پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ عيدالاضحيٰ ملهائي پئي وڃي. عيدالاضحيٰ قرباني جي عيد به سڏي وڃي ٿي. عيدالاضحيٰ اسان جي مذهبي تهوارن مان هڪ اهم مذهبي تهوار آهي ۽ سڄي دنيا ۾ مالي حيثيت رکندڙ مسلمان حضرت ابراهيم عليه السلام جي سنت تي عمل ڪندي انهيءَ ڏينهن جانور جي قرباني ڏئي سنت ابراهيمي کي پورو ڪندا آهن ۽ هيءَ عيد ٽن ڏينهن تائين ملهائي ويندي آهي.
اسان جي ملڪ ۾ به وڏي پئماني تي قرباني ڪئي وڃي ٿي. گذريل سال 2024 ۾ ملهايل عيدالاضحيٰ تي وڏي پئماني تي قرباني ڪئي وئي. انهن جانورن جو تعداد 6.8 ملين آهي. پاڪستاني مسلمان به سڄي دنيا جي مسلمانن وانگر عيد جي خوشين کي پنهنجي خاندان ۽ دوستن سان ونڊين ٿا ۽ دين جي راهه ۾ قرباني ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهن ٿا.
هيءَ عيد هڪ اهڙي جذبي جي تحت ملهائي وڃي ٿي، جنهن ۾ مسلمان پنهنجي مال ۽ پنهنجي وقت جي قرباني ڪن ٿا ۽ جنهن جو خالص مقصد پنهنجي مالڪ جي رضا حاصل ڪرڻ هوندو آهي، پر وقت سان گڏوگڏ اسان جي سماج ۾ ڪجهه تبديليون به اچي رهيون آهن، جيڪي ڪجهه خوش آئند ته ڪجهه تنقيد جوڳيون آهن. هڪ ته قرباني کي نمائش طور ڪرڻ جو رجحان به پيدا ٿيو آهي ۽ اهي ماڻهو جيڪي مالي سگهه نٿا رکي سگهن، اهي به سماجي دٻاءُ ۾ اچي قرباني ڪرڻ کي ضروري سمجهن ٿا، جيڪا هڪ پريشان ڪندڙ ڳالهه آهي يا وري پئسي وارا ماڻهو پنهنجا وڏا وڏا ڍور نمائش ڪري غريب ماڻهن کي دٻاءُ جو شڪار ڪن ٿا، جيڪو هن قربانيءَ واري عيد جو مقصد پورو نٿو ڪري.
هن قرباني واري عيد جي پٺيان هڪ پورو فلسفو موجود آهي، جيڪو اسان کي زندگيءَ ۾ آگاهي ۽ شعور عطا ڪري ٿو ته اسان کي پنهنجي زندگي ڪيئن گذارڻ گهرجي ۽ ڪيئن پنهنجي سماجي فرق کي وساري گڏجي جيئڻ گهرجي ۽ پنهنجي مال سان محبت ڪرڻ بجاءِ ان کي سماجي تفريق کي ختم ڪرڻ جي لاءِ الله جي راهه ۾ قربان ڪرڻ گهرجي ۽ غريب کي به جيئڻ جو برابر حق ڏنو وڃي.
قرباني انهن ماڻهن تي فرض آهي جيڪي مالي طور تي مستحڪم حيثيت جا مالڪ آهن، انهن کي قرباني ڪري گوشت جا ٽي حصا ڪري ورهائڻا آهن. اسان کي ان ڳالهه کي هرگز نه وسارڻ گهرجي ته جيڪو حصو اسان جي پاڙيوارن جو يا غريبن جو آهي اهو انهن کي هر حال ۾ پهچائڻو آهي، بلڪه اسان کي پنهنجي حصي مان به جيڪڏهن غريبن يا پاڙيوارن کي ڏيڻو پوي ته ڏيڻ گهرجي ۽ پنهنجي لاءِ صرف ايترو ئي گوشت رکجي جيترو عيد جي ڏينهن جي ضرورت آهي. گوشت ۾ جيئن ته پروٽين موجود هوندو آهي جيڪو انساني جسم جي واڌ ويجهه جي لاءِ تمام گهڻو ضروري هوندو آهي ۽ غريب يا گهٽ مالي حيثيت رکندڙ ماڻهو گوشت گهٽ خريد ڪري کائي سگهندا آهن. ان ڪري اسان کي گهرجي ته قرباني ڪري انهن ماڻهن کي گوشت وڌ کان وڌ ڏيون جن کي ان شيءِ جي ضرورت آهي.
ان کان علاوه ان ڏينهن تي اسان کي قربانيءَ کانپوءِ جيڪي آلائشون بچن ٿيون انهن کي به صحيح طريقي سان ڪنهن ٺڪاڻي تي لڳائڻ لاءِ بندوبست ڪرڻ جي انتهائي ضرورت هوندي آهي، ڇو ته هڪ مسلمان جي حيثيت سان اهو اسان تي فرض آهي ته نه صرف اسين پنهنجن گهرن جي پر پنهنجي گهٽين ۽ شهرن جي ۽ پنهنجي ارد گرد جي صفائي جو خاص خيال رکون. هن وقت سخت گرميءَ جي ڪري جيڪڏهن آلائشن کي اسان هتي هُتي اڇلائي ۽ پنهنجي ارد گرد پکيڙي ڇڏيو ته اها گندگي جراثيمن جي صورت ۾ واپس اسان جي گهرن تائين پهچندي، جنهن سان ڪيتريون ئي بيماريون پکيڙجڻ جو انديشو ٿي سگهي ٿو. ان ۾ ضلعي انتظاميه ۽ تعلقه انتظاميه جو به فرض آهي ته انهن آلائشن کي کڻڻ لاءِ خاڪروبن جون موڪلون ڪينسل ڪن ۽ مسلسل ٽي ڏينهن صفائي جي خاص انتظام جو بندوبست ڪيو وڃي ته جيئن شهرن جون گليون ۽ رستا آلائشن کان جلد کان جلد پاڪ ٿي سگهن. ان سڄي ذميداريءَ کي اسان سڀني کي گڏجي محسوس ڪرڻو آهي ۽ صفائيءَ جو خاص خيال رکي هن ڏينهن جي فرضيت کي پورو ڪرڻو آهي ته جيئن اسان ذميدار مسلمان ۽ ذميدار شهري هجڻ جو فرض نڀائي سگهون.