بلاگ

ماضيءَ جو اڀياس: هڪ تعارف صراط گوهر دائودپوٽو ڪنسلٽنٽ (ڪلچرل هسٽورين) July 2021

آرڪيالاجي  (Archaeology):آرڪيالاجي هڪ علم آهي، انسان جي ماضيءَ جو علم، ماضيءَ جي نشانن جو علم، جنهن جو سڄو دارو مدار ثقافتي مواد تي آهي. عام طور تي پاڪستان ۾ آرڪيالاجي کي علم آثار قديمه سڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته 1947ع ۾ هندستان جي ورهاڱي کا اڳ سنڌ ۾ ان کي “پراچين وستو وگيان” لکيو ويندو هو. سڄي دنيا ۾ آرڪيالاجي جا استاد ۽ ماهر ان کي صرف قديم دور جي مادي شين جو علم سمجھندا آهن، جيڪو به غلط ناهي، پر ان کي قديم دور تائين محدود ڪرڻ به بلڪل درست ناهي. آرڪيالاجي ماضيءَ جي ڪنهن مخصوص وقت جو علم نه آهي، بلڪه آرڪيالاجي مڪمل يا سڄي ماضيءَ جو علم آهي. لک سال پراڻا پٿر جا اوزار، هزارين سال پراڻين وسندين جا آثار، سوين سال پراڻا شهر، ڪوٽ ۽ قلعا، ٿانوَ، سڪا ۽ ٻيون شيون ۽ توهان ڪلهه جيڪو ڪجھ به ڪچري جي ڍير تي اُڇلايو سڀ آرڪيالاجي جو حصو آهن. جيئن ته آرڪيالاجي جو بنياد آثار قديمه تي آهي ته پوءِ ڇا ان کي فقط آثار قديمه يا آثاريات چوڻ مناسب آهي؟ جي نه ته پوءِ آرڪيالاجي کي ڇا چوڻ، لکڻ ۽ پڙهڻ گھرجي؟ انهن سوالن جا جواب ٽنهي جي وضاحت ڪرڻ بنا نٿا ڏئي سگھجن.

آرڪيلاجي بابت ته مٿي ٻڌايو ويو آهي، پر جيتري تائين آثار قديمه جو سوال آهي ته آثار قديمه جي انگريزي معنيٰ اينٽيڪيوٽيز(Antiquities)  آهي. اينٽيڪيوٽيز مان مراد پراڻي زماني جون شيون يا ماضيءَ جا نشان آهن جن کي صحيح معنيٰ ۾ آرڪيالاجيڪل رڪارڊ چئجي ٿو. جيئن ته هيٺ ذڪر ڪيو ويو آهي ته آرڪيالاجي هڪ مڪمل (سماجي) سائنس (Social Science) آهي جنهن جو سڄو دارو مدار ماضيءَ جي آثارن تي آهي، سو قديم شيون آرڪيالاجي جو حصو بڻجڻ ٿيون. وڌيڪ ته ٻنهي آرڪيالاجي ۽ آثار قديمه جي معنيٰ ۽ علمي وضاحت مختلف آهي. ماضيءَ جي آثارن کي گڏ ڪرڻ ۽ انهن جي نمائش ڪرڻ کي آثاريات(Antiquarianism) چوڻ مناسب رهندو. لفظ آثاريات جو علمي پسمنظر ڪجھ ايئن آهي ته هن نالي سان پاڪستان جي مشهور آرڪيالاجسٽ ڊاڪٽر فرزند علي دراني 1997ع ۾ هڪ تحقيقي رسالو ڪڍيو هو جيڪو بدقسمتيءَ سان سندن وفات کانپوءِ بند ٿي ويو. وڌيڪ ڊاڪٽر فاروق سواتي ان بابت ٻڌايو ته ڊاڪٽر دراني لفظ آثاريات کي بغير ڪنهن لکپڙهه جي آرڪيالاجي جي لاءِ استعمال ڪيو هو ۽ ان جي شاهدي رسالي جي ٽائيٽل صفحي تي ملي ٿي جتي آثاريات جي اڳيان ننڍي ڏنگين ۾ آرڪيالاجي لکيل آهي. ڊاڪٽر سواتي جو چوڻ آهي ته آرڪيالاجي جي پنهنجي علمي حيثيت ۽ تاريخ آهي ۽ ان کي آثاريات سان ڪنفيوز (confuse) ڪرڻ درست نه آهي ۽ سندن خيال آهي ته آرڪيالاجي کي آرڪيالاجي ئي چوڻ گھرجي (ذاتي گفتگو، ڊسمبر 2019).

