بلاگ

روسي ڪهاڻي

ساٿي

 

نتاليا تارا سينڪووا

 

اسٽيشن جي خدمتگار ڀرسان هوريان لنگهي وئي. هن اوٻاسي ڏني، آڱريون چپن مٿان رکيون ۽ ڪَر موڙي چوڌاري ڪمري ۽ مسافرن جو جائزو ورتائين! ائين ٿي لڳو ڄڻ هوءَ ڏاڍيان ۽ بيزاري سان چوڻ واري هجي، “او خدا! اوهان سڀ ڇو ٿا سفر ڪريو ۽ اوهان نيٺ انهيءَ مان ڇا ٿا چاهيو؟” پر هوءَ تيزيءَ سان اڳتي وڌي ويئي ۽ پنهنجي پويان نوڪر جي ڪمري جو ننڍڙو در بند ڪري ڇڏيائين.

 ڊِيوُبراونِ، کِل ۾ ٻڏي ويو. هن چاهيو ٿي ته انهيءَ عورت وٽ وڃي ساڻس ڳالهائي، اها پڪ هئي ته هوءَ ننڊاکڙيل اکين سان ساڻس ڳالهائڻ پسند به نه ڪري ها. پر هو ساڻس ڳالهائي به ها ته ڇا ڳالهائي ها؟ حقيقت ۾ اها ڳالهه اهم نه هئي. اصل ۾ هن ساڻس رڳو ڳالهائڻ ٿي چاهيو. بس هو ڏاڍو خوش هو.

اڄ هو پنهنجي پراڻن جي آثارن جي ماهرن واري مهم جي ڪئمپ ۾ ويو هو. انهن واقعي کوٽائي ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي هئي. اتي انهيءَ بابت ڪيترو نه بحث مباحثو ٿيو هو! پر انهن پنهنجو فيصلو اڳ ۾ ئي ڪري ڇڏيو هو. پروفيسر ساراهيندي چيو هو: “شاباس. سٺيو ڪيو اٿئو.” پر هو انهيءَ ساراهه جو ڀاڳي نه هو.

ڊِيوُبراونِ پنهنجي گهڙي ڏٺي، ڏيڍ وڳو هو. ريل رات جو پهتي هئي، تنهنڪري هاڻي هو آزار ۾ پئجي ويو هو. ڇهه ميل پنڌ ڪرڻو هئس. پر ڇوڪرا کيس ڪهڙو آڌر ڀاءُ ڪندس! کيس وڃڻ گهرجي؟ يا بهتر آهي ته هو پنهنجي سامان جي ٿيلهي مٿي هيٺان رکي صبح تائين سمهي پوي.

هن پنهنجو رليءَ جهڙو سبيل جئڪيٽ لاٿو ۽ کڻي بينچ تي اڇلايائين. اوڏي مهل جيڪڏهن ڪِليوا کيس ڏسي ها ته دورو پويس ها. هو پنهنجا هٿ مٿي کڻي دستوري انداز ۾ پنهنجي تقرير شروع ڪري ڏي ها: “آئون پاڻ پراڻن آثارن جي ماهر آهيان ۽ مون به زمين جي کوٽائي ڪئي آهي پر مون ڪڏهن به ڪنهن کي انهيءَ حالت ۾ ڏٺو ناهي. تون ڪنهن سزا کاڌل ڏوهاري جهڙو لڳين ٿو.”

ڪليوڪا! ڏاڍي مٺڙي ۽ خوش مزاج هئي. جڏهن سرءُ جي مند شروع ٿي هئي تڏهن هن سڪ ۽ اُڪنڊ وچان هن جي لاءِ اصل ڳرڻ ۽ سڙڻ شروع ڪيو. جڏهن ٽوليءَ مان وڇڙڻ لاءِ باقي ويهه ڏينهن رهيا هئا، جڏهن سندس وجود پوري طرح جهنم رسيد ٿي ويو هو، تڏهن کيس پنهنجو گهر ويجهڙائي ۾ ٺهندو ڏسجڻ لڳو هو ۽ ڪليوڪا بلڪل پنهنجي ڀر ۾ محسوس ٿيڻ لڳي هئي.

