تخليقي ادب، خاص ڪري، آتم ڪٿا لکڻ نه صرف ھڪ مھا اوکو پر تمام جوکي وارو ڪم آھي. اوکو انڪري ٿو چوان ته لکڻ وارو ھمراھه ڪڙي امتحان ۾ پئجي ويندو آھي ته زندگي جا ڪھڙا ۽ ڪيترا سچ لکي يا لڪائي يا اڌ ڪوڙ، اڌ سچ لکي جڳاڙ ڪري ڪم ھلائي، پر پڙھندڙ پاڻ نفسيات جا ماھر آھن ۽ انھن جي تنقيدي اک ھر چيز کي سمجھي ويندي آھي. جوکو انڪري چيم جو وڌندڙ عمر ۾ ويساري جي مرض وڌي وڃڻ ۽ زماني جي مسئلن جي ڪري دماغ جي غير حاضر رھڻ جي ڪري ڪجهھ ڪوڙين ڳالھين کي سچ ثابت ڪرڻ جي چڪر ۾، لکاڙي اڻڄاڻائي ۾ اھڙا ڪوڙ ڳالھائي ويندو آھي جو بعد ۾ کيس پشيمان ٿيڻو پوندو آھي. انگريزي ادب جي شاھڪار ڏاھي ۽ منھنجي استاد فرانس بيڪن پنھنجي ھڪ شاھڪار مضمون “Of Studies” ۾ سمجھائي ٿو ته زندگي ۾ لکڻ (مطلب اھم واقعن بابت ڊائري لکڻ يا لکڻ جي مشق ڪرڻ ) تمام ضروري آھي ۽ جيڪي ماڻھو ائين نه ٿا ڪن ته پوءِ ضروري آھي ته انھن جو حافظو ( زندگي جي واقعن بابت ) تمام مظبوط ھجي.
آتم ڪٿا ڪير ۽ ڇو لکندو آھي پڻ ھڪ وڏو بحث آھي، پر جيئن ته ادب جي ٻين شڪلين وانگر، آٿم ڪٿا به ڪنھن جي ميراث ناھي. تنھنڪري مون سميت ان تي طبع آزمائي ڪرڻ ھر ماڻھو جو حق آھي ۽ آئون ته چوندو آھيان ھر عام و خاص کي لکڻ گھرجي. بشرطيڪه ڪير سچي يا سچي لڳندڙ (ڀلي افسانوي انداز اپنائڻو پوي)، آزاد، وڻندڙ ڪھاڻي لکي سگھي ته.
عام طور تي ڏٺو ويو آھي وڏا ماڻھو، بادشاهه، جنرل، وزير ۽ دنيا ۾ مختلف شعبن ۾ پاڻ ملھائڻ وارا اھم ماڻھو پنھنجون يادگيريون لکي پنھنجي قومي ذميواري پوري ڪندا آھن ته جيئن ھو پنھنجي زندگي ۾ ڪيل ڪارنامن جي باري ۾ ٻڌائي تاريخ سڌي ڪندا وڃن. آتم ڪٿائون لکبيون رھيون آھن ۽ لکبيون رھبيون. اڄ ڪلھه آتم ڪٿا جي لکجڻ جولاڙو پوري دنيا ۾ تمام گھڻو وڌي ويو آھي ۽ ان سلسلي ۾ سنڌي ادب به دنيا جي ڪنھن ٻي ادب کان پوئتي ناھي.
گذريل ڪجھه سالن ۾ سنڌي اديب ۽ ٻين شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻھن پنھنجون جيون ڪھاڻيون مڪمل ڪري ڇپرائي چڪا آھن. سنڌي ادب ۾ جن ماڻھن مشھور آتم ڪٿائون لکيون آھن، انھن ۾ ھينئر تائين ڪريم بخش نظاماڻي، علامه دائودپوٽو ، شيخ اياز، لڇمڻ ڪومل ۽ موھن ڪلپنا شامل آھن. انھن عالمن کانسوا ڪامورن پڻ آتم ڪٿائون لکيون آھن جن ۾ اڳوڻو وفاقي سيڪريٽري محمد جمن ڄامڙو ۽ مظھرالحق صديقي پڻ شامل آھي.
ڏٺو ويو آھي ته گھڻا ماڻھو زندگي جي آخري حصي ۾ اچي آتم ڪٿائون لکندا آھن. عظيم ۽ سنجيده ماڻھو پنھنجي مضبوط حافظي يا ڊائري لکڻ جي عادت ھجڻ جي ڪري اھڙيون حقيقتون لکي پيش ڪندا آھن جو انھن کان ڪير به انڪار ڪري نه سگھندو آھي. آئون اھڙين لکڻين ۾ نيلسن منڊيلا جي آتم ڪٿا کي دنيا جي بھترين آتم ڪھاڻين ۾ رکندو آھيان.
منڊيلا پنھنجي آتم ڪٿا سھڻي سليمي ٻولي ۾ لکي ھڪ مثال قائم ڪيو آھي. ڪتاب لکندي منڊيلا اسان وارن سنڌي ڏاھن وانگر ارسطو ٿيڻ جي ذرو به ڪوشش نه ڪئي آھي. ڪتاب پڙھجي ٿو ته ھڪ عام ماڻھو جي ڪھاڻي لڳي ٿي، پر پڙھي پورو ڪرڻ کانپوءِ ڪتاب پڙھندڙن جي دماغ مان ٺڪاءَ ڪڍي ٿو ڇڏي!
ان کان علاوه ھندستان جي خوشونت سنگهه ۽ اروڌنتي رائي پڻ پنھنجون جنم ڪھاڻيون لکيون آھي جن پوري دنيا جي پڙھندڙن کي پنھنجي سحر ۾ جڪڙي ڇڏيو آھي. اردو ادب ۾ قدرت الله شھاب جو شھاب نامه پڻ ھڪ بھترين آتم ڪٿا آھي، پر اھا ڪي قدر افسانوي آھي، پر غالب وانگر ھڪ ’انداز بيان‘ ته آھي. ماڻھو اھڙو سچ ئي نه لکي جيڪو ڪوڙ لڳي. يا آتم ڪٿا لکڻي ئي آھي ته قدرت الله شھاب اھڙي افسانوي لکي جيڪا سچ لڳي.
بد قسمتي سان اسان وٽ سنڌي ادب ۾ آتم ڪٿا جو فن گھڻو، تمام گھڻو پوئتي آھي. اسان صرف نالي ماتر ڪتاب ڇپرائڻ جي چڪر ۾ ڪتابن جي معيار کي وساري غير معياري ڪتاب لکي رھيا آھيون، جيڪي پڙھندڙن جي دلين کي خراب ڪري رھيا آھن..