پاڪستان ۾ آرڪيالاجي کي آثار قديمه يا آثاريات لکيو، پڙهيو ۽ سمجھيو وڃي ٿو. جڏهن ته ٽئي مختلف مضمون آهن، ان حوالي سان آرڪيالاجي جي تاريخدان(Historian of archaeology)  ڊاڪٽر افقت شاهين ٻڌايو ته پاڪستان ۾ آثار قديمه(Antiquities)  ۽ آثاريات(Antiquarianism) کي آرڪيالاجي سمجھيو وڃي ٿو. دراصل، آثاريات بطور پريڪٽسpractice  ۽ نظريو(theory)  هڪ الڳ موضوع آهي جنهن جي پنهنجي هڪ الڳ تاريخ آهي. سندن خيال آهي ته آرڪيالاجي هڪ سائنس آهي ۽ ان کي علمي لحاظ کان آرڪيالاجي ئي چوڻ کپي (ذاتي گفتگو، فيبروري 2019). وڌيڪ ان تي آرڪيالاجي شعبي قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد جي استاد ڊاڪٽر رفيع الله خان جو چوڻ آهي ته آثار قديمه جي وضاحت ڪرڻ بغير ان کي آرڪيالاجي لکيو ۽ پڙهيو پيو وڃي، پر جي آثار قديمه جي وضاحت ڪبي ته ظاهر ٿيندو ته آثار قديمه دراصل آرڪيالاجيڪل مواد(Archaeological Material)  آهي، آرڪيالاجي نه آهي. سندن چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ آثار قديمه جي ڪابه اهڙي معنيٰ نٿي ملي جنهن ۾ ٻڌايل هجي ته هي آرڪيالاجي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ ان جي علمي پاسي کي به نظر انداز ڪيو ويو آهي، جيڪا پنهنجي پر ۾ هڪ وڏي ڪوتاهي آهي. وڌيڪ ٻڌايائون ته ضروري ناهي ته هر لفظ جي مقامي ٻولين ۾ معنيٰ هجي، آرڪيالاجي کي آرڪيالاجي ئي لکڻ پڙهڻ گھرجي ۽ ان جي سرڪاري سطح تي وضاحت ڪئي وڃي (ذاتي گفتگو، فيبروري 2019). جڏهن ته پشاور يونيورسٽي جي آرڪيالاجي شعبي جي ڊائريڪٽر پروفيسر ابراهيم شاهه صاحب آرڪيالاجي جي ٽريڊيشنل(traditional) وضاحت پيش ڪئي آهي. سندن خيال آهي ته آرڪيالاجي کي علم آثاريات چئي سگھجي ٿو. مثال طور: جيئن سوشيالاجي(Sociology) کي معاشي علم يا سماجيات چيو وڃي ٿو (ذاتي گفتگو، ڊسمبر 2019). وڌيڪ ته دوارڪا پرساد روچيرام شرما پنهنجي ڪتاب نالي “پراچين سنڌو سڀيتا جو نظارو” ۾ آرڪيالاجيءَ کي سنڌيءَ ۾ پراچين وستو وگيان لکيو آهي ۽ آرڪيالاجسٽ کي پراچين وستو وگياني. مزي جي ڳالهه آهي ته آرڪيالاجي يا آرڪيالاجسٽ جي ان معنيٰ کي دوارڪا صاحب کانپوءِ ڪنهن به استعمال ڪونهي ڪيو ۽ 1949ع کانپوءِ آرڪيالاجي جي جاءِ آثار قديمه اچي والاري. ان کانسواءِ آرڪيالاجي جون مقامي ٻولين ۾ به مختلف معنائون ملن ٿيون. پشتو ۾ ان کي لرغوني آثار، بلوچي ۽ پنجابي ۾ آثارِ قديمه جڏهن ته عام طور تي آرڪيالاجيءَ کي کنڊرات جي معنيٰ ڏني وڃي ٿي. سواءِ سنڌيءَ جي جيڪا آرڪيالاجي جي سنڌي ۾ وضاحت آهي، سڀني ٻولين جي معنيٰ آثارِ قديمه کان متاثر آهي، پر جي ان جي عام معنيٰ کنڊرات تي غور ڪريون ته صاف ظاهر نظر ايندو ته هي لفظ منفي(negative)  معنيٰ ٿو ظاهر ڪري ۽ ان سان عوام ڏانهن غلط پيغام ٿو وڃي. ڇو جو کنڊرات عام طور تي ويران ۽ آسيبزده جاين کي سمجھيو ويندو آهي ۽ ماڻهن جو رويو ۽ رايو ان بابت ڪجھ ٺيڪ ناهي هوندو، جنهن جي ڪري ثقافتي ماڳن کي به گهڻو ئي نقصان پهتو آهي. گھٽ لفظن ۾ آرڪيالاجي کي علمي پسمنظر ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي. جڏهن ته ان جي وضاحت به ان ئي لحاظ کان ٿيڻ گھرجي. مٿي واضح ڪيو ويو آهي ته آرڪيالاجي کي پاڪستان ۾ مختلف لفظن سان سڏيو وڃي ٿو ۽ ان کي معنائون به مختلف ڏنيون ويون آهن، پر مقامي ٻولين ۾ آرڪيالاجي لاءِ استعمال ڪيل لفظن مان ڪوبه ان جو متبادل نه آهي. ان حالت ۾ آرڪيالاجي کي آرڪيالاجي چوڻ ئي مناسب رهندو.

