بلاگ

۽ جڏهن آئون پي ايڇ ڊي ڪري ڳوٺ پهتس… ڊاڪٽر پيار علي جتوئي June 2021

يورپ ۾ پي ايڇ ڊي ڪندي هيترو عرصو گذارڻ کانپوءِ آخرڪار اهو ڏينهن اچي ويو جڏهن واپس پنهنجي ديش ورڻو پيو. ٺونٺ جيڏو ڊگهو خط لکي ٻڌايم ته مان فلاڻي تاريخ تي واپس اچي رهيو آهيان ته سڀ خوشيءَ ۾ ماپن ئي نه پيا. موٽ ۾ يڪدم هڪ خط مليو ته اسان توهان کي وٺڻ ايئرپورٽ تي اينداسين، پر مون کين ايلاز منٿون ڪندي سمجهايو ٻيلي ڏاها ٿيو، هرو ڀرو ايڏي تڪليف نه ڪيو، ايڏا ڪشالا ڪري نه اچو، مان پاڻ ئي ڳوٺ اچي ڪن ڪڍندس. مون کين پوليس جو دڙڪو ڏنو ته جهازن واري اڏي تي پوليس هوندي آهي. پوليس جو ٻڌي مائٽ ايئن ٺري ويا جيئن ڪڪڙ مينهن ۾ ٺري ويندو آهي. ايئرپورٽ تي يورپ جي مڙني سنگتين توڙي سنگتياڻين کان موڪلائي جهاز ۾ چڙهي پيس. دل ۾ گدگد پئي ٿي ته هيتري عرصي کانپوءِ ڳوٺ وڃان پيو، ضرور منهنجي ديس ۾ ترقي ٿي هوندي. يقينن ڳوٺ ۾ نياڻين جو اسڪول تعمير ٿيو هوندو ان کان علاوه اسپتال به جڙي هوندي. هاڻي منهنجي ڳوٺ جون نياڻيون علم جي زيور کان وانجهيل نه رهيون هونديون ۽ نه ئي ڳوٺ جون عورتون ڳوٺ ۾ ويم گهر نه هجڻ ڪري اسپتال نيندي دم ڌڻي حوالي نه ڪنديون هونديون. دل ۾ الائي ڪيترا وهم گمان هئا ته هاڻي پنهنجو ديس ڪافي ترقي ڪري چڪو هوندو. منهنجي ملڪ جا سادا ۽ اٻوجهه ماڻهو ڏاڍا هوشيار ۽ با خبر ٿي چڪا هوندا. اهڙي قسم جا خيالي پلاءُ پچائيندي منهنجي اک لڳي وئي تان جو پاڪستان جي وڏي ايئرپورٽ جناح ايئرپورٽ تي اچي اک کلي. خوشي مان ٽپو ڏئي اٿي پيس. پنهنجي ديس جي ڌرتيءَ جي سڳنڌ ئي ڪجهه اهڙي هوندي آهي جو رهيو نه ٿيو ۽ جهاز مان لهندي ئي جهڪي پنهنجي ديس جي مٽيءَ کي چمي ڏني. ايئرپورٽ تي جڏهن جهنگ جي خيال سان واش روم ۾ گهڙيس ته هتان جا گندا ۽ بدبودار واش روم ڏسي جيءُ جهري پيم. ڇو ته توهان کي ڪنهن قوم کي جاچڻو آهي ته اها ڪيتري تهذيب يافته آهي ته ان قوم جا واش روم ڏسو. جيڪڏهن اها قوم اعليٰ تهذيب يافته هوندي ته يقينن اتان جا واش روم صاف شفاف خوشبودار هوندا جڏهن ته اسان جهڙي بد تهذيب قومن جا واش روم گدلا ڌپ هاڻا هوندا. مان مايوسي جي عالم مان ايئرپورٽ مان ٻاهر نڪتس ته مون کي ڊنب فقيرن جو ورائي ويو جيڪو منهنجا لٽا ڇڪي الله جي نالي تي پئسا ڦرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. مان هل هل ڪري