کيس سندس ڳالهائڻ وڻندو هو. هوءَ ماڻهن ۽ حياتيءَ بابت گهڻو ڪجهه ڳالهائيندي هئي. کيس نه ماڻهن بابت ڄاڻ هئي ۽ نه ئي ڪجهه حياتيءَ جي پروڙ، پر کيس سندس ڳالهيون وڻنديون هيون. ڪليوڪا هميشه چوندي هئي: “آئون پاڻ پراڻن آثارن جي ماهر آهيان.” ۽ پوءِ هر حالت ۾ اهو خاص ڏينهن ياد ايندو هئس.

تن ڏينهن اهي شاگرد هئا. اهو سندن عملي ڪم جو آخري سفر هو ۽ پوءِ کين ڊپلوما جي لاءِ تفصيل لکڻو هو. اهي پاڻ ۾ گڏ پئي ويا. ٻئي اداس هئا. کوٽائي ناڪام رهي هئي ڇاڪاڻ جو مينهن پئجي ويو هو ۽ ستت ئي کين وڇڙڻو هو ۽ پوءِ جدا جدا ڏسِن ۾ سفر ڪرڻو هو. ڪليوڪا بيهي رهي ۽ چيائين: “آئون توکي ڪجهه چوڻ چاهيان ٿي. پر تون اهو ٻئي ڪنهن کي نه ٻڌائيندين. ٺيڪ؟!”

سندن ويجهو ڪير به نه هو. رستو، برپٽ ۽ تمام پري تنبو هئا، جي مشڪل سان ڏسڻ ۾ ٿي آيا. ڪليوڪا، کيس تمام ويجهو اچي مٿانئس جهڪي هئي. سندس اکيون وڏيون ڪاريون ۽ پاڻيءَ ڀريل هيون ۽ بادام جهڙيون ٿي لڳيون.

“آئون توکي ٻڌائڻ ٿي چاهيان ته …… آئون انهيءَ زمين جي کوٽائي ۽ پراڻن ٺڪرن جا ٽڪر چونڊڻ کان بيزار ٿي پئي آهيان. آئون پڌري ٿي پيئي آهيان. مون کي پنهنجي چٽي پروڙ پئجي ويئي آهي. بس!”

سندس آواز ڪنبڻ لڳو. مٿي تي ٻڌل ڪپڙو هيٺ ڍرڪي آيس. سندس وار ڇوڪرن جي وارن جيئن ڪٽيل هئا. هن کانئس هڪ عجيب ٺهراءُ ۽ سنجيدگيءَ سان پڇيو: “پر تو پاڻ کي منهنجي متعلق پروڙيو ناهي؟”

گهڙيءَ کن لاءِ ڪليوڪا خوشي ۽ حيرانگيءَ سان ڏانهس ڏسندي رهي. پوءِ سندس اکيون چنجهيون ٿي ويون، ڄڻ تمام تيز روشنيءَ سان ٽڪرائجي ويون هجن ۽ هٻڪندي پنهنجو هٿ ڊگهيري سندس ڪلهي کي ڇهيائين.

…… انهيءَ سفر تان موٽڻ کانپوءِ انهن جلد ئي شادي ڪئي هئي. ڪليوڪا کي هاڻي پراڻن آثارن سان ڪا دلچسپي نٿي محسوس ٿي تنهنڪري اهو پيشو اختيار نه ڪيائين ۽ ماٺ ڪري ويهي رهي.

ڪليوڪا هاڻي پراڻن آثارن واري مهم جي پوشاڪ پائڻ ڇڏي ڏني هئي. هن پنهنجا وار ڪلهن تي ڇڏي ڏنا هئا جن ۾ رڳو هڪ ڪلپ لڳل هئي. هاڻي هوءَ سونهن ۾ به سرس ڏسڻ ۾ آئي ٿي. مڙس جي مهم جوئي واريون شيون گڏ ڪري بند ڪرڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هئس ۽ ايئن ڪرڻ ۾ کيس دخل ڏيڻ نه ڏيندي هئي.