ڇا آرڪيالاجي سائنس آهي؟:

هي سوال ڪنهن اهڙي آرڪيالاجسٽ يا آرڪيالاجي جي شاگرد کان پڇيو وڃي جنهن جي ٽريننگ(training)  سائنس ڊپارٽمينٽ(science department) ۾ ٿي هجي ته ان جو جواب هي هوندو: آرڪيالاجي سائنس آهي. جڏهن ته آرٽس ۽ هيومينٽيز(Arts and Humanities)  جا شاگرد آرڪيالاجي کي سائنس نه، پر هيومينٽيز جو مضمون ڪري وٺندا آهن. آرڪيالاجي شعبو پاڪستاني يونيورسٽين ۾ سوشل سائنسز(Social Sciences)، آرٽس ۽ هيومينٽيز ۽ فزيڪل سائنسز(Physical Sciences) جي فيڪلٽين(Faculties)  ۾ ملي ٿو. مثال طور: آرڪيالاجي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ فزيڪل سائنسز فيڪلٽي ۾ آهي، قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ سوشل سائنسز فيڪلٽي ۾ شامل آهي ۽ سنڌ يونيورسٽي ۽ پشاور يونيورسٽي ۾ آرٽس ۽ هيومينٽيز فيڪلٽي جو حصو بڻيل آهي. بهرحال گهٽ لفظن ۾ چئبو ته آرڪيالاجي هڪ سماجي سائنس (علم) آهي ڇو جو ان جو تعلق انسان ۽ ان جي ماضيءَ سان آهي. آرڪيالاجي جو دارو مدار انسان سان لاڳاپيل ماضيءَ جي شين، جنهن کي انساني باقيات کڻي چئون، تي آهي.

انساني باقيات دراصل آرڪيالاجيڪل رڪارڊ (Archaeological record) آهي، جنهن ۾ پنڊ پهڻ ٿيل وڻن جا ڇوڏا ۽ ڪِٺ ۽ هڏا (Fossils)، انساني ۽ حيواني هڏا- پڃرا ۽ وڻن ٻوٽن جا ٻج ۽ ڪاٺ (ڪپڙو ۽ ڪوئلا)biofacts  يا ecofacts، پٿر جا اوزار، ٺڪر ۽ مختلف ڌاتن جا ٺهيل ٿانو ۽ سنوڻ سينگار جو سامان، عمارتون (Structures)، نوادرات(Antiques)  ۽ ٻيا ماضيءَ جا اهڃاڻ(Symbol)  شامل آهن. جيئن ته آرڪيالاجي جو دارو مدار ثقافتي مواد تي آهي تنهنڪري ان کي مٽيريل سائنس(Material Science) به چيو ويندو آهي. اهو چوڻ ۽ سمجھڻ گهڻو اهم آهي ته آرڪيالاجي ۾ سائنسي طريقن(Scientific Methods)  جو استعمال، جنهن جي مدد سان ثقافتي مواد جو اڀياس ڪيو ويندو آهي، ئي ان کي سائنس ٿو بڻائي.