ڪجھه ڏينھن اڳ مون جناب بدر ابڙو صاحب جي آتم ڪٿا ’جوڳي ٿي جيئاس‘ پڙھي پريشان ٿي ويس ته آخر سائين جن آتم ڪٿا جي ذريعي ڇا ٿو ٻڌائڻ ۽ سمجھائڻ چاھي جو ايڏي طويل ۽ خشڪ آتم ڪٿا لکي آھي جيڪا ٿورين مثبت تبديلين سان ھڪ بھتر آتم ڪٿا ٿي پئي سگھي، پر ڪتاب جي خوبين، خامين تي لکڻ کان اول، آئون چاھيان ٿو ته آئون اوھان کي ڪتاب جو سرسري احوال ڏيان:
’جوڳي ٿي جيئاس‘ ۾ بدر ابڙو صاحب ٻڌائي ٿو ته ھُن مشھور اديب ۽ ڪاموري جمال ابڙو جي گھر 1953 ۾ اک کولي. پنھنجي والد صاحب جي نوڪري جي ڪري فيملي سميت بدر صاحب کي شڪارپور، ٽنڊو الله يار، حيدرآباد، سجاول ۽ آخر ۾ ڪراچي ۾ تعليم حاصل ڪرڻي پئي جتي ھن فائين آرٽس جي تعليم ورتي. جواني ۾ ھن جي سنگت ان وقت جي مارڪسوادي ڪامريڊ لڏي سان ٿي. جنھنجي ڪري 1978 ۾ رشيا ۽ ڪيوبا جو دورا ڪيا. ڪيوبا ۾ ھن جي ملاقات ديبورا نالي ھڪ ڇوڪري سان ٿي جنھن کي بدر صاحب شايد دل ڏئي ويٺو، پر ڪتاب ۾ کلي ظاھر نه ڪيو اٿائين. ڪيوبا کان واپسي تي ڪراچي ۾ سنڌي ادبي سنگت ۽ مارڪسوادي دوستن سان متحرڪ ٿي ويو. ان دور جو مشھور ڪامريڊ نذير عباسي پڻ سندس دوست ھو، جنھن کي 1980 ۾ شھيد ڪيو ويو. ان ئي عرصي دوران بدر صاحب Export جو ڪم به ڪيو. انھي سال سندس مڱڻي به ٿي ته پوليس ھٿان گرفتاري به ٿي جنھن جي ڪري کيس چار سال جيل ۾ گذارڻو پيو. جيل کان نڪرڻ کانپوءِ ھن اخبار جي نوڪري شروع ڪئي ۽ پنھنجي سئوٽ ڀاڳڀري سان شادي ڪئي جنھن مان کيس ٻه نياڻيون ٿيون. زندگي جو سلسلو ھلندو رھيو ۽ سندس گھر واري بي وفائي ڪري آمريڪا ھلي وئي، جنھن بعد ۾ جعلسازي ڪري ٻئي ڇوڪريون آمريڪا پڻ گھرائي ورتيون، جيڪي ھاڻي شڪاگو ۾ رھن ٿيون. پريشاني جي عالم ۽ ذاتي مسئلن جي ڪري ھن کي ڏکيا ڏينھن ڏسڻا پيا، پر ھن ھمت نه ھاري. ڪڏھن ھِن اخبار ڪڏھن ھِن رسالي ۾ ڪم ڪيو. اھڙي طرح ھن ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جي مختلف اخبارن ۾ ڪم ڪيو، ان دوران ھن مضمون، ڪھاڻيون ۽ مختلف ڪتاب لکيا جنھن ۾ جيل ڊائري، سنڌو جو سفر پڻ شامل آھي. لکڻ کان علاوه بدر صاحب مختلف تفريحي ۽ تاريخي ماڳن تي تحقيقي ڪتاب لکيا، جنھن ۾ ڪتي جي قبر، رني ڪوٽ، ٿر جا مختلف مندر ۽ جايون، موکي ۽ متارن جو ماڳ، ھنگلاج، شاھه نوراني ۽ ٻيون جايون شامل آھن. زندگي کي روان ڪرڻ لاءِ بدر صاحب ٻي شادي پنھنجي ڪزن رخسانه سان ڪئي جيڪا ھڪ پرائمري استاد ھئي ۽ ان مان کيس ٻه پٽ سچل ۽ لطيف پيدا ٿيا. بدر صاحب جو لطيف سرڪار سان به گھڻو لڳاءَ رھيو. ابڙي صاحب پنھنجي دوستن تي به ڪافي لکيو آھي جنھن ۾ ٻلهڙيجي جي پيرزادن وارو مرحوم انور پيرزادو پڻ شامل آھي. ھر فن موليٰ رھڻ وارو بدر ابڙو ، سنڌ جي مڇين تي نه صرف تحقيق ڪري ڪتاب لکيو، پر مڇي جو ڪاروبار پڻ ڪيو جنھن ۾ کيس مالي نقصان پيو. بدر صاحب زندگي ۾ عھد ڪري ڇڏيو ھو ته سرڪاري نوڪري ناھي ڪرڻي. تنھنڪري پاڻ مختلف وقتن تي مختلف ڪم ڪندو رھيو، جنھن ۾ سنڌي آڪسفوڊ ڊڪشنري جو ڪم پڻ شامل آھي. بدر صاحب اڄ ڪلھه ٿر ۾ مختلف پراجيڪٽن تي ڪم ڪري رھيو آھي ۽ ڪراچي ۾ رھي ٿو !
