غزل
شانت ماحول مگر…
نارائڻ شيام
ڌرم جو ايئن وجود آهي خدا جئن ڀاسي،
امن پراڻن ۾ ڏنل ڏند ڪٿا جئن ڀاسي،
حال آهسته ڏسيئه خانه تباهيءَ جو پئي،
هاءِ سسڪين سان ڀريل نرم هوا جئن ڀاسي!
شور ئي شور هو، مفهوم نه هو نعرن جو،
گونجندي راڙ ڪرڻ ساڻ غفا جئن ڀاسي!
رات سنسان ۾ اڄ چين جو احساس ايئن،
بند تقرير ٿيڻ کان بعد فضا جئن ڀاسي!
شانت ماحول مگر پوءِ به چُپُ چُپُ هرڪو،
شيام سانڍي وڄون، گنڀير گهٽا جئن ڀاسي!