آرڪيالاجيءَ ۽ تاريخ ۾ ڇا فرق آهي؟:

چوندا آهن ته تاريخ ئي ته آهي جيڪا آرڪيالاجسٽ کي کوٽائي ۽ سروي ڏانهن مائل ٿي ڪري. آرڪيالاجي هجي يا تاريخ ٻنهي جو تعلق انسان جي ماضيءَ سان آهي. تاريخ جو بنياد لکڻين تي آهي ۽ آرڪيالاجي جو دارومدار ثقافتي مواد تي آهي. ايئن چوڻ ۾ ڪو هرج ناهي ته آرڪيالاجي ۽ تاريخ هڪ ٻئي جي جاءِ تي ڪم ڪندا آهن. آرڪيالاجسٽ جي لاءِ تاريخ مددگارauxiliary  آهي ۽ ساڳئي طرح تاريخ ۾ آرڪيالاجي کي مددگار سائنسauxiliary science  سمجهيو ويندو آهي. جڏهن ته ٻنهي جي طريقن ۾ گهڻو فرق آهي ۽ علمي لحاظ کان اهو فرق ئي انهن کي هڪٻئي کان الڳ ٿو ڪري.

آرڪيالاجسٽ (Archaeologist):

جيڪي ماڻهو گذريل دور جي شين جو خاص ٻڌايل طريقن جي استعمال سان اڀياس ڪندا آهن انهن کي آرڪيالاجسٽ چئجي ٿو. ماضيءَ جا ڪجھ آثار مٽيءَ جي تهن(layers)  هيٺان لڪيل ته ڪي وري سمنڊ ۽ دريائن ۾ ٻڏيل هوندا آهن. آرڪيالاجسٽ ماڳن مڪانن کي گولهيندا آهن ۽ ماضيءَ جي نشانن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ انهن جاين جي کوٽائي ڪندا آهن، زمين تي ۽ سمنڊ ۾ ۽ پوءِ انهن نشانن (ثقافتي مواد) جي مدد سان پراڻي وقت جي موسم، ماحول ۽ قديم زماني ۾ انسان جي زندگي، رهڻي ڪهڻي، ثقافت ۽ معاشري بابت ڄاڻ حاصل ڪندا آهن ۽ معنائون پيش ڪندا آهن. انسان زمين تي لکين سالن کان آباد آهي يا رهي ٿو. جيئن جيئن وقت گذرندو ويو ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي به بدلجندي رهي. ماڻهن رهڻ لاءِ گهر ٺاهيا، فصل پوکڻ شروع ڪيو ۽ جانور پالڻ شروع ڪيا، ڳوٺ ٻڌيا ۽ شهر اڏيا ۽ تهذيب(Civilization)  ڏانهن وڌندا رهيا. زمين تي انسان جي زندگيءَ جي تاريخ هڪ اهم ۽ دلچسپ موضوع آهي. مثال  طور: پاڪستان ۾ تاريخ جو دور (Historic Epoch)، جنهن ۾ لکت ملي ٿي، پنجين يا ڇهين صدي ق. م کان شروع ٿئي ٿو جڏهن ته ڪتاب ڪجھ سئو سال اڳ لکجڻ شروع ٿيا. سوال آهي ته اسان کي ڪيئن خبر پوندي ته تاريخ لکت کان اڳ واري دور(Prehistoric Epoch)  ۾ انسان ڪيئن رهندا هئا؟ آرڪيالاجي، ماضيءَ جي نشانن جھڙوڪ: اوزار، ٿانوَ، ماڳ ۽ مڪان، هڏا-پڃرا، بت ۽ سڪا وغيره انهن ذريعي ان بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگھجي ٿي. گهڻو ڪري آرڪيالاجسٽ هزارين سال پراڻي (Ancient) شين جي جاچ ۾ هوندا آهن ۽ انهن جو جائزو وٺندا آهن، پر شين جو هزار سال پراڻو هجڻ ضروري ناهي. هڪ آرڪيالاجسٽ مثال طور: چاليهه سال پراڻي گند جي ڍير، همعسر جاين، مقبرن ۽ بيٺڪن جو به آرڪيالاجي جي طريقن جي مدد سان اڀياس ڪري سگھي ٿو.

