بلاگنئون

ايٽم بم ڪيترو نقصانڪار آهي؟ مختصر جائزو

دنيا ۾ سمورا اٽڪل 195 ملڪ آهن، پر انهن منجهان صرف 8 ملڪ اهڙا آهن، جن ايٽم بم ٺاهيو آهي، جن منجهان سڀ کان پهرين آمريڪا آهي، جنهن 16 جولاءِ 1945ع ۾ ايٽمي ڌماڪو ڪيو. انهيءَ کانپوءِ روس 29 آگسٽ 1949ع ۾ ڌماڪو ڪيو. برطانيه 3 آڪٽوبر 1952ع ۾. جڏهن ته فرانس 13 فيبروري 1960ع ۾، چين 16 آڪٽوبر 1964ع ۾ انڊيا 18 مئي 1974ع ۾ ڌماڪو ڪيو. جڏهن ته پاڪستان 28 مئي 1998ع ۾ ۽ پڇاڙي ۾ اتر ڪوريا 9 آڪٽوبر 2006ع ۾ ايٽمي ڌماڪو ڪيو ۽ انهن 195 ملڪن ۾ انهن اٺن ملڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ هٿيار موجود آهن. جيڪڏهن انهن سڀني ملڪن جا ايٽم بم گڏ ئي بلاسٽ ٿيا ته ڪروڙين انسان منٽن ۽ سيڪنڊن ۾ مري سگهن ٿا. ڇاڪاڻ ته ايٽم بم ٺاهڻ اڄڪلھه مشڪل ئي نه بلڪه ناممڪن آهي. آمريڪا جي ڪري ئي ڪو ملڪ ايٽم بم ٺاهڻ جي همت نٿو ڪري سگهي، جنهن جو مثال ايران آهي. آمريڪا انهيءَ کي ايٽم بم ٺاهڻ کان روڪي رهيو آهي. ايٽم بم ڪم ڪيئن ڪري ٿو؟ سڀ کان پهرين ته اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته ايٽم بم جهازن مان ڦٽا ڪيا ويندا آهن. انهن کي جهازن جي اندر فِٽ ڪيو وڃي ٿو پوءِ نشاني واري جڳھه تي ڪيرائڻو پوندو آهي. ايٽم بم جيڪو زمين جي اوچائي کان اٽڪل 100 ڪلو ميٽر بلندي تي ڦاٽندو آهي.

