ٿر جي وارياسي ڀٽن سان عشق ڪندڙ هڪ امر ڪردار! منظور علي ڪنڀر June 2021
ٿرجنهن کي جاھليت جا لقب ڏيئي ڪيترائي ڏات ڌڻي ۽ سرڪاري اديب پنهنجي ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ منفي رايا ڏيندا رھيا آهن ان ٿر جي ڀٽن تي ڪيترن ئي امر ڪردارن جنم ورتو جن کي نه صرف تاريخ، پر ٿر جي ڀٽن وڏي سڪ ۽ فخر سان پنهنجي سيني تي ڪنهن تمغي وانگر سجائي رکيو. جنهن ۾ ٿر جي وارياسي ڀٽن جي خشڪ ذرڙن سان پنهنجي زندگي کان ھزار دفعا وڌيڪ محبت ڪندڙ ھڪ عظيم انسان فقير مقيم ڪنڀار جو نالو سر فھرست آهي. سندس جنم 1948ع ۾ ٿر جي ڀڙڀانگ ڀٽن جي ھنج ۾ موجود ھڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ٿيو.
ھن فقير منش انسان پنهنجي سمجھ واري دور جي شروعات ۾ ئي پنهنجا سڀئي ذاتي ڪم ڇڏي پنهنجي راڄ ڀاڳ جي ڀلائي ۽ بھتري لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي. ان فقير انسان پنهنجي اڻھوند حالتن سان مھاڏو اٽڪائيندي به ھار نه مڃي بلڪه ڏکين حالتن جو مقابلو ڪندي تاريخ ۾ ٿر جي اھڙي ته مثالي سھائتا ڪئي جو اڄ به ٿر واسي سندس شخصيت ۽ ڪردار کي وساري ناھن سگھيا. ھن فقير منش انسان ٿر جي ذري ذري سان بي پناھ محبت ڪئي، سندس جسم جي رڳ رڳ ۾ ٿر سان محبت جو داستان روميءَ وانگر رقص ڪري رھيو ھو، سندس من ماروئڙن لاءِ پل پل تڙپندو رھندو ھو. سندس جاکوڙ پنهنجي ذاتي مفادن کان ھٽي ڪري صرف صحراءِ ٿر جي انهن ڀٽڪيل ماڻهن لاءِ ھوندي ھئي جيڪي پنهنجي بنيادي حقن لاءِ به سرڪار کان ايئن هٿ پکيڙي پنهنجا حق گهري رهيا هئا ڄڻ اهي ڪا خيرات گهرندا هجن.
ھن فقير منش انسان پنهنجن محدود وسيلن مان به ڪيترن ئي ضرورتمندن ۽ بي سھارن جي مالي سھائتا ڪئي پنهنجي زندگي کي ديس ڌڻين جي مدد لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. سندس محبت ڀري ڪردار ٿر واسين کي ايترو مجبور ڪيو جو ھو سندس مداح ٿي پري پري کان ڪھي اچي سندس فقيراڻي تڏي تي محبت جون محفلون مچائيندا ھئا. اھو ئي سبب آھي جو اڄ جي مصروف ترين دور ۾ به سندس سالياني ورسيءَ جي موقعي تي سندس ھزارين چاھيندڙ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪھي اچي ٿر جي ڪس واري علائقي جي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ نھٽو ۾ سندس جاکوڙ ۽ جدوجھد کي سلام ڪندي کيس ياد ڪندا آھن ۽ کيس محبت مان مڃتا ڏيندا آھن. ھن فقير منش دنيا جو دورو 17 مئي 2012ع ۾ پورو ڪيو ۽ ھن فاني دنيا کي الوداع ڪندي ھليو ويو. ٿر جي ماروئڙن جي دلين ۾ اڄ به هي فقير زنده آهي.