آرڪيالاجي جو طريقو (Method of Archaeology):

آرڪيالاجي جي طريقي مان مراد آرڪيالاجسٽ جو سمورو عمل آهي: کوٽائيءَ کان اڳ واري مرحلي کان وٺي کوٽائيءَ جي بعد واري ڪم تائين ان عمل ۾ سروي ۽ کوٽائي کان پهريان تاريخي ۽ ثقافتي ماڳن ۽ مڪانن بابت معلومات گڏ ڪرڻ، سروي ۽ کوٽائي ڪرڻ، ثقافتي مواد ڪٺو ڪري ان جي تقسيم ڪرڻ ۽ ماضيءَ بابت معنائون پيش ڪرڻ اچي وڃن ٿا. ماضيءَ بابت معنائون پيش ڪرڻ ۾ انهن مان تاريخي معلومات گڏ ڪرڻ واري ڪم بابت ڪجھ ماهرن جو خيال آهي ته هي عمل سروي جو حصو آهي. رهي ڳالهه سائنسي تجربن ۽ معائني جي ته اهو ڪم ٻين شعبن، جهڙوڪ: ڪيميسٽري(Chemistry)  ۽ بايولاجي (Biology) جا ماهر ڪندا آهن. آرڪيالاجي ۾ ٻين سائنسن جي مداخلت گھڻي آهي، ايتري قدر جو کوٽائيءَ ۾ به بايولاجسٽ(Biologist)  به شامل هوندا آهن. ڊاڪٽر لوڪا ماريا اوليويري جو چوڻ آهي ته آرڪيالاجي ۾ سڌي يا هموار ايراضي تي پکڙيل ثقافتي اهڃاڻن جي مشاهدي(Horizontal Observation)  (سروي) ۽ اُڀي، کڏ جي صورت ۾، مشاهدي(Vertical Observation)  (کوٽائي) کي هڪٻئي سان ڀيٽ ڪرڻ جي لائق هجڻ گهڻو اهم آهي. وڌيڪ آرڪيالاجي ۾ سروي ۽ کوٽائي جا پنهنجا ۽ سائنسي معائني جا وري پنهنجا طور طريقا آهن ۽ ان کانسواءِ هر ڪم لاءِ مختلف اوزار(tools) استعمال ڪيا ويندا آهن. هرپيت ڪور پنهنجي ڪتاب نالي “آرڪيالاجي: ميٿڊز اينڊ ٽيڪنيڪس” (Archaeology: Methods and Techniques) ۾ آرڪيالاجي جا 390 طور طريقا ڄاڻايا آهن. سندن ڪم تنقيد کان آجو ناهي، پر اها ٻي ڳالهه آهي.

پاڪستان ۾ ڪنهن به قسم جو آرڪيالاجي جو ڪم کوٽائي هجي يا سروي شروع ڪرڻ لاءِ پهريان وفاقي آرڪيالاجي ۽ ميوزيمز ڊپارٽمينٽ (Federal Department of Archaeology and Museums) جي اجازت وٺڻ ضروري آهي (اڄڪلهه اهي اختيار صوبن کي مليل آهن، پر بين الاقوامي ادارن کي وفاقي آرڪيالاجي ۽ ميوزيمز ڊپارٽمينٽ لائسنس(License) جاري ڪندو آهي).

سروي(Survey) :

قديم آثار گھڻو ڪري سروي ۾ منظر عام تي ايندا آهن. ان ۾ علائقن جي تاريخي معلومات جيڪا عوام کان ملندي آهي، وڏي اهميت رکي ٿي. ماهرن جو چوڻ آهي ته سروي ۾ اڪثر ڪجھ شيون رهجي وينديون آهن جن جي پورائي علاقائي معلومات مان ڪري سگھجي ٿي. عام معلومات ايتري ته اهم آهي جو سروي ڪندڙن جو ڌيان خاص علائقن ڏانهن ڇڪيندي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ادارا ڪنهن خاص علائقي يا پٽيءَ جي تاريخي آثارن جي پڪ ۽ نشاندهي ڪرڻ لاءِ سروي ڪندا آهن. ياد رهي ته سروي صرف ادارا ناهن ڪندا يا ڪرائيندا بلڪه يونيورسٽين جا شاگرد ۽ صحافي به ان عمل ۾ ملوث هوندا آهن.