ايٽمن جي ٽٽڻ سان فوري طور تي 100 ميٽر بلندي تي نهايت تيز روشني جو هڪ تمام وڏو گولو نروار ٿئي ٿو، جنهن جي سامهون سج جي روشني ڪاري پئجي وڃي ٿي ۽ اها روشني ان قدر تيز هوندي آهي ته زمين تي گهمڻ ڦرڻ وارا انسان مرڻ ۽ ٻاڦ بڻجي اڏري وڃڻ کان اڳ پنهنجي اکين جي روشنيءَ کان محروم  ٿي وڃن ٿا. روشني جو گولو نهايت تيزي سان زمين ڏانهن وڌندو آهي ته ان وقت ان جڳھه جي گرمي جو پد اٽڪل سج جيترو ٿي ويندو آهي، جنهن جي گرمي کان اٽڪل ٻه ڪلو ميٽر دائري جي اندر انسان، جانور، وڻ، عمارتون، گاڏيون هڪ سيڪنڊ ۾ دونهون بڻجي اڏري وڃن ٿا. ٻن ٽن ڪلو ميٽرن جي دائري جي اندر  تباهي جو اهو حال ٿي وڃي ٿو ڄڻ ڪنهن تمام وڏي ٻوهاري سان زمين مڪمل طور تي صاف ڪري ڇڏي هجي. ايٽم بم ڦاٽڻ سان گڏ ئي هڪ دل ڏاريندڙ ڌماڪو ٿيندو آهي. جڏهن ته ٻيو ڌماڪو گولو زمين سان ٽڪرائڻ کانپوءِ ٿيندو آهي، جنهن جي شدت اڳئين ڌماڪي کان 200 ڀيرا وڌيڪ ٿيندي آهي. پهريون ڌماڪو جيڪو فضا ۾ ٿيندو، هوا ۾ هڪ زبردست ارتعاش جي لهر پيدا ڪري ٿو. هزارين ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان باھه جهڙي گرم هوا انڌاري جي شڪل ۾ ڌماڪي واري جڳھه کان پيدا ٿي چئني پاسي پکڙجي ٿي، جيڪا ايتري قدر طاقتور هوندي آهي جيڪڏهن هڪ تمام وڏي ٽرالر سان ٽڪرائجي ته ان کي ٽوڙي ڀور ڀور ڪري ڇڏي. ان طاقتور هوا جي طاقت جي سامهون وڏيون وڏيون بلڊنگون جيڪي ڌماڪي واري جڳهه کان ٽي چار ڪلو ميٽر پري هونديون آهن، اهي به مٽيءَ جو ڍير ڏيک ڏينديون آهن. پهرين ڌماڪي جي فورن بعد ٻيو ڌماڪو ٿيندو آهي، جنهن سبب زلزلي جي هڪ وڏي لهر پيدا ٿيندي آهي ۽ انهيءَ زلزلي جي ڪري 9/10 ڪلو ميٽر تائين موجود عمارتن کي شديد نقصان پهچي ٿو. انسان جي ڪنن جا پردا ڦاٽي پون ٿا. ايٽمن جي ٽٽڻ سان نه ڏيک ڏيندڙ ريڊيائي شعائن ۽ نيوٽرونن جي هڪ ٻوڏ اچي وڃي ٿي، جيڪا هر ساهه واري جسم کي چيري ڇڏي ٿي. ڌماڪي واري جڳھه کان زمين تي پکڙجي وڃڻ واري گرم هوا کانسواءِ گرم هوا جو هڪ طوفان ايٽمي ذرڙن کي ساڻ کڻي آسمان ڏانهن بلند ٿي وڃي ٿو. آسمان تي ڪڪر ڇانئجي وڃن ٿا ۽ هڪ اهڙي برسات آسپاس جي علائقن تي وسڻ لڳي ٿي، جنهن ۾خطرناڪ تابڪاري ذرڙا هوندا آهن. برسات جون اهي بوندون جتي به ڪرنديون آهن، ان جي جسم کي ڳاري ڇڏينديون آهن. ايٽمي ڌماڪي کان خارج ٿيڻ واريون  تابڪاري شعائون جنهن انسان جي جسم کان گذرن ٿيون، اتي انسان ٻار ڄڻڻ جي صلاحيت کان محروم ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن انهن وٽ اولاد به پيدا ٿئي ٿو ته جسماني طور تي معذور ٿئي ٿو، جتي ڌماڪو ٿيل هوندو آهي، اتي وڏي عرصي تائين انساني آبادي جو رهڻ ناممڪن ٿي وڃي ٿو. ايٽم بم جي تباهه ڪاري هڪ دائري جي شڪل ۾ ٿيندي آهي. جيترو وڌيڪ طاقتور بم هوندو تباهي جو دائرو به ايترو ئي ڪشادو ٿيندو ويندو آهي. جيڪڏهن خدا نه ڪري عالمي جنگ شروع ٿي ته ڪجھه به نه بچندو. ڇو ته هر هڪ ملڪ وٽ سئو ايٽم بم موجود آهن. صرف روس ۽ آمريڪا وٽ ٽي ٽي هزار ايٽم بم آهن. پاڪستان وٽ 170 جي ويجهو ايٽم بم آهن. ايٽم بم کي نشاني تائين پهچائڻ لاءِ هوائي جهاز (بمبار جهاز)، سامونڊي جهاز (آبدوزون) يا ميزائيل به استعمال ڪيا ويندا آهن.