آئون ھن ڪتاب لاءِ ايترو ضرور لکندس ته جھڙي بدر صاحب جي ٻولي آھي، جيترو ڪمال سان لکيو اٿائين، اگر آتم ڪٿا کي مثبت طريقي سان حقيقي ڪري لکي ھا ته شايد ھينئر تائين لکيل سڀني سنڌي آتم ڪٿائن کان گھڻي قدر بھتر ھجي ھا. ھن آتم ڪٿا ۾ ناول ۽ شاعري واريون ٻئي خوبيون آھن. منظر ڪشي اھڙي ته بھتر آھي جو ڪيڏي مھل ماڻھو ائين ٿو محسوس ڪري ڄڻ ڪو ناول پڙھي رھيو آھي. اھڙي طرح شاعري وانگر ڪافي وڻندڙ تشبيھون ۽ استعارا پڻ آھن جيڪي ٻولي جي سونھن ۽ خوبصورتي وڌائي ٿا ڇڏين.
ڪتاب پڙھڻ منجھان اھو پڻ محسوس ٿئي ٿو ته بدر صاحب زندگي ۾ ڪافي جدوجھد ڪئي آھي، پر ھن آتم ڪٿا ۾ به ساڳيو ئي مسئلو آھي جيڪو ٻين سنڌي آتم ڪٿائن ۾ آھي. مطلب ھن آتم ڪٿا جو به نه ڪو منھن نه ڪو سر آھي. ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ ماڻھو ڪو خط پڙھي رھيو ھجي. ڪا ڳالھه ڪٿي، ڪو قصو ڪٿي، ھي ھڪ ٽڙيل پکڙيل ڪھاڻي آھي.
ھن ڪتاب جو ٻيو مسئلو اھو آھي ته سائين. سچ ڳالھائڻ به چاھي ٿو، پر ان کي راز ۾ به رکڻ چاھي ٿو. بلڪل ائين جيئن ماڻھو جا زبان تي لفظ اچن وري کائي وڃي. ان مسئلي جي ڪري لکندي لکندي بدر صاحب ڀٽڪي ٿو وڃي ۽ ڪاوڙ يا اڻڄاڻائي ۾ اچي يارن دوستن جي گلا ٿو ڪري جيڪا ھڪ سٺي ڳالھه ناھي. مطلب پنھنجي سڀ کان پراڻي يار انور پيرزادي لاءِ به ڪنھن جڳھه شڪ ڏيکاريو آھي، جنھن مان محسوس ٿو ٿئي ته شايد پيرزادو به ساڻس سچو نه ھو! ھر ماڻھو کي گھٽ ۽ بدڪردار، نااھل يا ڪوڙو سمجھندڙ ماڻھو خود اھڙن مسئلن ۽ وھمن جو شڪار ھوندو آھي.
بدر صاحب پاڻ کي علادين سمجھي ٿو جنھن وٽ دنيا جو ھر علم ۽ قابليت آھي ۽ ھو لسانيات، مڇين، اخبار نويسي، واپار، آرڪيالاجي، سير سفر، تاريخ، ادب، مطلب علادين وانگر ھر چيز جو چراغ رکي ٿو. ائين ٿو محسوس ٿئي ته آڪسفورڊ جي ڊڪشنري تي ڪم ڪرڻ دوران بدر صاحب سائين قلندر شاھه کان وڌيڪ ماھر ھو ! ھر ماڻھو وانگر خود پسند ته مون وارو دوست باگڙي به آھي، پر بدر صاحب ان کي به ٻه قدم پوئتي ڇڏي ويو جنھن تي وڏي حيرت ٿي!