آرڪيالاجيڪل سروي جا مختلف طريقا آهن، جن ۾ وري قسم قسم جا اوزار استعمال ڪيا ويندا آهن. سروي ۾ هوائي ڪئمرا (aerial camera) رموٽ سينسنگ(remote sensing)  ۽ اک ڏٺي تجربي سان ماڳن جي نشاندهي ڪئي ويندي آهي. سروي ۾ استعمال ٿيندڙ اوزارن مان ڪجھ هي آهن: پين ۽ نوٽ بوڪ (diary)، نشيب پيما (compass)، زاويو (theodolite)، تير (ڪاٺيءَ وارا)، زنجير (rope)، دوربين (binocular)، ڪاٺيءَ وارو ڪمپاس (wooden compass)، ڊرائنگ بورڊ (drawing board)، سِليٽ (black board)، ڦيٿ (meter)، اڌ گول (protractor)، ڦٽپٽي (scales/ruler) ۽ ڪئمرا (camera)

سروي جا طريقا:

ڊاڪٽر لوڪا ماريا اوليويري پنهنجي ڪتاب ۾ اِي. موريگي جي سروي جي پنجن طريقن جو ذڪر ڪيو آهي: (1) انٽينسو ٽرانسيڪٽ (Intensive Transects) (2) پاٿوي (Pathway) (3) ڪنٽور (Contour) (4) لوڪل گائيڊنس (Local Guidance) ۽ (5) پراببلسٽڪ(Probabilistic)         اِي. موريگي انهن طريقن کي ملائي سن 2000ع ۾ سوات جو آرڪيلاجيڪل نقشو(map)  ٺاهڻ لاءِ سروي ڪيو. پهرين طريقي ۾ سڌي يا گھٽ لاهيءَ واري جاءِ کي سروي ڪري سگھجي ٿو. هن قسم جو سروي مڪمل ۽ تفصيلي ٿئي ٿو ۽ عمارتن جي نشاندهي ڪرڻ ۾ ڪم جو ناهي. روڊ، رستا، پهاڙي گس، خشڪ دريائي ٻيٽ ۽ دريا جي ڪڙهن جو سروي ڪرڻ جي طريقي کي Pathway سڏجي ٿو. هن طريقي جي مدد سان گھٽ وقت ۾ عمارتن جا اهڃاڻ ڳولهي سگھجن ٿا. جڏهن ته Contour سروي پهاڙي علائقن ۾ ٿي سگھي ٿو. هي طريقو عمارتن جا نشان ڳولهڻ ۾ گهڻو ڪارائتو آهي. آرڪيالاجسٽLocal Guidance  جي مدد سان عوام کان ماڳن مڪانن جي اڳ واري حالت بابت معلومات گڏ ڪندا آهن. آخر ۾ ڏکين علائقن جتي وڃڻ ۾ مشڪل ٿئي ۾ سروي ڪرڻ جي طريقي کي ڊاڪٽر لوڪا Probabilistic لکيو آهي. هن قسم جو سروي تڙ تڪڙ ۾ ڪيو ويندو آهي.

کوٽائي (Excavation):