فقير جي ڊرل مان پنهنجي جند ڇڏائي اڳتي وڌيس ته ٽيڪسي ڏسان، پريان هڪ ٽيڪسي بيٺل نظر آئي جنهن جي اندر ڊرائيور زوردار کونگهرا هڻندي نظر آيو. سندس خطرناڪ کونگهرن جي ڪري ڀرسان ستل ڪتا به هر هر ڇرڪي رهيا هئا. هو مون کي ڪو افغاني پٺاڻ لڳي رهيو هو. في الحال ته ڊڄي ويس ته پٺاڻ کان خدا بچائي، پر گهگهه اونداهي ۾ ڪا ٻي گاڏي نظر نه آئي تنهنڪري دل ٻڌي ويجهو ويومانس. مان ڀرسان بيهي ڊرائيور کي رڙ ڪندي سڏ ڪيو، “استاد هو هو” پر مجال آهي جو ڊرائيور ننڊ مان جاڳي. هن جي نڪ مان کونگهرن جا اهڙا ته سرڙاٽ نڪري رهيا هئا جو ايئن لڳي پيو ڄڻ عزرائيل سندس ساهه زوري سوٽي رهيو هجي. آخر مان کيس ڌونڌاڙيندي اٿاريندي چيومانس   استاد ڊرائيور هو هو… منهنجي ڌونڌاڙ تي ڇرڪ ڀري اٿندي چيائين ڇا ٿيو آ؟ ڪشمير آزاد ٿيو آهي ڇا؟ مون شوڪارو ڀريندي چيو، ڪشمير ته آزاد ڪونه ٿيو آهي ۽ تنهنجي پرڪارن مان لڳي ٿو ته ايندڙ سئو سالن تائين به آزاد ڪونه ٿيندو. تنهن تي منهن رکو ڪندي چوڻ لڳو پوءِ ايڏي رڙ ڇو ڪيئي؟ مون چيو ادا ڊرائيور مون کي شڪارپور کڻي هلندين؟ منهنجي سنڌي ٻڌندي چيائين سنڌ جائو گي ڪيا؟ مون کان هانءُ ڦاڙ رڙ نڪري وئي، يڪدم پڇيومانس، ادا ڪراچي سنڌ کان ڌار ٿي وئي آهي يا؟ ڀائي لوگ وارن سنڌين جو اهو هڪڙو شهر به پنهنجي قبضي ڪري ڇڏيو آهي ڇا؟ منهنجي اهڙي سوال تي هو ٿورو شڪي ٿيو، تنهن تي چيائين “سنڌ ڪي حالات بهت خراب هين وهان هم نهين جاتي…” مان کيس ايلاز منٿون ڪندي چيومانس ٻيلي ڏاهو ٿي گوهي نه ڪر مون کي کڻي هل. منهنجي مجبوري ڏسي ٽيڻ تي وڌيڪ ڪرايو ٻڌايائين. مون کان في الحال ته رڙ نڪري وئي ڇو ابا ايڏو گهڻو، ڇا مون کي پنهنجي ڳوٺ ڪابل يا ڪنڌار وٺي هلندين ڇا؟ مون کي بيرخيءَ مان ورندي ڏيندي چيائين “جانا هي تو جائو ورنا مجهي سوني دو؟” اڌ رات جو مون کي ٻي ڪا واٽ ڏسڻ ۾ نه آئي تنهنڪري مجبوري ۾ سندس مرضي واري ڪرائي تي حامي ڀري چڙهي پيس. گاڏي هلائڻ کان اڳ ۾ هن چيو  “رڪو مين وزم پي لون” وزم جو نالو ٻڌي مون کان رڙ نڪري وئي، مون دانهن ڪندي چيو “اڙي سوٽو هڻندي ته پوءِ گاڏي ڪيئن هلائيندي؟” هن اک ڀڃندي چيو، ماڙا، تين دن سي سويا نهين، اب جب تڪ وزم نهين لون گان تب تڪ مجهه سي گاڙي نهين چلي گي” منهنجا ته هٿ پير ٿڌا ٿي ويا، سوچيم اڄ واهه جو اڙيو آهيان، خدا خير سان گهر پهچائيندو، اڄ خير سان ڳوٺ پهتس ته پاڏو ڪهندس، وزم جا زوردار سوٽا هڻندي، ڊرائيور گاڏي هلائي ۽ مان ورد وظيفا پڙهڻ شروع ڪيا. گاڏي ڪراچيءَ جي سنسان روڊن تان گذرندي رهي ۽ مان دريءَ مان اونداهين عمارتن کي تڪيندو رهيس ۽ رات جي ٿڌڙي هير گهلندي رهي تان جو منهنجي اک لڳي وئي. اچانڪ تيز بريڪ تي منهنجي اک کلي وئي نهاريان جو ته ٻه ٽي ٻٽ ٻڌل پسٽل هٿ ۾ کڻيو گاڏيءَ کي وڪوڙي ويا. منهنجي لونڌڙيءَ تي پسٽل تاڻيندي چوڻ لڳا، “جو ڀي هي نڪالو” منهنجا ته ڍڍر ئي ڍرا ٿي ويا، سمجهه ۾ نه پيو اچي ته هي ڇا ٿي رهيو آهي. آخر هڪڙي سگهي جوان مون کي اهڙو ته ٻوٿ جو زوردار ٺونشو وهائي ڪڍيو جو مون کي پروڪي دال ياد اچي وئي، مان کيسي ۾ هٿ وجهي جيڪو ڪجهه کيسي ۾ پيو هو سو ڪڍي ڏنومان. منهنجو ٻٽون پئسا سڀ ڪجهه ڦري ويا وري آخر ۾ يورپ مان آندل سڀئي ٿيلها به لاهي کڻي ويا. مان مسڪين ٿي عرض ڪيومان، “او ادا ڌاڙيل، ٻيلي ڪجهه پئسا ته ڏيو جو مان گهر ته پهچان” منهنجي اهڙي مسڪيني ٻوٿ کي ڏسي به ڌاڙيلن کي ڪو روح ۾ رحم نه آيو ۽ مون تي مڪون اولاريندا ڀڄي ويا. مان ته پنڊ پهڻ ٿي ڏسي رهيو هئس ته هي سڀ ڪجهه کن پلڪ ۾ ڇا ٿي ويو آخر؟ مون ڊرائيور ڏي نماڻا نيڻ کڻي نهاريو چيائين، “صاحب شڪر ڪرو زندگي بچي هي” مون به چيو واقعي ڳالهه ته صحيح ٿو ڪري، هي ته پئسا هئا کڻي ويا، پر جيڪڏهن فائر ڪري گولي هڻي وڃن ها ته مان بي يارو مددگار ٿي مري بي ڪفنو ٿي پوريو وڃان ها. گهر وارن کي منهنجو لاش به نه ملي ها. مان ٿڌو شوڪارو ڀريو، شڪر اٿئي مولا زندگي بچائي اٿئي. ڊرائيور کي هٿ ٻڌي عرضِ ڪيم يار سڀ ڪجهه تنهنجي سامهون ٿيو آهي، تو پاڻ ڏٺو اٿئي، ٻيلي تون به ايئن رڻ ۾ نه رولجانءِ، متان ايئن اڌ ۾ لاٿو اٿئي. مون کي ڳوٺ پهچائي تنهنجو ڪرايو توکي ڳوٺ هلي ڏيندس. اهڙي طرح ڊرائيور کي هٿ پير ٻڌي هلڻ لئه راضي ڪيم. هاڻي جڏهن ٺٺينگ ٿي ويم، کيسي ۾ نه ٽڪو رهيو نه آنڪ ته پوءِ ڳڻتي ڇاجي تنهنڪري لت ڏئي سمهي پيس. چوندا آهن ته ڀينگيو هئڻ جو اهو فائدو ضرور آهي ته ماڻهو بي پرواهه بادشاهه ٿي وڃي ٿو، پوءِ هن جي آڱوٺي پٽجڻ جي به پرواهه ناهي رهندي. تنهنڪري مان به بي کٽڪو ٿي سمهي پيس. سڄي واٽ ڊرائيور ڪجهه پڇي پيو ته ان کي جواب ڏيان پيو نه ته ماٺڙي ڪريو ٻولهه ڪڍي ويٺو رهيس. توڻي جو هو مون سان اردو ۾ ڳالهائي رهيو هو، پر مان سنڌي ۾ ئي کيس جواب ڏئي رهيو هئس. 

