ڪهاڻي

اجازت

وفا صالح راڄپر

نصرت جي خلاف داخل دعويٰ جي ڪيس جي اڄ فتويٰ هئي. زاهد جي وڪيل دعويٰ ثابت ڪرڻ لاءِ دليلن جا واهڙ وهائي، ورتل فيس تي حق حلال جو ٺپو هڻي ويٺو ته نصرت جو وڪيل عينڪ کي ننڍڙي رومال سان اگهي اکين تي رکي اطمينان سان اٿي جج اڳيان دليل ڏيڻ لاءِ اچي بيٺو. هن جي چهري تي اطمينان ۽ لهجي ۾ ڌيرج هو. هن جج سان مخاطب ٿيندي چيو:

جناب والا….! منهنجو وڪيل دوست قانون، اخلاقيات ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي پيو ڪري. هو منهنجي موءَڪلا تي ڪوڙو بهتان هڻي کيس ذهني اذيت ڏيڻ جي ڪوشش پيو ڪري. دعويٰ کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِ توهان وٽ ڪهڙو ثبوت آهي؟

جج، کيس گهوريندي چيو.

يور آنر….! اها دعويٰ ئي ڪوڙي آهي ته نصرت زاهد جي زال آهي، قانون ۽ شريعت جي حوالي سان هوءَ زاهد جي زال ٿي ئي نٿي سگهي، وڪيل ڳالهايو.

پر نصرت جي ماءُ پيءُ سميت ڳوٺ وارن جون شاهديون به ته زاهد جي حق ۾ آهن، جج ڳالهايو.

جناب والا….! پوءِ به نصرت زاهد جي زال ٿي نٿي سگهي، وڪيل جي لهجي ۾ اعتماد هو.

نڪاح نامون به موجود آهي ۽ نڪاح پڙهائيندڙ مولوي جي شاهدي به دعويٰ جي حق ۾ آهي. جج پين وات ۾ ڏئي چيو:

جناب والا…! ان کان به انڪار نه آهي ته نڪاح به پڙهيو ويو آهي، پوءِ به نصرت زاهد جي زال نه آهي، وڪيل ڳالهايو.

گهوٽ ڪنوار جا وڪيل ۽ نڪاح جا شاهد به ته موجود آهن، جج جرح ڪندي چيو. جناب والا…..! نه رڳو ايترو پر نڪاح جو حق مهر به لکيل آهي ۽ ڳوٺ وارن نڪاح جون کارڪون به کاڌيون آهن، پر پوءِ به نصرت زاهد جي زال نه آهي، وڪيل ڳالهايو.

جج سميت، ڪورٽ ۾ ويٺل سمورا ماڻهو حيرت جي ڪُن ۾ غوطا کائي رهيا هئا، کين سمجهه ۾ نه پئي آيو ته وڪيل دعويٰ کي رد ڏيڻ بدران تسلي به ڪري پيو، پر پوءِ به آخر ان سچائيءَ کان انڪار ڇو پيو ڪري؟ جج پين وات ۾ ڏئي کيس گهوري ڏسي رهيو هو. عدالت جي ڪمري ۾ ماٺار ڇانيل هئي، زاهد جو وڪيل اٿي بيٺو ۽ جج سان مخاطب ٿيندي چيائين ته:

جناب  والا….! منهنجو وڪيل دوست عدالت جو قيمتي وقت ضايع پيو ڪري، وٽس دعويٰ کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِ ڪوبه معقول دليل نه آهي.

نصرت جي وڪيل جي چپن تي طنز ۾ مُرڪ وکري وئي، هن ڌيرج مان وراڻيو.

جناب والا….! عدالت سڳوريءَ جو آئون نه پر منهنجو وڪيل دوست وقت ضايع پيو ڪري، هو پاڻي پيو ولوڙي،

پر تون پنهنجي موقف کي آخر ڪيئن ثابت ڪري سگهين ٿو؟

جج ڳالهايو.

يور آنر….! آئون جيڪو ڪجهه چوان پيو، اهو سچ آهي، وڪيل چيو.

تون ان کي ثابت ڪيئن ٿو ڪرين؟ جج جي لهجي ۾ تجسس، ڪاوڙ ۽ بيزاري هئي.

سر….! مڃان ٿو ته زاهد جو نصرت سان نڪاح به ٿيو آهي، شاهد، گواهه به پنهنجي جاءِ تي ڪوڙ نٿا هڻن…..! وڪيل ڳالهايو پر زاهد جي وڪيل سندس جملو اڌ ۾ ڪٽيندي وراڻيو.

پوءِ نصرت زاهد جي زال نه ٿي ته ڇا ڀيڻ ٿي؟

عدالت جي ڪمري ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو ۽ ماڻهن جو ڀڻڪو وڌي ويو، جج ويٺلن کي خاموش رهڻ جي هدايت ڪندي چيو:

ڇا توهان جا دليل مڪمل ٿيا؟

يوئر آنر….! دليل مڪمل نه پر شروع ٿيا آهن، سچ ته اڃان رهيل آهي، وڪيل ڳالهايو.