“آئون پاڻ هڪ پراڻن آثارن جي ماهر آهيان”، هوءَ چوندي هئي، “تنهنڪري آئون پاڻ تنهنجي لاءِ هر شيءَ تيار ڪري سگهان ٿي. آئون تنهنجي قميص جي کيسن ۾ پئسا سبنديس. هاڻي مون ڏانهن ايئن نه نهار. دنيا ۾ هر ڪنهن قسم جا ماڻهو ٿين ٿا.”

هو کيس ڪوبه جواب ڪونه ڏيندو هو، رڳو پيو کلندو هو. ۽ هوءَ ورجائيندي هئي: “هر ڪنهن قسم جا ماڻهو، پر شايد تون چنڊ تي رهندو هجين.” ڪليوڪا کيس چنبڙي پوندي هئي ۽ هو سندس مٿو ٿڦڙيندو هو ۽ پاڻ کي کانئس ڏهه سال وڏو محسوس ڪندو هو جيتوڻيڪ ٻئي ڄڻا ساڳئي سال ڄاوا هئا.

…… ها، گذريل ڪجهه ڏينهن کان هو سارو وقت ڪليوڪا بابت سوچيندو رهيو هو. سرءُ اڳيئي ڪافي گذري چڪي هئي. کيس گهر وڃڻ جي ڏاڍي اُڪنڊ هئي.

نه، هو سمهي نه سگهيو. ڪهڙي مصيبت کيس هتي سمهڻ لاءِ وٺي آئي هئي؟ هن پڪو ارادو ڪيو: “آئون ويندس”. پر اڪيلي وڃڻ ۾ ڪهڙو مزو؟ هن هال ۾ چوڌاري نهاريو، ڪوبه نه هو. ڪنڊ ۾ بينچ تي ڪا نميل تصوير پئي هئي. اسڪولي بوٽ پاتل هڪ ڇوڪريءَ جو پير هڪ ننڍڙي پيتيءَ مٿان پيو ڊِيوُبراونِ ٻاهر پليٽ فارم ڏانهن ويو. ريلوي سگنل جي وڏي سائي اک اونداهيءَ ۾ گهوري رهي هئي. ٿڌي هوا پئي لڳي. هو واپس حال ۾ آيو. هن ڏٺو ته اها ڇوڪري ڏانهن گهوري رهي هئي. هو وٽس ويو.

“توکي ڪٿي وڃڻو آهي؟”

اول ته هن ننڊ ۾ هجڻ جو ڏيکاءُ ڏنو پر پوءِ جلدي چيائين: “زييوَڪا.”

“اوهه، پوءِ ته اسان پاڙيسري آهيون. گڏ هلنداسين؟” هن مٿس تيز ۽ ڪاوڙ ڀريل نگاهه سان ڏٺو: “تو سان، رات جو؟ چريو ته ناهين؟”

ڊِيوُبراونِ کِليو. هن ڪليوڪا بابت سوچيو. هوءَ به پنهنجي حياتيءَ ۾ ڌارئي سان ڪڏهن به نه ويئي هوندي ۽ هن به انهيءَ ساڳي نموني ڪاوڙ ڏيکاري هوندي. کيس پڪ هئي ته اها ڇوڪري تيار نه ٿيندي، تنهنڪري بلڪل بيپرواهيءَ سان چيائين “جيڪڏهن تون اچين ته سڀئي ستارا تنهنجا آهن.”

هن ڪا ورندي ڪانه ڏني.

“تون البت مون کان ڊڄين ٿي. اڙي، ڪيڏي نه بيوقوف آهين!”

