آرٽيفيشل انٽيليجنس AI تيزيءَ سان دنيا کي تبديل ڪري رهي آهي
جيئن ته 21 صدي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي صدي سڏي وڃي ٿي، ائين آهي به، جو هن صديءَ ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس يا مصنوعي ذهانت سڄي دنيا جي نظام کي بدلائي رهي آهي، پوءِ اهو صحت جو شعبو هجي يا تعليم جو يا زندگي جو هر شعبو، آرٽيفيشل انٽيليجنس تيزي سان انهن شعبن کي تبديل ڪري رهي آهي. مصنوعي ذهانت کي بيان ڪجي ته اهي ٻه لفظ جن جو جادو هينئر به انساني ترقيءَ ۾ ظاهر آهي ۽ ويجهي مستقبل ۾ انهيءَ جو اثر اسان کي باني مائڪروسافٽ بل گيٽس ٻڌائي ڇڏيو آهي. مصنوعي ذهانت ٻن لفظن جو مجموعو آهي. مصنوعي جي معنيٰ انسان جي هٿان ٺاهيل، نقل ڪيل ۽ تخليق ڪيل شيون. ذهانت جو مطلب سوچڻ، سمجهڻ، تجزيو ڪرڻ، حالات جي مطابق فيصلو ۽ رد عمل ڏيڻ. مصنوعي ذهانت ڪمپيوٽر مشين يا سافٽ ويئر جي اندر اهڙيون صلاحيتون پيدا ڪيون آهن، جو خود انسانن جيان سوچي ۽ عمل ڪري سگهي. انهن ٻن لفظن يعني آرٽيفيشل انٽيليجنس دنيا ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کي يڪسر تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اسان ۽ اسانجو سيارو يعني ماڻهو ۽ زمين مختلف ارتقائي مرحلن ۽ انقلابن مان گذري هاڻي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان مان لنگهي رهيا آهيون. جنهن جو ثبوت مصنوعي ذهانت جو تيزي سان زندگي جي هر ميدان ۾ داخل ٿيڻ آهي ۽ انهيءَ کي اڳڀرو وٺي وڃڻ آهي. ٿورو ئي وقت ٿيو آهي جو اسان ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ، موبائل جي تبديل ٿيل دنيا ۾ جي رهيا آهيون. انهن سڀني جي ميلاپ مان مصنوعي ذهانت جنم ورتو آهي، جيڪا تعليم ۽ صحت کان وٺي دفاع جي شعبن تائين پهچي انهن کي بدلائي چڪي آهي. تازوئي مائڪروسافٽ جي باني بل گيٽس جيڪو ڪافي عرصي کان مصنوعي ذهانت (AI) کي گهڻو اهم قرار ڏئي رهيو هو، انهي پيشنگوئي ڪئي آهي ته آرٽيفيشل انٽيليجنس ايندڙ 5 سالن ۾ دنيا ۾ رهندڙ هر فرد جي زندگي کي بدلائي ڇڏيندي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي انهيءَ طاقت کي ته اها دنيا کي بدلائڻ جي طاقت رکي ٿي، هميشه سچ رهي آهي، پر آرٽيفيشل انٽيليجنس جي دنيا تيزي سان دنيا کي تبديل ڪري رهي آهي. بل گيٽس پنهنجي بيان ۾ اهو به چيو آهي ته مصنوعي ذهانت جي ٽيڪنالاجي جو تعليم ۽ صحت جي شعبن کي تبديل ڪرڻ هڪ زبردست واقعو هوندو. انسان جي تاريخ، ارتقاءَ جو عمل ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو ساٿ اسان کي گذريل ٻن صدين ۾ گهڻو اڳيان وٺي آيو آهي، پر هاڻي ڳالهه صدين جي ڪونهي سالن جي آهي. مائيڪروسافٽ جي باني آئنده پنجن سالن ۾ دنيا جي تبديل ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. آرٽيفيشل انٽيليجنس اهڙو علم ۽ عمل آهي جو ڪمپيوٽر ۽ ڪمپيوٽر جي جديد شڪل وارن روبوٽس کي ان قابل بڻائي ٿو ته اهي ماڻهو وانگي ڪم ڪرڻ لڳن، اهو ئي سبب آهي جو سائنس ۾ تيز ترقي ٿي آهي جو مشينن انساني ذهانت جيان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آهي. ايستائين جو ٽيڪنالاجي انهيءَ ڳالهه کي ممڪن بڻايو آهي ته اها اسانجي زندگي ۽ رهڻي ڪهڻي کي يڪسر تبديل ڪري ڇڏي. اها تبديلي اسين محسوس ڪري رهيا آهيون، اها تبديلي اسانجي زندگي ۾ هر روز نئين طريقي سان اچي رهي آهي، پر يڪسر تبديلي جنهن لاءِ پنجن سالن جو وقت ڏنو ويو آهي، انهيءَ جو مطلب آهي ته 2030 تائين دنيا سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي تابع ٿي ويندي، انهيءَ جا فائدا به آهن ۽ نقصان به آهن. وڏو نقصان اهو آهي ته انسان مشين جي تابع ٿي ويندو، پر اهو نقصان انهي فائدي جي سامهون ڪجهه ڪونهي جڏهن 2030 تائين دنيا جي هر فرد کي تعليم ۽ صحت جا هڪجهڙا موقعا حاصل هوندا. اهو هڪ طرح سان خوشي ۽ جشن جو سمان هوندو. بني نوع انسان هيستائين انسان جي حقن جي لاءِ هزارن سالن کان جدوجهد ڪندو رهيو آهي ته هر فرد کي ساڳيا موقعا فراهم ڪيا وڃن. هيستائين دنيا جو ڪو نظام، ڪا به جمهوريت ۽ آمريت ائين نه ڪري سگهي ته سهولت جي هڪجهڙي رسائي هر فرد تائين ٿي سگهي. اها مصنوعي ذهانت (AI) ئي آهي جا 2030 تائين انسان جي انهيءَ خواب کي تعبير ڏيندي ته سهولتن ۽ ڄاڻ، علم ۽ صحت جي حصول کي هر ماڻهوءَ لاءِ ممڪن بڻائيندي. اهو انسان پنهنجي ارتقاءَ جي جدوجهد ۾ ضرور سوچيو هوندو، آرٽيفيشل انٽيليجنس انهيءَ سوچ کي ممڪن بڻائي ڇڏيو آهي جو انسان جو انساني مساوات جو خواب تعبير ٿي رهيو آهي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جا نوان جهان جيڪي تيزي سان تسخير ٿي رهيا آهن. 2030 تائين جڏهن هر ٻار انٽرنيٽ ذريعي پنهنجي ڪمپيوٽر يا موبائل تي تعليم حاصل ڪري سگهندو. هڪ ئي وقت دنيا جي هر هڪ ڪنڊ ۾ ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا هوندا. ڪوبه ٻار انهي سهوليت کان وانجهيل نه هوندو. اهڙي ريت هر مريض جيڪو به دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ هجي انهيءَ کي علاج جي تڪڙي سهولت آرٽيفيشل انٽيليجنس ذريعي ملندي ۽ اهو انهي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ذريعي چڱو ڀلو ٿي ويندو. آرٽيفيشل انٽيليجنس دنيا کي تيزي سان تبديل ڪري رهي آهي، هاڻي اها وقت جي ضرورت آهي ته اسان پنهنجي هيومن ريسورس کي ان شعبي ۾ وڌ ۾ وڌ پيدا ڪيون، نوجوانن جي لاءِ اهڙا ذريعا پيدا ڪريون جو انهيءَ ٽيڪنالاجي جي هنر ذريعي هو مهارت حاصل ڪري ڪنهن به شعبي ۾ پنهنجي گهر مان ويهي دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ويٺل ماڻهوءَ لاءِ ڪم ڪري سگهن ۽ روزگار حاصل ڪري سگهن، نه صرف هو پنهنجي لاءِ پر هو پنهنجي ملڪ لاءِ به ناڻو ڪمائي سگهن، ان لاءِ ضروري آهي ته رياست کي ان ۾ سيڙپ ڪرڻي پوندي، حڪومت کي پاليسيون ٺاهڻيون پوينديون ته جيئن اسان وڌ ۾ وڌ آرٽيفيشل انٽيليجنس جا ماهر پيدا ڪري سگهون، جيڪي پاڪستان ۽ پاڪستان کان ٻاهر وڃي ڪم ڪري سگهن ۽ ملڪ جو نالو پيدا ڪري سگهن.