ته پوءِ مڪمل ڪريو…..! جج ڳالهايو.

وڪيل وٽنس باڪس ۾ بيٺل پنهنجي موءَڪلا نصرت ڏانهن ڏٺو جنهن جي چهري تي پريشانيءَ جا ڪي به آثار نه هئا. هن پنهنجي وڪيل دوست ۽ نڪاح پڙهائيندڙ ملان ڏانهن معنيٰ خيز نگاهن سان ڏٺو ۽ چپن تي مرڪ آڻي جج سان مخاطب ٿيو.

جناب والا….! آئون جنهن حقيقت کي پڌرو ڪرڻ لڳو آهيان، ان سان نه رڳو زاهد، پر نڪاح پڙهائيندڙ ملان، شاهد، وڪيل ۽ نصرت جا ماءُ پيءُ ان ڏوهه ۾ گرفتار ٿي سگهن ٿا.

ڪارڻ…..؟ جج وضاحت گهري.

جناب والا…..! شادي ٻن انسانن وچ ۾ زندگي گڏ گذارڻ جو هڪ قانوني ۽ شرعي معاهدو هوندو آهي، جنهن ۾ ٻنهي جي رضامندي شامل هوندي آهي.

پوءِ هيءُ ڇا آهي….؟ جج ڳالهايو.

گُڏي گُڏيءَ جو وهانءُ آهي، جنهن ۾ مائٽن جي خوشي نه آهي پر ان جي قانوني ۽ شرعي حيثيت نه آهي. ان ڪري ته گڏي ۽ گڏيءَ جي وهانءُ ۾ ساٺ سنئوڻ ته هوندا آهن، پر زندگيءَ جي سچائي شامل نه هوندي آهي، وڪيل ڳالهايو.

ڪورٽ ۾ مڪمل ماٺار ڇانيل هئي، جج پين وات ۾ ڏئي سوچ ۾ ٻڏل هو، وڪيل ٻيهر ڳالهايو.

جناب  والا…..! ريتون رسمون مثبت به هونديون آهن ته منفي به اهي اسان جي سڃاڻپ جو حوالو ضرور آهن، پر قانون کان مٿانهيون نه آهن. اسان وٽ اڄ به ريتن رسمن جي نالي ۾ مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن کي وڌيڪ ڀوڳڻو ٿو پوي، وڪيل ڳالهايو.

جناب والا….! منهنجي وڪيل دوست جي جذباتي تقرير جو هن ڪيس سان ڪوبه تعلق نه آهي، هو ڪورٽ سڳوري جو وقت ذيان پيو ڪري. زاهد جي وڪيل وچ ۾ ڳالهايو،

ڪيس سان تعلق آهي….!

جج زاهد جي وڪيل جي اعتراف کي رد ڪندي نصرت جي وڪيل سان مخاطب ٿيندي چيو: توهان پنهنجي موقف کي جاري رکو.

وڪيل جي چپن تي مُرڪ وکري وئي، هن ڪجهه ڪاغذ جج صاحب ڏانهن وڌائيندي ٻيهر ڳالهائڻ شروع ڪيو.

جناب والا….! منهنجي موءَڪلا جي شادي جڏهن ڪرائي وئي هئي، تڏهن هن جي عمر ڏهه سال ۽ زاهد جي عمر ٻارنهن سال مس هئي، اها سندن راند روند جي ٻاراڻي وهي هئي. هن برٿ سرٽيفڪيٽ ۽ اسڪول سرٽيفڪيٽ ۾ ڄم جون تاريخون درج آهن. هن عمر ۾ پيل نڪاح جيڪڏهن قانوني ۽ شرعي طور درست آهي ته مان نصرت کي زاهد جي قانوني زال مڃڻ لاءِ تيار آهيان.

جج نڪ تي رکيل عينڪ مان وڪيل جي پيش ڪيل ڪاغذن کي غور سان پڙهڻ لڳو، وڪيل ڪجهه ٻيا ڪاغذ جج ڏانهن وڌائيندي چيو:

يوئر آنر….! منهنجي موءَڪلا پڙهيل لکيل آهي، هن وقت سندس عمر ويهه سان اٺ مهينا آهي. ان ڪري هن پنهنجي رضا خوشيءَ سان جنيد نالي نوجوان سان شادي ڪئي آهي، جنهن جو قانون کيس پورو حق ڏئي ٿو.

جج جي چپن تي اڻ کٽي مرڪ وکري وئي، هو ڪنڌ جهڪائي ريڊر کي فتويٰ لکرائڻ لڳو.

نصرت پنهنجي وَرَ جنيد ۽ وڪيل سان گڏ عدالت جي ڪمري مان ٻاهر نڪتي ته سندس چهري تي سوڀ ورنيون ريکائون هيون.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments