بلاگنئون

مصنوعي ذهانت ۽ “ڪوڙ بدُوڙ واري ڪرت”

اوھان اھو محسوس ڪيو آھي ته اوھان چيٽ جي پي ٽي، جيمني يا ڊيپ سيڪ کان ڪو سوال پڇيو ھجي ۽ ان وري “اٽي جو گهوٻاٽو جواب ڏنو؟ اھا “ڌُڪائي” ڪرت ڇڙي پاڻ ماڻهن به ڪينهي، پر مصنوعي ذھانت جي انهن سرشتن ۾ اسان کان گهڻي آھي. ان کي ٽيڪنيڪل ٻوليءَ ۾ اھي سڏيندا آھن “ھيلوسنيشن” (Hallucination) يعني ڌُڪو ھڻڻ، ڪوڙ لاڦڻ يا سولي سنڌيءَ ۾ وڦلڻ. مصنوعي ذھانت تي آڌاريل اھي ماڊل (چيٽ جي پي ٽي وغيره) وري ان ڌُڪي واري جواب ڏيڻ مھل ايڏو ته اعتماد سان ڪوڙ ھڻندا آھن جو اسان کي سندي پاڻ تي شڪ ٿيڻ لڳندو آھي يا صفا ان تي ويساھ ڪرڻ تي دل چوندي آھي. سو ھتي پاڻ ان تي ڳالهائينداسين ته اھا ڪرت آخر ٿئي ڇو ٿي؟ بنيادي طور تي ان جا ٽي سبب آھن، جيڪي ھيٺينءَ ريت ھوندا آھن:

بيڪار يا اڻپوري ڊيٽا: جيڪڏهن مصنوعي ذھانت جي ماڊل يعني چيٽ جي پي ٽي يا ٻين جي ٽريننگ واري ڊيٽا ۾ کوٽ ھجي يا اڻپوري يا اڌ سچ تي ٻڌل ھجي ته اهو ماڊل تيار ٿيڻ کانپوءِ پاڻمرادو ڪُوڙِي معلومات ٺاهڻ شروع ڪندو.

مصنوعي ذھانت جي سمجهڻ واري حد: مصنوعي ذھانت جا ھي موجوه ماڊل مڪمل فھم نٿا رکن يعني مطلق  ناھن، ھاڻي جڏھن ھنن جي مصنوعي سمجهه کُٽِي پوي ٿي تڏھن وري اُھي ھرو ڀرو اڳواٽ ڏنل ڊيٽا آڌار امڪانن جي بنياد تي جواب ڏين ٿا. ھي طريقو اوھان ساحر  لڌيانوي جي ھن اردو شعر وانگي سمجهي سگهو ٿا ته:

دنيا ني تجربات و حوادث کي شڪل مين، جو ڪڇ مجهي ديا هي، لوٽا رها هون مين!

يعني مصنوعي ذھانت جي ماڊلن ۾ جيڪا ڊيٽا اسان وجهندا آھيون درحقيقت ان ئي ڊيٽا کي ھو اٿلائي پٿلائي ھڪ ترتيب ڏئي اسان کي واپس ڏيندو آھي.

اوھان جي پڇيل سوال جو ڏکيو ھجڻ: جيڪڏهن اوھان ماڊل کان ڪو اهڙو سوال پڇيو، جنهن جو صحيح جواب اڳواٽ ڏنل ڊيٽا ۾ موجود ئي نه هجي ته مصنوعي ذھانت جو ماڊل اوھان کي اٽڪل سٽڪل ڪري جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو. ھتي ھڪ مثال رکجي ٿو:

اوھان چيٽ جي پي ٽيءَ کان پڇو: “شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڪڏهن پيدا ٿيو؟” ته اھا جواب ڏيندي: “شاهه عبداللطيف ڀٽائي سن 1689ع  ۾ پيدا ٿيو.” (ھي جواب بلڪل درست آھي جيڪو ان ماڊل کي تيار ٿيڻ مھل سڄي جڳ جي ڊيٽابيسن مان مليو ھو.(

پر جيڪڏھن اوھان ھڪ اھڙو سوال پڇو جنھن جو ڌڙ نه ملي گوڏي سان، مثال:

اوھان جو سوال ھجي: “شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ذاتي انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب ڪھڙو آهي؟ ته  اھا ھاڻي ڌُڪي ئي نه پر پير کوڙي ڪوڙ ھڻڻ واري ريت ۾ جواب ڏيندي: شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ذاتي طور انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب “The Philosophy of Latif” نالي ڪتاب خود لکيو.” جڏھن ته حقيقت ۾ شاھ لطيف ڪوبه ڪتاب انگريزيءَ ۾ نه لکيو، پر ھتي مصنوعي ذھانت واري ماڊل هي ھٿ ٺوڪيو جواب ٺاھي اوھان کي ڏنو ۽ ان ماڊل جي اھا ڪرت اصل ۾ “ڪوڙ بدوڙ واري ڪرت” يعني ھيلوسنيشن سڏائيندي آھي. سو ھاڻي جيڪڏھن اوھان کي ڪو تحقيقي ڪم ڪرڻو آھي ۽ اوھان مصنوعي ذھانت جي ٺھيل ماڊلن جي مدد وٺو ٿا ۽ ان ڪوڙن جوابن کان پڻ بچڻ چاھيو ٿا ته ڇا ڪندئو؟

پھريون ته سادو ترين جواب آھي جو اوھان ڀلي ان کان سوال ڪريو، پر ان ماڊل پاران مليل جواب جي تصديق ڪرڻ لاءِ ٻين ذريعن ۽ ماڊلن کان پڻ مدد وٺو. يعني ڇڙو ھڪ ماڊل تي ناھي ڀاڙڻو. اوھان اڪيڊميا، گوگل اسڪالر، آن لائين ريسرچ جرنلن تان به ڳولا ڪري تصديق ڪريو. ڇو ته مصنوعي ذھانتن جي مختلف ماڊلن ۾ ھي “ڌُڪيبازي ۽ ڪوڙ بدوڙي ڪرت” ھڪ وڏي چنوتي آھي، خاص ڪري معلوماتي ۽ تعليمي مقصدن لاءِ، ان ڪري ھميشه مصنوعي ذھانت جي ماڊلن جي ڏنل معلومات تي ئي سئو سيڪڙو ناھي ڀاڙڻو، پر ڪجهه آپڻي به گهوٽجي ته مزو پڻ اچي.

ان ريت ڳولا ڦولها واري عمل ۾ پنهنجي تخليقي صلاحيت ۽ کوجنائي جبلت کي پڻ پاڻي ملندو رھندو ۽ اسان ۾ ماڻهپي واري روش پڻ برقرار رھندي ۽ جيڪڏھن اسان سئو سيڪڙو اکيون ٻوٽي چيٽ جي پي ٽيءَ يا ڪنھن ٻئي ماڊل سرشتي جي ڏنل جوابن کي مطلق سچ سمجهي ڪڍ لڳي پونداسين ته پڪ سمجهو اسان جي داخلي تخليقي صلاحيتون پڻ تباھ ٿيڻ شروع ٿينديون ۽ اسان جي اندر فيصلي ڪرڻ واري صلاحيت پڻ ختم ٿيندي ويندي، جنھن جي نتيجي ۾ اسان سڀاڻي سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾ تميز ئي نه ڪري سگهنداسين، جيڪا ڳالهه درحقيقت اسان کي تباھ ڪري ڇڏيندي.