي زندگي ۾ ڪجهه ماڻھو الزام ھڻيو ڇڏين، پر اسان کي انھن جي الزامن جو ڪو فڪر نه پوڻ گھرجي. وھندڙ درياءَ وانگر اڳتي ھلندو رھجي. وري اھڙي ريت جيئن ماڻھو درياءَ تي الزام هڻندا آهن ايئن ئي اسان جي مٿان به ماڻهو الزام هڻندا آهن. اهڙا ماڻهو سنڌو ۾ ڪچرو اڇلائي پوءِ چوندا آهن پاڻي پيئڻ جي لائق نه آھي، ڏاڍو خراب آھي، سڄو الزام درياءَ کي ڏيندا آھن.

اھڙيءَ ريت جيڪڏهن اسان جي زندگي ۾ ڪو الزام گند ڪچرو اڇلائي ٿو ڪوڙا الزام ھڻي ٿو اسان کي کپي ته اسان سنڌو درياءَ جي عادت وانگر اھو الزام گندو ڪچرو کڻي اڳتي ڪندي پنھنجي زندگي ۾ همت سان ھلندا رھون، صاف شفاف اڳتي منزل تي وڃي پهچون.