بلاگنئون

القادر ٽرسٽ، سموڪ اسڪرين…؟

سقراط جو مشھور قول “پنهنجو پاڻ ڄاڻو” مذهب ۽ فلسفي ۾ توازن جو هڪ اهم عنصر سمجهيو وڃي ٿو. سقراط مذهب کي فقط هڪ رسمن ۽ عقيدن جو مجموعو نه، پر هڪ اخلاقي، عقلي ۽ فطري سفر سمجهي ٿو، جنهن ۾ انسان پنهنجي اندر جا سوال ۽ شڪ جو جواب ڳوليندو آهي. ان جي سوچ ۾ انسان کي پنهنجي عملن کي ذاتي اخلاق ۽ عقل سان جواز ڏيڻ گهرجي. جڏهن ته سماج ۽ رائج مذهبي عقيدن کان متاثر ٿي پنهنجي سوچ کي محدود ڪرڻ نه گهرجي.

سقراط جو مذهبي تصور ان وقت جي رائج معبودن کان هٽي ڪري انفراديت ۽ عقليت تي ٻڌل هو. هو اهو يقين رکندو هو ته انسان کي پنهنجي اندر جي سچائي کي ڳولهڻ گهرجي ۽ ان کانپوءِ پنهنجي اعمال ۽ فڪر کي عقلي بنيادن تي درست ڪرڻ گهرجي. سقراط هڪ طرف توحيد جي تصور کي قبول ڪندو هو ۽ ٻين طرف ان جي سوچ ۾ روحاني جوهر جو ڳولهڻ اهميت رکندو هو، جنهن ۾ انسان پنهنجي اندر جي عقلي ۽ اخلاقي حالت کي سمجهي ان جي مطابق عمل ڪري.

انسانيت جي فطري جستجو، روحاني سڪون ۽ دنياوي توازن حاصل ڪرڻ لاءِ مذهب ھميشه کان هڪ مرڪزي ڪردار ادا ڪندو آيو آهي. دنيا جي اربين ماڻهن لاءِ مذهب نه صرف اخلاقي اصولن جو سرچشمو آهي، پر زندگيءَ جي رهنمائيءَ لاءِ هڪ مڪمل نظام پڻ مھيا ڪري ٿو، پر تاريخ جي صفحن تي هڪ ٻيو رخ به اسان جي سامھون اچي ٿو، جيڪو مذهب جو غلط استعمال ڪرڻ آهي. اهو تضاد ان وقت وڌيڪ سنگين ٿي وڃي ٿو، جڏهن طاقتور طبقن مذهب کي هڪ اوزار طور استعمال ڪري پنهنجي مفادن جي تحفظ لاءِ ان جي پاڪيزگيءَ کي ڌنڌلو ڪري ڇڏيو.

مذهب جو بنيادي مقصد انسان جي انفرادي آزاديءَ ۽ سماجي ڀلائيءَ کي يقيني بڻائڻ آهي، پر انساني خواهشن ۽ مفادن جي جنجال ۾ ڦاٿل ماڻهو پنھنجي لالچ کي مذهبي حڪمن جو لباس پھرائي نه صرف پنهنجي عملن کي جائز بڻائين ٿا، پر ٻين جي شعور تي به قبضو ڄمائين ٿا. ننڍپڻ جا اهي تجربا جتي پاڙي جي هڪ شانائتي عمارت جي پيشاني تي “هذا من فضل ربي“ جا لفظ لکيل هئا، پر ان جي اندر ذاتي طاقت ۽ غرور جو مظاهرو لڪل هو، مذهب جي اصلي روح کان انحراف جي نمائندگي ڪن ٿا.

مذهب جي “سموڪ اسڪرين” جو تصور ان وقت وڌيڪ واضح ٿئي ٿو، جڏهن ان جو استعمال فرد جي ذاتي خواهشن کي اخلاقي جواز فراهم ڪرڻ لاءِ ڪيو وڃي. هڪ پوٽَن ۽ پوٽِن واري عورت جيڪا پنهنجي مڙس کان طلاق وٺي ٻيھر شادي ڪرڻ چاهي ٿي ان لاءِ پنھنجي خواهش کي روحاني خوابن جي آڙ ۾ پيش ڪرڻ جو عمل صرف انفرادي نه، پر سماجي منافقت جو عڪس آهي. اهڙي طرح مذهب جو هڪ اوزار طور استعمال فرد ۽ سماج جي وچ ۾ جھڳڙا، ذاتي مفادن ۽ اخلاقي بگاڙ کي جنم ڏئي ٿو، جتي اصل روحانيت جي عڪس کي هڪ پردي ۾ لڪائي دنياوي مقصدن کي جائز بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.