آرڪيالاجسٽ سروي کانپوءِ خاص ماڳن جي کوٽائي ڪندا آهن. کوٽائي هڪ ڏکيو ۽ هڏ ٽوڙ عمل آهي، ان ۾ مزدور به سندن ساڻ هوندا اٿن. کوٽائي جا وري پنهنجا طريقا آهن. گول ڀٽن يا دڙن کي کوٽڻ جو الڳ طريقو آهي ته وري قبرن کي کوٽڻ جو الڳ. بهرحال طئي ٿيل جاءِ جي کوٽائي کان اڳ ۾ آرڪيالاجسٽ سڄي کوٽائيءَ جو بجيٽ ٺاهيندو آهي ۽ کوٽائي لاءِ اوزار جمع ڪندو آهي. ان کي ٻين لفظن ۾ کوٽائيءَ جي تياري کڻي چئجي. اهو سڀ ڪم ڪرڻ کانپوءِ کوٽائي جي شروعات گرڊ (Grid) ٺاهڻ سان شروع ڪئي ويندي آهي. کوٽائي ۾ استعمال ٿيندڙ اوزارن ۾ ڪجھ هي به آهن: بيلچو، ڪوڏر، ٽيڪم، ڪهاڙي، تيشو، ڪرني، کرپي، برش، چمچا، ٽن ٽائرن واري ريڙهي، تختا، بالٽي، ٽوڪري، تغاري ۽ رسي. آرڪيالاجي جي کوٽائي ۽ عام کوٽائي ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي. آرڪيالاجسٽ آهستي آهستي هڪ هڪ ڪري زمين جا تهه ڇليندا آهن ته جيئن زمين ۾ دٻيل هر شيءِ جو سٺي طريقي سان ڌيان ڏئي نوادرات ۽ ان جاءِ جي ماضيءَ بابت معلومات گڏ ڪري سگھجي. زمين جي تهن کي هڪ هڪ ڪري کوٽڻ کي آرڪيالاجي جي زبان ۾ سسٽميٽڪ ايڪسڪيويشن(Systematic Excavation)  چيو ويندو آهي.

کوٽائي جا طريقا:

آرڪيالاجيءَ ۾ کوٽائي جا ڪيترا ئي طريقا آهن. کوٽائي ڪنهن به جاءِ جي جاگرافي ۽ اوسي پاسي جي صورتحال، ماڳ جي حالت ۽ آثارن جي بناوٽ جي مطابق ئي ڪئي ويندي آهي. مثال طور: جابلو علائقن ۾ واقع ماڳن جي کوٽائي ۽ ريگستاني ۽ ميداني علائقن تي کوٽائيءَ ۾ فرق آهي. ساڳئي طرح مندر ۽ قبر جي کوٽائي به الڳ الڳ طرح سان ڪئي ويندي آهي. آرڪيالاجيڪل کوٽائي جا ٻه قسم آهن: (1) کلي پيماني تي کوٽائي(Horizontal Excavation)  ۽ (2) جهڪي کوٽائي(Vertical Excavation) پهرين قسم جي کوٽائي ماڳ (زمين) جي وڏي حصي تي ڪئي ويندي آهي، ان ۾ ڪابه حدبندي نه هوندي آهي مطلب ته کوٽائي ڪنهن به پاسي ڏي وڌي سگهندي آهي. جڏهن ته ٻئي قسم واري کوٽائي ۾ جھڪي کڏ هنئي ويندي آهي ته جيئن ماڳ جي تاريخي پسمنظر يا قدامت کي سمجھي سگھجي ۽ مختلف ماضيءَ جي مختلف دورن کي ظاهر ڪري سگھجي. پاڪستان ۾ سر مورٽيمر ويلر مختلف ماڳن جهڙوڪ: سرڪپ (ٽيڪسلا)، موهين جو دڙو (لاڙڪاڻو)، هڙپا (ساهيوال) ۽ پُشڪلاوتي (چار سده) تي جهڪي کوٽائي ڪئي هئي. پروفيسر لوڪا جو چوڻ آهي ته جهڪي کڏ هڻڻ سان ماڳ کي سمجھڻ ممڪن نه آهي. ڇو ته کڏ هڪ ننڍڙي حصي تي کوٽي ويندي آهي، جهڪي کوٽائي صرف ماڳ جي قدامت ظاهر ڪرڻ ۾ ڪارائتي آهي. سندن چوڻ آهي فقط وڏي پيماني تي کوٽائي ۾ ئي ڪنهن به ماڳ بابت سٺي ڄاڻ حاصل ڪري سگھجي ٿي.