صبح جي ٻانگ ٿي ته سنسان روڊن تي هاڻي ماڻهن، جانورن جي اچ وڃ شروع ٿي، وڏن روڊن جي جڳهه تي ڀڳل ٽٽل روڊ نظر اچڻ لڳا ته مون کي لڳو ته مان پنهنجي ڳوٺ جي ويجهو پهچي ويو آهيان. صبح ساجهر ماڻهو چانهه جي ڪوپ لاءِ هوٽلن تي ويهندا ويا. ڪڪڙن دس هنيا، پکي پنهنجا آکيرا ڇڏي داڻي پاڻي لاءِ آسمان تي اڏري رهيا هئا. آهستي آهستي روڊ تي گڏهه گاڏي وارا ۽ ريڙهين وارا ايندا ويا ۽ اهڙيءَ طرح سان اڌ روڊ انهن والاري ڇڏيو. اهڙي طرح ٽيڪسي اچي شڪارپور ۾ گهنٽا گهر چوڪ تي ڦٽو ڪيو. مان به اوٻاسيون ڏيندي، آرس ڀڃندي ٽيڪسي مان هيٺ لٿس. کيسي ۾ هٿ هئم ته من نه من ڪي ٻه ٽي ڏوڪڙ هجن جو هوٽل تان ڪٽ چانهه جو پيئجي. آخر کيسو خالي ڏسي مايوسي ٿي. سوچيم ڀلا هوٽل واري کي صبح جي صدا هڻي ڏسان من نه من ڪو کيس روح ۾ رحم اچي وڃي، اهو دل ۾ پهه پچائيندي هڪڙي ٻاڪڙي هوٽل جو رخ ڪيم، سين هڻندي چيومانس، او سائين الله جي نالي تي ٻه ڪٽ چانهه جا ملي وڃن ته شل تنهنجا ٻيڙا پار ٿي ويندا. هوٽل وارو به ڪو زال جي موچڙن جو تتو ويٺو هو، تنهن اهڙي ڇڙٻ ڏني چئي، “اللفجر جو پنو ٿا پيا، نه ان نه پاڻي پيٽ ۾، وتو ٿا اسان جي گراهڪي به ڦٽائيندا” مان اهڙي تعدي ٿيندي ڏٺي ته چپڙي ڪري ڀڄي ويس ته ڪنهن ڏٺو ته ڪونه. آخر گاڏين واري اسٽان تي ويهي پاڻ واري يارن جو انتظار ڪرڻ لڳس. ٿورڙي دير مس گذري ته ڏسان مون وارا مائٽ ٽريڪٽر ٽرالي ڪاهي آيا آهن. ٽريڪٽر کي واهه جو گلن سان سجايو اٿائون. مان اڃان اهو سڄو لقاءُ ڏسي رهيو هئس ته مون واري يار دمڙي اچي ٻک وڌو، اهڙو ته زور سان ڀاڪر پاتائين جو ذري گهٽ منهنجو ساهه پيو ڪڍي. مون رڙ ڪندي چيو، منهنجي ويجهو نه اچجو، متان ڪورونا نه هجي، پري کان ملو. تنهن تي سڀئي وٺي کليا، اها ڪورونا ٻرونا سڀ انگريزن جو ڪوڙ آهي، اسان وٽ ڪا ڪورونا ڪونهي. اسين سڀ ٺينگ ٽپا ڏيندا، ٽڏندا پيا وتون، وري اچي ڳوٺ جي سڀني پرين پيارن ٽلو، اڪ، ڪرڙ، ڪانڊيري ڀاڪر ڀري ڪلهي تي کڻي اچي ٽرالي ۾ ڦهڪو ڪري اڇلايو. مون کي ڏاڍو ڌڪ لڳو تنهن تي مان سور مان دانهن ڪئي ته اڃان هو وڌيڪ ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳا. “لڳي ٿو پاڻ وارو يار پرديس جون فارمي ڪڪڙيون کائي ڏٻرو ٿي ويو آهي” ڪنهن ٺٺول ڪئي ته ان جو جواب ڏيندي وري ٻئي چيو، “ڪا ڳالهه ناهي، هاڻي پنهنجا ديسي کير مکڻ کائيندو ته پاڻ ئي مچي مڇ ٿي