ڇوڪريءَ ڏانهن ڏاڍي گهرائي سان ڏٺو. سندس اکين ۾ چمڪ هئي ۽ هڪڙي ماڻڪيءَ ۾ ننڍڙو ڳاڙهو داغ هو. ايئن ٿي لڳو ڄڻ سندس گهوُر کانئس سوال پڇي رهي هجي.

هن پنهنجون اکيون جهڪايون ۽ بوٽ جو ڌاڳو ٻڌو. پوءِ اٿي هن پنهنجي پيتي کنئي ۽ چيائين: “هل، ته هلون.”

ڊِيوُبراونِ ترت پنهنجي ٿيلهي کنئي ۽ سندس پويان هلڻ لڳو.

هن ريل جو رستو پار ڪيو. ڇوڪري ٿاٻڙجي پئي. ڊِيوُبراونِ کيس سهارو ڏنو پر هن پنهنجي ٻانهن کانئس ڇڏائي ورتي. ٻئي رستي تي آيا. هتي ڇيڙي تي ٻه گهر هئا ۽ پوءِ رستو، جيڪو برپٽ ڏانهن ٿي ويو. ٻنهي پاسن کان سڪل ڪاٺيون سٿل هيون. اداس ۽ سڪل وڻ اونداهيءَ ۾ مس ٿي نظر آيا.

“تنهنجو نالو ڇا آهي؟”

“واليا”

“ڪيڏانهن ويئي هئين؟”

اسان جي نوجوان اڳواڻن جي ضلعي جي گڏجاڻي هئي. جيئن ته رات جو مائيٽن وٽ ترسي هئس، انهيءَ ڪري اڪيلي آهيان.”

“آئون سمجهان ٿو ته ماسترياڻي ٿيڻ جا سپنا ٿي ڏسين؟”

“نه، مان ڊاڪٽر ٿينديس.”

هن اهو ايڏي ته زور ۽ پختگيءَ سان چيو هو جو ايئن لڳو ته اڳتي هو چوندي: “مون کي انهيءَ ڳالهه تان هٽائڻ جي ڪوشش نه ڪج” ڊِيوُبراونِ کي وري ڪليوڪا ياد آئي ۽ کلندي سوچڻ لڳو: “واليا جڏهن ڪاليج ويندي ۽ پوءِ جڏهن اينا ٽامي هال ۾ مردن جي بدبوءَ ۾ سندس ساهه گهُٽجڻ لڳندو” تڏهن پنهنجي دوست کي چوندي: “نه مان ڊاڪٽر نٿي ٿي سگهان. مون پاڻ کي پروڙيو آهي.”

“اها بڪواس آهي.” ڊِيوُبراونِ ڏاڍيان چيو، “تون شادي ڪندئين ۽ اها تنهنجي ڊاڪٽري پيشي جي پڄاڻي ٿيندي! اهو هميشه ايئن ٿيندو آيو آهي.”

“پر آئون تو سان متفق ناهيان…..”

“تون ڪهڙي ڪلاس ۾ پڙهين ٿي؟” هن سندس ڳالهه وچ ۾ ڪٽيندي چيو. “بلاشڪ نائين ڪلاس ۾ پڙهندي هوندينءَ جيئن ظاهر ٿو ٿئي.”

“پر آئون تو سان متفق ناهيان،” هن ٻيهر چيو. “نائين ڪلاس ۾ ماڻهو پوري طرح فيصلو ڪري سگهي ٿو.”

ڊِيوُبراونِ، سهڻا وار سنواريل واليا کي اسڪولي پوشاڪ ۾ نوجوان اڳواڻن جي گڏجاڻيءَ ۾ ڳالهائيندي تصور ڪيو. سندس آواز ماٺيڻو، پر تمام پختو هو. “پر آئون تو سان متفق ناهيان”، هن کانئس اڳ ڳالهائيندڙ کي چيو. “ڪوليا سان ائين هلت ڪرڻ قطعي ضروري نه هو. اسان جي ٽوليءَ ۾…..”