ھن ڪتاب ۾ ڪافي اڌ سچ ۽ اڌ ڪوڙ آھن جيڪي پڙھندڙ کي بدزن ڪن ٿا. بدر سائين اھو ته لکي ٿو ته ھو ظاھري طور مارڪسوادي پارٽي جو ھمدرد ھو، پر رسمي طور ڪڏھن به ميمبر نه رھيو ھو. مارڪسوادي اھڙي ماڻھو کي رشيا يا ڪيوبا ڇو وٺي ويندا جيڪو انھن جو متحرڪ ميمبر ئي نه ھجي؟ ان تي کُلي لکڻ جي بدران سائين اڌ سچ ڳالھايو آھي ۽ اڌ سچ ڪوڙ جو ڀاءَ ھوندو آھي. بدر صاحب گرفتاري ۽ جيل ۾ پوڻ تي به وڏي محتاط اندارز ۾ لکيو آھي. سڄو سچ لکڻ جي بدران بدر صاحب وڌيڪ تفصيل پڙھڻ لاءِ جيل ڊائري پڙھڻ جي صلاح ڏني آھي. پنھنجي گرفتاري ۽ آزادي تي پنھنجي والد صاحب جي ڪردار تي ھڪ لفظ به نه لکيو آھي. ظاھر آھي دماغ ۾ ھوندس ته پڙھندڙ ان کي سمجھڻ لاءِ لاءِ جيل ڊائري پڙھي پاڻ نتيجا ڪڍندا! حقيقت اھا آھي ته سچ تي پردو ئي ڪوڙو ماڻھو وجھندو آھي. ممڪن آھي ته سائين ڪنھن خوف ۾ مبتلا ھجي، پر پوءِ ته آتم ڪٿا ئي نه لکي ھا يا اڌ سچ لکڻ جي بدران ڪو افسانوي طريقو اختيار ڪري ھا. دراصل سائين جو اڌ سچ لکڻ سائين جي سڄي محنت تي چِٽي ڪوڙ جو پاڻي ھاري ٿو ڇڏي!
ڪوڙ يا اڌ سچ انڪري ٿو چوان ته ذڪر ڪيل ڪافي ماڻھن کي آئون ذاتي طور سڃاڻندو آھيان ۽ سڌي يا اڻ سڌي طرح ڪافي حقيقتن کان سونھو آھيان، پر آئون وڌيڪ تفصيل ۾ وڃڻ جي بدران صرف ھڪ ڪوڙ جو ذڪر ڪرڻ مناسب ٿو سمجھان. بدر سائين ڪنھن جاءِ تي لکي ٿو ته ’ڪراچي ۾ سامونڊي طوفان آيو. اسان گھر ۾ پريشان ھياسين .. سڄي رات جاڳي گذاري. ٽي وي تي ھر ھر خبر پئي آئي ته طوفان فلاڻي جاءِ تي پھتو آھي، ھيتري ٽائيم ۾ ڪراچي پھچندو… اھڙيون خبرون تھجد جي ٽائيم ۽ رات دير تائين ڏٺيون. اھو 1985 جو ذڪر آھي ‘ جڏھن ته حقيقت اھا آھي ته ان زماني ۾ نه ڊش ھئي، نه ٽي.وي سڄي رات ھلندي ھئي. پي ٽي وي ٽي بجي منجھند جو ھلندي ھئي ۽ شايد رات جو يارھين ٻارھين بجي بند ٿي ويندي ھئي… سو اھو سمجھه نه آيو ته سائين الائي ڪھڙي چينل تي پئي خبرون ڏٺيون.
چوڻ جو مقصد اھو ته ھي ادب آھي. آتم ڪٿا ڪو افسانوي ادب ناھي. ڪو گيت، غزل يا ناول جنھن ۾ تخيل جا گھوڙا ڀڄائجن. پر ليکڪ تي مدار ٿو رکي ته ھو حقيقتون ڪيئن ٿو پيش ڪري. لکڻ جا کوڙ سارا طريقا آھن. اھڙو اڌ سچ لکڻ جيڪو ڪوڙ لڳي کان بھتر آھي ته ماڻھو مڪمل سچ اھڙي افسانوي انداز ۾ لکي وڃي جيئن چوندا آھن ته ’نانگ به مري ۽ لٺ به بچي پوي‘. بدرصاحب جي ڳالھه پيش ڪرڻ جو انداز اھڙو آھي جنھن سان نانگ ته نه ٿو مري پرلٺ به ڀڄي ٿي پوي.
آخر ۾ آئون اھو ئي عرض رکندس ته اگر ھي ڪتاب حقيقت تي مبني ۽ مثبت طرز تي لکيل ھجي ھا ته ھڪ بھترين ڪتاب ٿي پئي سگھيو. گلا غيبت يا اڌ سچ، اڌ ڪوڙ وارا ٻه ٽي سو پنا ڪڍي ۽ سڌي سليمي آتم ڪھاڻي لکجي، جيڪا تاريخي سلسليواري سان ھجي، ته سنڌي آتم ڪٿا جي صنف ۾ ھڪ بھترين ڪتاب جو اضافو ٿي سگھي ٿو. منھنجي ته سائين کي صلاح آھي ته ٻيھر لکن ته بھتر آھي. اھو آئون ڇو ٿو چوان ؟
ڇو ته ھي ڪتاب ايترو ته سنجيدگي سان لکيل آھي جو ھن ۾ نه ڪا رس آھي نه چس. ٻيو بناوٽي ڪل عقلي، وھم پرستي، گلا، اڌ سچ . اڌ ڪوڙ واريون ڳالھيون نه صرف بور ٿيون ڪن، پر پڙھندڙ کي ڪاوڙ ٿيون ڏيارين. بدر صاحب ڀلا ڪو نيسلن منڊيلا، نھرو، ڀٽو يا نيپولين ته ناھي جو ماڻھو اھڙي تاريخي شخص ۾ دلچسپي وٺي پڙھندا ۽ پنھنجن علمي تذڪرن ۾ ان جو حوالو ڏيندا؟ باگڙي جھڙن ۽ بدران صاحب جھڙن ماڻھن جون آتم ڪھاڻيون ماڻھو صرف انڪري پڙھندا ته اھي سنڌي آھن ۽ سنڌي ماڻھو پنھنجي ادبي دلچسپي ۽ واندڪائي ڪارڻ انھن جي زندگي تي لکيل ڪتاب پڙھي رس چس وٺندا جيڪو ادب جو اصلي مقصد آھي.
باقي نه بدر صاحب نه باگڙي ڪو مغل بادشاھه بابر وانگر ابراھيم لوڌي کي پاڻي پت جي پھرئين جنگ ۾ شڪست ڏئي چت ڪري ھندستان تي بادشاھي قائم نه ڪئي ھئي جو ماڻھو انھن جي زندگي ۾ دلچسپي وٺي انھن جون آتم ڪٿائون نه صرف پڙھندا پر يارن دوستن کي به پڙھڻ جو مشورو ڏيندا!
آئون سمجھان ٿو ته منھنجو لکيل ھي تجزيو ٿورو سخت ھوندو، پر جيڪڏھن اسان صرف واھه واھه ڪندا سين ته پوءِ اسانکي اڳتي به اھڙا ئي ڪتاب پڙھڻ لاءِ ملندا.. پوءِ لکڻ يا پڙھڻ جو ڪو خاص فائدو ناھي. ادب ترقي نه ڪندو. اسان اڳ ئي پوئتي پيل آھيون. ۽ وڌيڪ پوئتي ٿي وينداسين.