پوندو.” مان پنهنجي يار دمڙي کي اشارو ڪري گهرايو ۽ چيومانس، يار دمڙا، ڪر ڪي ڪمڙا، ڪجهه ڏوڪڙ ته ڏي، هن ڊرائيور کي ڪرايو ته ڏئي ڇڏ، دمڙي وڏي واڪي چيو ڪا ڳالهه ناهي، بصر، توتان پنهنجي جان به قربان آهي، گهڻا ڏيانس، آخر جيترا پئسا ٻولايل هئا اهي ڊرائيور کي ڏنا ۽ کيس ننگر پاڻي جي صلاح ڪئي ته هل ته ڳوٺ هلي تنهنجي خدمت ڪريون، پر همراهه کي واپس ورڻ جي جلدي هئي تنهنڪري ڪرايو وٺي روانو ٿيو. مان به ٽرالي ۾ پلٿي ماري ويهي رهيس، پنهنجي ويجهن پڳ مٽ يارن دوستن سان حوال ڪرڻ لڳس ۽ آخرڪار ٽريڪٽر پنهنجي ڳوٺ ڏانهن هلڻ لڳو. ان وقت ٽريڪٽر ۾ جلال چانڊيي جو ڪلام “ڪيڏي دير ڪري هو ٿا يار اچو، نه ٿا سار لهو ته ڪو مئو يا بچيو” مان به دل ئي دل ۾ ٻرندو رهان پيو ته ايتري ڊگهي انتظار کانپوءِ نيٺ پنهنجي مڱ سان وڃي ملندس. هوءَ ضرور منهنجون راهون نهاريندي هوندي ۽ مون سان ملڻ لاءِ اتاولي هوندي. اهڙي طرح سان ٽريڪٽر ۾ اڌ ڪلاڪ جو سفر ڪندي اچي پنهنجي ڳوٺ جي اوطاق تي پهتاسين، جتي سڄي ڳوٺ توڙي تر جا مٽ مائٽ ٻار توڙي مايون گڏ ٿيون هيون. مون دل ۾ سوچيو، واقعي يار، ڪورونا ته يورپ ۾ آهي، جتي اسان روز خبرن ۾ ماڻهو مرندي ڏسي پنهنجو هانءُ ئي کاڄي ويو هو، پر هتي ته ڪورونا جي ڪا ڳالهه ئي ناهي. مان جيئن ئي ٽراليءَ مان هيٺ لٿس ته دهل شرنائي وڄڻ شروع ٿي ويا ۽ ماين سهرا چوڻ شروع ڪيا. منهنجي مٿان گلن جي ورکا ٿي وئي. سڀئي منهنجي چوڌاري ڦري ويا ۽ مون کي ڀاڪر پائي ملڻ لڳا. مان ته گهڻو ملڻ کان روڪيان، پر ڪو مڙي ئي نه، اڃان به مون تي ٺٺوليون ڪري کلن ته مان انگريزن جي ڪوڙ ۾ اچي سست ٿيو آهيان. اسان سائين بگن شاهه سان پوري ڳوٺ کي ڪڙو چاڙهائي ڇڏيو آهي سو مجال آهي جو اسان جي ڳوٺ ۾ ڪورونا ڪاهي پوي. آخر مون کي جنڊيءَ جي ڀلوڙ کٽ تي ويهاريو ويو جتي ويهي سڄي ڳوٺ سان حالي احوالي ٿياسين. ابا خوش آهيو، جوڙ متارو، ٻارين ٻچين، ڪکين قراري، کير ڀت مال رزق، اوڙي پاڙي، صفا ٽڏو ٿا پيا. مون به چيو ها بابا سڀ خير ئي خير لڳا پيا آهن. اوطاق ۾ ويٺل هڪ هڪ ماڻهو ايڏو ڊگهو ڊگهو حال پئي پڇيو جو مان انهن کي پنهنجي خيريت ٻڌائي ٻڌائي ٿڪجي پيس. آخر ڳوٺ جي چڱي مڙس، ڪاڪي پيرل وڏي واڪي چيو ابا ڀلا هاڻي حوال وٺون، تنهن تي سڀني هڪ آواز ٿي چيو ها ابا، بلڪل حوال وٺو، تنهن تي ڪاڪي پيرل مون ڏانهن مخاطب ٿي چيو ها ابا جي حوال ڏي، مون به شڪي ٿيندي چيو، ڪاڪا حوال خير جا، سڀ ڳوٺ جاءِ تي، ڪاڪو چوندو هليو، جي ابي کي چوان، “مان مختصر ڳالهه ڪري ٻڌائي ته پنهنجي اعليٰ تعليم پوري ڪري اچي توهان جي خدمت ۾ حاضر ٿيو آهيان توهان جي پيرين پيو آهيان ٻيو مڙئي خير” ابا گهرجي به خير. وري مون به ڪاڪي کي چيو ته جي چوان ڪاڪي کي، تنهن تي ڪاڪي پيرل سڀني آيلن کان وڏي واڪي پڇندي چيو ابا حوال ڏيون اجازت آهي، تنهن تي سڀني رڙ ڪندي چيو جي بسم الله ڀلي حوال ڏيو، تنهن تي ڪاڪي پيرل چيو، جي، مٺو کير پي، اسان پنهنجي ڪکين قرارين لڳا ويٺا آهيون، مولا توهان کي وڌايو آ، توهان کي ايڏو پڙهايوسين اها سڄي ڳوٺ توڙي تر جي عزت آهي. ان کانپوءِ ڪاڪي اوهه منڍ کان اچي حوال ڏيڻ شروع ڪيو، پنهنجي مال رزق، ٻنين فصلن توڙي رڍن ٻڪرين جا به حوال ڏيندو هليو، مان به جي جي ڪندو هلانس پيو. ڪاڪي پيرل جو حوال ڇَتي ڪوري واري ڊيگهه ٿي وئي. هتان جا حوال هتان جا حوال، چورين چڪارين جا حوال، ٻني ۾ پاڻي ڀڄي پيو، فصل لڙهي ويو، فلاڻي جي مينهن لوسڻ جي آڦري ۾ مري وئي ۽ اهڙيون ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪندي ڪندي آخر اچي اتي پهتو ته ايترن سالن کانپوءِ خدا توکي آندو، توسان ملي دل خوش ٿي وئي. مون ٿڌو شوڪارو ڀريندي چيو، شڪر آ حوال مسين پورو ٿيو، حوال پوري ٿيڻ کانپوءِ هرڪو مون کان پنهنجي ذهن مطابق ڳالهيون پڇڻ لڳو. چاچي خدن رڙ ڪري چيو، ابا ڀلا ايترا سال پڙهي ڇا آيو آهين. “مون چيو چاچا مان پي ايڇ ڊي ڪري آيو آهيان” تنهنڪري مولوءَ چيو اها پي اي ڊي ڇا ٿيندي آهي. مون چيو بابا مان ڊاڪٽر ٿي آيو آهيان. تنهن تي سڀني کلي چيو اڙي ابا پوءِ ايئن چئو ته تون ڏاڪدر ٿي آيو آهين. تنهن تي ڀر ۾ ويٺل پوڙهيءَ اوري ايندي چيو، ابا مون کي مٿي ۾ ڏاڍو سور رهي ٿو، اهو ته ڏس ته ان کي ڏسندي ٻيو پوڙهو به سرندو آيو، چئي، ابا مون کي گوڏن ۾ سور آهي مان ويهي ڪونه ٿو سگهان. مان پريشان ٿي ويس ته مان هنن کي ڪيئن سمجهايان. مان انهن کي ادب سان چيو ابا مان ماڻهن جو ڊاڪٽر ناهيان، مان علم جو ڊاڪٽر آهيان. منهنجي اهڙي ڳالهه تي کين مٺيان لڳي، چيائون اسان ماڻهن جو ڊاڪٽر ٻڌو آهي، ڍورن جو ڊاڪٽر ٻڌو آهي، پر اهو تو وارو علم جو ڏاڪدر پهريون دفعو ٻڌي رهيا آهيون. تنهن تي مان لڄي ٿيڻ لڳس. تنهن تي پريان بيٺل سائينداد چوڻ لڳو، ماڻهن جو ڏاڪدر ٿئين ها ته ڪيڏو نه