بلاگنئون مصور ۽ ڪهاڻيڪار ع.ق شيخ February 3, 2024 Zahida Abro عبدالله ولد قادر بخش شيخ (ع.ق شيخ) 8 مارچ 1914ع تي ڳوٺ گڊڙو ٿرپارڪر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ڳوٺ ٽنڊي سومري ۽ هاءِ اسڪول جي تعليم ٽنڊي الهيار هاءِ اسڪول مان ورتائين. ڊرائنگ جي ٽريننگ 1938ع ڌاري بمبمئيءَ جي سر جي.جي.اسڪول آف آرٽ مان وٺي. بي اي ۽ ايم اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪري، ايل ايل بي سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪري، لائبريري سائنس ۾ سنڌ يونيورسٽي مان پوسٽ گريجوئيٽ ڪيائين. سال 1960ع ۾ انگلينڊ جي برسٽل آرٽس يونيورسٽي مان ٽريننگ ۽ تعليم حاصل ڪري 1961ع ۾ واپس سنڌ اچي پنهنجون صلاحيتون اجاگر ڪيائين. ع.ق شيخ، مايه ناز مصور ۽ ڪهاڻيڪار طور شهرت ماڻي ۽ مصوريءَ ۾ زندگي جا حقيقي رنگ ڀريندڙ ۽ ڊزائيننگ جا اعليٰ نقش ۽ نگار رنگن ۽ برشن وسيلي ڏيئي وڏي شهرت ماڻيائين. سندس تصوير ڪشي جون لياقتون ڏسي، ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر آف اسڪولس ٿرپارڪر پاران کيس پنهنجي ضلعي ٿرپارڪر ۾ ڊرائنگ ٽيچر مقرر ڪيو ويو. سندس والد پنهنجي وقت جو ناميارو استاد ۽ قابل حڪيم هو. جيڪو تعليم کاتي مان اعليٰ عهدي تان رٽائر ٿيو هو. ع.ق شيخ ديني تعليم پنهنجي گهران حاصل ڪئي هئي. ايليمينٽري ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد ۾ رهڻ دوران هن پنهنجي تعليم کي وڌايو ۽ ايليمينٽري ڪاليج حيدرآباد کي مصوريءَ جي هڪ اعليٰ تربيت گاهه بڻايو. جتان سنڌ جي ناميارن مصورن ظفر ڪاظمي، اعلي اڪبر سومرو ۽ فتاح هاليپوٽو (شرجيل) پڻ وٽائنس فيضياب ٿيا. ظفر ڪاظمي دنيا جو مڃيل مصور ٿيو. علي اڪبر سومرو شاهه جي بيتن تي هڪ ناياب تصويري ڪتاب ڏنو ۽ فتاح هاليپوٽي (شرجيل) مصوري ۽ ڪهاڻي ۾ پاڻ مڃرايو. ع.ق شيخ نوڪري ۽ تعليم دوران پنهنجو علمي، ادبي مطالعو ۽ مشاهدو به جاري رکيو. جنهن جي ڪري سندس اندر جي آرٽسٽ، تصويرن سان گڏوگڏ بطور اديب به هن کي وڏي سڃاڻپ ڏياري ڇڏي. سندس شاهڪار ڪهاڻين جا عنوان آهن، “پريشان انسان”، “ريل ۽ زندگي”، “مڪو مست”، “نازو” ۽ “حيدرآباد ڪٿي آهي”. ع.ق شيخ جي ٺاهيل لاتعداد ڊزائينن پڻ کيس سنڌ ۾ وڏي شهرت ڏياري. ع.ق شيخ کي سندس اعليٰ صلاحيتن جي بنياد تي نارمل ڊرائنگ ڪاليج مان رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ حيدرآباد جي پبلڪ اسڪول ۾ رکيو ويو. جتي پڻ سندن خدمتون ساراهڻ جوڳيون رهيون. ع.ق شيخ هڪ وڏي ۽ وسيع مطالعي وارو شخص هو. تنهنڪري پاڻ “تاريخ اندلس”، “تاريخ اسلام”، “روح رهاڻ” جهڙيون ناياب تحريرون اسان کي ڪتابي صورت ۾ ڏنيون. “نازو”، “محبت جي راهه تي” ۽ مصوري جي فن تي تمام گهڻو تحقيقي مواد پڻ پاڻ لکت ۾ پويان ڇڏيو آهي. جنهن مان خبر پوي ٿي ته هو هڪ اعليٰ مصوري هجڻ سان گڏوگڏ هڪ بلند پائي جو اديب ۽ ليکڪ پڻ هو. ع.ق شيخ کي ننڍپڻ کان ئي ڪتابن پڙهڻ ۽ ليڪون، شڪليون ڪڍي تصويرون ٺاهڻ جو شوق هو. جنهن ۾ هو رنگ ڀري خوش پيو ٿيندو هو. سندس مصوري واري جنون کيس 1942ع ۾ بمبئي پهچايو، پر ڏيڍ سال کانپوءِ پيءَ جي بيماريءَ جو ٻڌي هو سنڌ موٽي آيو. جنهن لاءِ کيس ڪيتري وقت کان مائٽن ۽ تعليم کاتي وارن منٿون پئي ڪيون. ع.ق شيخ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان مراد علي مرزا جي چوڻ تي گيتن ڀريون ڪهاڻيون لکي به تمام گهڻي شهرت ماڻي. “کهه کٿوري” به سندس هڪ مشهور ڪتاب آهي. پاڻ اٽڪل 25 سال انچارج آرٽ ٽيچر ٽريننگ سينٽر اينڊ آرٽ ٽيچر ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد جي حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ هڪ آرٽسٽ طور ٻن سالن کان مٿي ڪم ڪيائين. پبلڪ اسڪول لطيف آباد حيدرآباد ۾ ڪجهه سال آرٽ ٽيچر طور بهتر خدمتون سرانجام ڏنائين. جنهن جي ڪري پبلڪ اسڪول جي شاگردن، پاڪستان نيشنل سينٽر حيدرآباد پاران 4 نومبر 1975ع تي ڪرايل تصويري نمائش ۾ ستن مان 5 انعام کٽيا، جيڪي پڻ سندس ئي محنتن جو ثمر هئا. سنڌ جي هن نامياتي مصور ڪهاڻيڪار ۽ تاريخ نويس 65ورهين جي ڄمار ۾ 15 آگسٽ 1991ع تي وفات ڪئي. سنڌ پنهنجي انمول هيري کي سدائين ياد ڪني رهندي. 23-6-2006 (12:07 am) Post Views: 363