ڪيڏي نه بيزار ڪندڙ ۽ گڻوان ڇوڪري آهي. هن گهڻو ڪري اخلاقيات تي تقريرون ڪندڙ ماڻهن کي پسند ڪيو هوندو. هڪدم سندس بيزارگي سهڻ کان ٻاهر ٿي ويئي. هو ڇو آخر هن ڇوڪريءَ وٽ لنگهي ويو هو. کيس اڪيلو ئي هليو وڃڻ کپندو هو ۽ رڳو ڪليوڪا جو ئي سوچڻو هئس. ڪليوڪا! سندس مٿي جهلڻ جو هڪ خاص انداز هو، جنهن ۾ سادگي به هئي ته سونهن به، ڄڻ پڇندي هجي: “ڀلا آئون ڪيئن ٿي لڳان؟”

هينئر هوءَ ستل هوندي يا شايد پڙهندي هجي، کيس بستري ۾ ليٽي پڙهڻ وڻندو هو.

واليا ماٺ هئي ۽ ڊِيوُبراونِ پڻ. اوچتو ئي اوچتو هن ڇوڪريءَ کي ڊيچارڻ چاهيو. جيڪا ايتري همٿ واري ۽ پختي هئي. اهو خيال ايترو تيزي سان آيس جو کيس پهرين سوچيل ڳالهه ٻڌائي ڇڏيائين: “آئون جيل مان هينئر آزاد ٿيو آهيان، آواره گرديءَ جي ڏوهه ۾ اندر ڪيو هئائون.”

هن سوچيو ته اهو ٻڌي هوءَ جلدي ڀڄي ويندي پر هن نهايت سنجيدگيءَ سان چيو: “مون اهو اڳ ۾ ئي اندازو لڳايو هو.”

هو هر ڪنهن ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار هو پر کيس انهيءَ ڳالهه جي اميد نه هئي. هن ذري گهٽ رانڀاٽ ڪري چيو:

“ته پوءِ تون مونسان گڏ ڇو آئينءَ؟”

واليا پنهنجي ڪلهن کي ٿوري جنبش ڏيندي چيو: “بس فيصلو ڪيم ۽ هلي آيس.” ۽ پوءِ ٿوري ماٺ کانپوءِ چوڻ لڳي: “جيڪڏهن آئون نه اچان ها ته تون ناراض ٿي پئين ها.”

هاڻي هو کيس ڪيئن ٿي سمجهائي سگهيو ته هو هڪ پراڻن آثارن جو ماهر هو ۽ اهو سڀ ڀوڳ پئي ڪيائين؟ پر ڊِيوُبراونِ کي هڪ ڳالهه جي خبر هئي ته ڇوڪريءَ کي انهيءَ ڳالهه جي پڪ هئي ته هن جيڪي چيو هو سو سچ هو، تنهنڪري هو خاموشيءَ سان هلندو رهيو. واليا پنهنجي ٽوليءَ بابت ساڻس ڳالهائيندي رهي، پر هن اهو ڪونه پئي ٻڌو، هو پنهنجي ٽيڏي اک سان کيس تڪيندو رهيو. کيس سوڙهو ڪوٽ پاتل هئس، جنهن کان سندس جسم چڙهيل ٿي لڳو، هوءَ ٿوري جهڪي هلي ٿي.

ڊِيوُبراونِ کي تعجب هو: “هيءَ مون کان ڊڄي ٿي؟ شايد ڊڄي ٿي، ڇاڪاڻ ته گهڻو ٿي ڳالهائي.” هن سندس اکين ڏانهن نهارڻ چاهيو ٿي پر هن ڏانهس نٺي ڏٺو. هوءَ رستي ڏانهن گهوريندي رهي ۽ ڳالهائيندي رهي، هوءَ ڳالهائندي رهي…..

اوچتو خوشيءَ مان زور سان چيائين: “هاڻي پهچي وياسين. هي اسان جو ڳوٺ آهي!”

ها، بيشڪ پهريون گهر سندس ئي هو.