انسان جي شعور تي اثر انداز ٿيڻ جو مذهب جو اهو استعمال صرف انفرادي سطح تائين محدود نه رهيو، پر ان جا اثر سماجي ۽ سياسي ڍانچن تي پڻ پيا. سياست ۽ مذهب جي گڏيل ڳانڍاپي ڪيترن ئي نظرين کي جنم ڏنو. پاڪستان جي آئيني تاريخ ۾ قرارداد مقاصد ۾ ٻاھٺ کان ٽيھٺ جي شقن تائين مذهب جو استعمال هڪ نظرياتي اوزار طور جاري رهيو. ان نظرياتي تضاد جو نتيجو اهو آهي ته عوام مذهب جي اصل روح کان پري ٿي، هڪ اهڙي سماجي ماحول ۾ جڪڙجي وڃي ٿو جتي دوکيبازي ۽ منافقت اخلاقي اصولن تي حاوي ٿي وڃن ٿا.

هڪ طرف قائداعظم جي 11 آگسٽ واري تقرير ۾ مذهب کي فرد جو ذاتي مسئلو قرار ڏنو ويو، پر ٻئي طرف قرارداد مقاصد ۾ اهو رياست جي بنياد بڻجي ويو. اها نظرياتي پريشاني اسان جي سياست ۽ سماج ۾ اڄ تائين موجود آهي. عمران خان جھڙن سياستدانن طرفان مذهبي ٽچ ڏيڻ جو عمل ان تضاد جو تسلسل آهي. القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ خان صاحب جو پنهنجي عملن کي مذهبي تعليم سان ڳنڍڻ جو بيان ان ڳالھ جو عڪس آهي ته ڪيئن مذهبي جذبات کي سياست ۾ طاقت حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ان کان علاوه ان قسم جون دعوائون جيڪي مذهبي تقدس جو حصو بڻجي وڃن ٿيون ڪنھن جي ساک ۽ ڀروسي کي متاثر ڪن ٿيون ۽ سماج ۾ منافقت ۽ اڻ سڌائيءَ کي فروغ ڏين ٿيون.

سوال اڀري ٿو ته مذهب کي اصل جوهر تي واپس ڪيئن آندو وڃي؟ مذهب جو حقيقي مقصد آهي فرد کي ان جي اندروني سچائيءَ سان آشنا ڪرڻ ۽ سماج ۾ اخلاقي اصولن کي فروغ ڏيڻ، پر جڏهن مذهب طاقت ۽ خواهشن جو اوزار بڻجي وڃي ته اهو نه رڳو انفرادي سطح تي منافقت، پر سماجي سطح تي ظلم ۽ نفاق کي هٿي ڏئي ٿو. جڏهن مذهب ڪنهن جي سياسي جدوجهد جو اوزار بڻجي ته ان جو مقصد صرف ماڻهن کي چونڊڻ يا خوش ڪرڻ جو نه پر انھن کي هڪ اخلاق ۽ ايثار جي سوچ ۾ پروان چڙهڻ ۾ مدد ڪرڻ گهرجي.

هن وقت جي تقاضا آهي ته مذهب جي استعمال کي شعوري طور تي جاچيو وڃي ۽ ان کي سياست ۽ طاقت جي زنجيرن مان آزاد ڪيو وڃي. مذهب جي اصل روح جيڪو انسانيت، برابري ۽ انصاف تي ٻڌل آهي، کي نئين سر اجاگر ڪرڻ کانسواءِ نه صرف فرد، پر سماج جي روحاني ۽ اخلاقي ترقي پڻ ممڪن نه آهي. جڏهن ته القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ مذهبي حوالن کي هڪ اوزار طور استعمال ڪرڻ جو تاثر ان ڳالھ کي نمايان ڪري ٿو ته اسان جي سماجي ۽ سياسي ڍانچي ۾ اڃان تائين مذهب کي هڪ طاقتور اوزار طور استعمال ڪرڻ جا رجحان موجود آهن. ان لاءِ ضروري آهي ته مذهب جي سچائي ۽ اخلاقي بنيادن کي اجاگر ڪري ان جي اصل مقصد کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.

مجموعي طور سقراط جو مذهبي نظريو ان وقت جي رواجي عقيدن کان ڌار هو، جتي هو روحاني ترقي ۽ ذاتي شعور کي مذهب کان اهميت ڏيندو هو. سندس نظريو انسان جي اندروني سچائي ۽ اخلاق تي زور ڏيندو هو جيڪو مذهب جي عام طور تي خارجي رسمن کان وڌيڪ اهم آهي.