اسان خوش ٿيون ها، بيمار بڙي، پوڙهي پڪي جو ويٺو علاج ڪرين ها، تنهن تي ٻئي ڪاوڙ مان چيو ته ماڻهن نه صحيح ڍورن جو ڏاڪدر ٿئي ها ته به اسان جو ڪيڏو سک ٿي پوي ها، پنهنجو مال متاع، مينهن، ڳئون، رڍ، ٻڪري پيو ڏسي ها. مان سندن اهڙين ڳالهين تي ڪجهه ڪڇي نه سگهيس، وري ڪاڪي پيرل واڪو ڪندي چيو ڀلا بصر، اها پي ايڇ ڊي ڇا ۾ ڪئي اٿئي ته مان ٿيلهي مان پنهنجو ڪمپيوٽر ڪڍي اڳيان رکيو ته مان هن ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي، تنهن تي سڀئي منهنجي ٻوٿ ڏي ڏسي کلڻ لڳا. چيائون هي ڇا ٽي وي آهي ڇا؟ هيترا سال تون ان ننڍڙي ٽي وي ۾ لڳايا اٿئي. پاڻ وارو ڪريمنو ريڊين ۽ ٽيوين جو وڏو ڪاريگر پيو سڏجي ۽ تون ٻاهرين ملڪ مان وڃي اها ٽي وي هلائڻ سکي آيو آهين. واهه تنهنجو علم، اهڙي علم کان بس ڀلي آهي. تنهن تي ڪراڙي عيدن رڙ ڪندي چيو، اسان سمجهيوسين ته اهو ڪمپوٽر ڪا وڏي شيءِ هوندي ٽريڪٽر کان به وڏي جنهن جي سکڻ ۾ ايڏا سال لڳن ٿا. منهنجو ڇورو اڪ ٽريڪٽر جو وڏو ڊرائيور ٿي ويو آهي. هن کي هڪ هفتو به ڪونه لڳو ٽريڪٽر سکڻ ۾ ۽ هن ڇوري هيترا سال ان ڪمپوٽر ۾ لڳائي ڇڏيا. تنهن تي ٻئي تنقيد جو موقعو هٿان نه وڃائيندي چيو، اڄوڪا ڇورا پڙهن به ٿا الائي ڪونه. هي به انگريزن وٽ پڙهيو ئي ڪونه هوندو، ايئن رلي ٺيهان کائي موٽي آيو هوندو. تنهن تي وري ڪاڪي مصريءَ پڇيو، ڀلا اهو تو وارو ڪڪوٽر ڪندو ڇا آهي، مون سينو تاڻيندي چيو، اها دنيا جي جديد ايجاد آهي اهو ڪمپِوٽر وڏا وڏا حساب ڪندو آهي، لکڻ پڙهڻ جا ڪم ڪندو آهي، سيڪنڊن ۾ پيغام دنيا جي هڪڙي ڪنڊ مان ٻئي ڪنڊ تي پهچائيندو آهي. ڳجهه جون ڳالهيون ڄاڻندو آهي ۽ سڄو ليکو چوکو پنهنجي اندر سنڀالي رکندو آهي. منهنجون اهي ڳالهيون ٻڌي ٽوڪ ڪندي سڪيلڌي چيو. حساب ڪتاب به تون پاڻ نه ڪندي، اهو به هن کان ڪرائيندين؟ ها ابا اڄوڪا ڇورا ڪٿي ٿا پڙهن. اها پڙهائي پراڻي دور جي هوندي هئي، هاڻي ڇورن کي کوڙا ئي ڪونه ٿا اچن. اڙي بصر، ارڙهين جو کوڙو اچئي ٿو؟ مان ته ٻڏڻ جهڙو ٿي ويس مون انڪار ڪندي چيو نه چاچا ڪونه ٿو اچي. تنهن تي سڀئي کلڻ لڳا ته اڄوڪن ڇورن کي پورا کوڙا ڪونه اچن ۽ هليا آهن ڪمپوٽر سکڻ. منهنجون اهڙيون ڳالهيون ٻڌي ڳوٺ وارا منهنجي ذهني صحت تي شڪ ڪرڻ لڳا آهن ۽ انهن جي وچ ۾ مون کي پاڻ لڳي پيو ته واقعي اهي سڀ سياڻا آهن ۽ مان ئي هڪڙو چريو ديوانو آهيان.

***