“آئون هن گهٽي ۾ رهان ٿي ڳالهائيندا آياسين ته پنڌ جو پتو ئي نه پيو؟”

“نه، پتو نه پيو” ڊِيوُبراونِ هاڪار ڪئي سندس گهر جو رستو سڌو اڳتي ٿي ويو پر ڪنهن سبب ڪري هو واليا جي گهرواري گهٽيءَ ڏانهن مڙيو اهي هڪ ننڍي گهر اڳيان اچي بيٺا. واليا آهستي در کڙڪايو. هڪدم پردو سرڪيو ۽ جلدي در ڇڪي سان کليو ۽ هڪ عمر چڙهيل عورت دروازي جي چانئٺ تي نمودار ٿي.

“واليا ايتري دير سان ۽ اڪيلي؟”

“امان منهنجو ساٿي ساڻ اٿم.” واليا وراڻيو عورت اڳتي اچي کيس کيڪارڻ واري هئي پر بيهي رهي شايد ڪو ڊيڄاريندڙ خيال سندس ذهن ۾ آيو هو ته سندس ڌيءَ ڪنهن ڌارئي سان گڏ آئي هئي. “شايد تون اندر اچي رات گذارين” عورت تيزيءَ سان چيو، جنهن سان صاف ظاهر هو ته هن کيس ترسائڻ ٿي چاهيو.

“نه، منهنجو گهر ڀرسان ئي آهي.” ڊِيوُبراونِ وراڻيو. هو موڪلائي روانو ٿيو. ڪنهن طريقي سان هر ڪا ڳالهه احمقانه ٿي مون ايئن ڇو ڪيو؟ ۽ اوچتو ئي انهيءَ خاموشيءَ ۾ زور سان کلڻ لڳو. ڪنهن سبب ڪري هو تمام خوش هو. ڇو؟ “ڇاڪاڻ ته پروفيسر چيو هو، شاباس سٺو ڪيو اٿئو.” يا ڇاڪاڻ ته واليا چيو هو، “جيڪڏهن آئون نه اچان ها ته تون ناراض ٿئين ها؟” اڙي نه. ڪنهن جي ڪري به نه بس هو ڏاڍو خوش هو پر سمورو وقت هو واليا جي باري ۾ سوچيندو رهيو. اوڏي مهل شايد ساڻس واليا کي هڪ ڊگهي تقرير پئي ٻڌائي اوڏي مهل شايد ماڻس واليا کي هڪ ڊگهي تقرير پئي ٻڌائي ته رات جو ڪڏهن به ڌارين سان گڏ نه هلجي. هوءَ تنگ ٿي ڪاوڙ ۾ ڳاڙهي پئي ٿي. پر واليا وار سنواريندي آرسي جي سامهون ويٺي ۽ هاڻي آهستي چوڻ لڳي: “توکي خبر آهي امان هو هينئر قيد مان آزاد ٿيو آهي. کيس آواره گرديءَ جي ڏوهه هيٺ اندر ڪيو هئائون.” هن بتي وسائي ڇڏي هن واليا جي صورت ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪري نه سگهيو. شايد کيس وارن جون چوٽيون نه هيون.

کيس ايئن لڳو ڄڻ هن سندس صورت ڏٺي نه هجي. هو صبح جو وري کڻي ڏسي تڏهن به نه سڃاڻندو. هاڻي هو وري  گهر پهچندو ۽ پنهنجي ساٿيءَ جي باري ۾ ستلن کي ٻڌائيندو ۽ پوءِ ڪليوڪا کي هڪ ڊگهو ڊگهو خط لکندو ۽ اهو شروع ٿيندو “دنيا ۾ هر قسم جا ماڻهو آهن.”

هو ڪليوڪا کي پنهنجو خط پڙهندو تصور ڪري مرڪيو ۽ اوچتو ئي اوچتو انهيءَ بابت کيس نه لکڻ جو فيصلو ڪيائين ڪليوڪا اهو نه سمجهندي.

سنڌيڪار: ساجن چنداڻي.