کوٽائي کانپوءِ وارو عمل:

کوٽائي مان ڍير مٽي نڪرندي آهي ۽ ڪي نوادرارت به ملندا آهن. آرڪيالاجسٽ ان جو ڇا ڪندا آهن؟ هڪ ته کوٽائي مان جيڪا مٽي نڪرندي آهي ان کي اتي ئي ويجھو جمع ڪيو ويندو آهي يا وري ڳولهي لڌل آثارن جهڙوڪ: ڀتين جي مرمت لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ باقي رهي ڳالهه نوادرات جي ته آرڪيالاجسٽ انهن کي وڌيڪ لکپڙهه، معائني، مرمت(Conservation)  ۽ ميوزيم(Museum)  ۾ نمائش لاءِ پاڻ سان گڏ ڪيمپ(Camp)  کڻي ويندا آهن. ٻيو، گڏ ڪيل سيمپل(Sample)  ليبارٽري ٽيسٽ(Laboratory Test)  لاءِ موڪليا ويندا آهن. ليبارٽري ۾ مختلف طريقن جي مدد سان مواد جي قدامت جو پتو لڳايو ويندو آهي. جهڙوڪ: ڊينڊرو ڪورونالاجي (Dendrochronology)، ٿرمو لومينيسينس (Thermo luminescence) ۽ ريڊيو ڪاربن ڊيٽنگ (Radiocarbon Dating) سائنسدان سيمپل جو معائنو ڪري آرڪيالاجسٽ کي نتيجا پيش ڪندا آهن. سائنسي نتيجن ۽ ڊيٽنگ(Dating)  جي ٻئي طريقي جي مدد سان نوادرات ۽ آثارن جي عمر جو اندازو لڳايو ويندو آهي. عام طور تي مڃيو وڃي ٿو ته آرڪيالاجي جو آخري طريقو نوادرات جي تقسيم، ان مان مراد نوادرات کي عمر، خاصيتن، مواد ۽ هڪجھڙاين جي بنياد تي الڳ ڪرڻ آهي ۽ نمائش ڪرڻ آهي.

سروي يا کوٽائي جي ڊائري لکڻ ڇو ضروري آهي؟:

گيان(fieldwork)  دوران هڪ آرڪيالاجسٽ جسماني ڪم سان گڏ شين جي پاڻ ۾ تعلق ۽ کوٽائي جي سڄي عمل تي سوچ ويچار به ڪري رهيو هوندو آهي. دنيا جي مشهور فيلڊ آرڪيالاجسٽ ۽ منهنجي استاد ڊاڪٽر لوڪا ماريا اوليويري سوات ۾ کوٽائي دوران مون کي چيو هو ته “آرڪيالاجسٽ کي هر شيءِ تي ڌيان ڏيڻو پوندو آهي ۽ جي توهان اهو نٿا ڪيو ته توهان ڪڏهن به آرڪيالاجسٽ نٿا ٿي سگھو. “آرڪيالاجسٽ ڪم دوران جيڪو ڪجھ به سمجھي، ڏسي ۽ تصور ڪري ٿو پنهنجي ڊائري ۾ نوٽ ڪندو رهندو آهي. کوٽائي يا سروي ۾ شيون تبديل ٿينديون رهنديون آهن، ان ڪري پنهنجن مشاهدن کي لفظن جي صورت ۾ نوٽ ڪرڻ بيحد ضروري هوندو آهي. فيلڊ ورڪ ختم ٿيڻ کانپوءِ آرڪيالاجسٽ جن شين جي مدد سان رپورٽ ٺاهيندا آهن انهن ۾ ان جي يادگيري، هٿ آيل ثقافتي مواد ۽ لکيل ڊائري شامل آهي. گھٽ لفظن ۾ چئبو ته فيلڊ ورڪ دوران ڊائري لکڻ تمام ضروري آهي.

پاڪستان ۾ آرڪيالاجي بابت ايترن اخبارن ۽ رسالن جي هوندي به عام ماڻهن لاءِ گھٽ لکيو ويو يا ويندو آهي. جڏهن ته کوٽائي جو حال احوال لکڻ جو ته رواج ئي ڪونهي. ڪوبه سائنسدان سائنس کي عام ماڻهن کان پري رکي ان کي مشهور نٿو ڪري سگھي. هن وقت پاڪستان ۾ هلندڙ قديم ماڳن جي کوٽائي بابت آرڪيالاجسٽن ۽ پاڪستاني شاگرد جيڪي کوٽائي ۾ حصو وٺن ٿا انهن کي اخبارن ۽ رسالن ۾ لکڻ گھرجي ته جيئن ماڻهڻ کي نئين کوجنا جي خبر پوي ۽ آرڪيالاجي کي عام ڪري سگھجي.

Consultant (Cultural Historian)

National Institute of Folk and Traditional Heritage (LokVirsa)

09 July 2021, Islamabad