بلاگنئون

اسرائيل جي دهشتگرديءَ تي  دنيا خاموش ڇو؟

وچ اوڀر ۾ غير يقيني واري صورتحال مڪمل طور تي پکڙيل آهي، خليجي رياستون جنگ ۾ گهريل آهن. جنهن جي ڪري ڪيترن ئي مهينن کان خوف جي فضا هر طرف ڇانيل آهي. اسرائيل پاران حماس، حزب الله جي اڳواڻن ۽ ايراني انقلابي ڪمانڊرن جي شهادت ۽ اسرائيل فلسطين، لبنان تي حملا ڪري لکين بيگناھ معصوم انسانن جو خون وهايو آهي، ايران اسرائيل مٿان ميزائل حملا ڪري ثابت ڪيو آهي ته طاقت هميشه همت اڳيان مات کائيندي آهي. اسرائيل کي ان جي قاتل ڪارنامن جي سزا ملڻ گهرجي، ايران عالمي اقتصادي پابندين جي باوجود به پنهنجي ملڪ جي دفاع جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو. تازو ايران ايٽمي ڌماڪا ڪري دنيا جو اٺون نمبر ايٽمي ملڪ بڻجي چڪو آهي. هاڻي خليجي ملڪن ۾ به ايٽمي جنگ لڳڻ جا چٽا امڪان واضح نظر اچي رهيا آهن. جنهن جي نتيجي ۾ خليجي ملڪن جي سالميت خطري ۾ پئجي وئي آهي. اسرائيل جي جنگي جنون ايران کي آخرڪار جوابي ڪارروائين تي مجبور ڪيو آهي. ايراني صدر بار بار چيو ته ايران کي ڪنهن به جنگي تڪرار ۾ داخل ٿيڻ ۾ ڪابه دلچسپي نه آهي، پر اسرائيل جي غنڊا گردي اهڙي عمل تي خليجي رياستن کي مجبور ڪري رهي آهي، اهڙي جنگي جنون کي هوا ڏيڻ ۾ تل ابيب ذميوار آهي. ايران جي صدر مسعود پيزشڪيان ميزائل حملي کانپوءِ دوها ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو ته ايران جنگ نٿو چاهي، پر اسرائيل جي حملن ايران کي جنگ ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي. مغربي طاقتن ايران تي زور ڏنو هو ته هو حماس جي سربراھ اسماعيل هانيه جي قتل کانپوءِ تحمل کان ڪم وٺي ليڪن اهڙو عمل ايران جي سالميت لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿئي ها. اسرائيل هميشه جنگي جنونيت برقرار رکندي ايران تي حملا ڪرڻ جو مرتڪب رهيو آهي ۽ غزه ۾ اسرائيل جي جاري فوجي حملن پوري خطي کي خون آلود ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏهن اسرائيل ايران تي حملو ڪيو ته ان کي هاڻي سختي سان جواب ڏنو ويندو. اهڙي جنگي بحران کي وڌڻ کان روڪڻ جي ضرورت تي زور ڏنو وڃي. اسرائيل يقينن ايران کي بيلسٽڪ ميزائل حملن جي ڌمڪي ڏني آهي، اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو لکين بيگناھ معصوم انسانن جو قاتل آهي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس کي بيگناھ معصوم شهرين جي قتل عام جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. اسرائيل، آمريڪا، ان جي اتحادي ملڪن کي فلسطين، لبنان، يمن ۽ بيروت ۾ معصوم انسانن جي قتل عام کان روڪيو وڃي ته جيئن خليجي رياست ۾ امن امان بحال ٿي سگھي. وڌيڪ خطي ۾ حملن سان عالمي توانائي مارڪيٽ ۾ تيل جو بحران پيدا ٿيندو جنهن جي ڪري تيل جي قيمتن ۾ بتدريج اضافو ٿيندو، اهڙن حملن کي فوري طور روڪيو وڃي. خدشو آهي ته ايراني تيل جي تنصيبات تي اسرائيلي حملو تهران کي هرمز جي آبنائي مان تيل جي وهڪري ۾ خلل وجهي سگهي ٿو. مغربي اتحادي قوتون اسرائيلي قيادت کي اپيلون ڪري رهيا آهن ته اهڙن حملن کان پاسو ڪيو وڃي، جنهن سان تيل جي تنصيبات کي نقصان پهچي ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قلت پيدا ٿئي. يقيني طور تي فوجي تصادم ۾ ملڪي املاڪون ئي هدف هونديون آهن. اسرائيلي قيادت طرفان اهڙين اپيلن کي رد ڪندي ايران سان گڏوگڏ خليجي تيل جي تنصيبات کي نشانو بنائڻ تي بضد آهي، حماس ۽ حزب الله جي اڳواڻن جي شهادت ۽ مزاحمت جي حمايتي ايران تي اسرائيل شايد هاڻي فيصلا ڪن وار ڪرڻ چاهي ٿو ته جيئن خطي جي اسٽريٽيجڪ منظر نامي کي نئين سر ترتيب ڏئي سگهجي. اسرائيل انتقامي جنونيت ۽ طاقت سان ايران کي جواب ڏيڻ جي تياري ڪري رهيو آهي. بدترين حالتن ۾ مڪمل طور تي ڦهليل جنگ خطي ۾ عالمي استحڪام لاءِ غير متوقع نتيجن سان گڏ بيسود ۽ انساني جانين جي ذيان کان سواءِ ٻيو ڪجھ به نه آهي. جڏهن ته اسرائيل غزه ۾ پنهنجي سخت فوجي مهم جاري رکڻ دوران بمباري ۾ اسڪولن، پناهگيرن جي ڪيمپن ۽ يتيم خانن تي بمباري ڪندي آمريڪي اعتراضن جي باوجود لبنان تي زميني حملو ڪيو، سڄي ملڪ ۾ اسرائيلي حملن ۾ 2,0000 هزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا. حزب الله جي ويڙهاڪن سان ويڙھ ۾ ڪيترائي اسرائيلي فوجي پڻ ماريا ويا آهن، بيروت تي اسرائيلي هوائي حملا جاري ڪيترن ئي محاذن تي اسرائيل جي جارحانا ڪارنامن تي مغربي حڪومتون به کلمکلا مذمت ڪري رهيون آهي. وچ اوڀر ۾ امن جو توازن صليب تي لٽڪيل آهي. ڇاڪاڻ ته غير يقيني واري صورتحال پيدا ڪندڙ اسرائيل پنهنجي جنگي جنونيت کان باز نٿو اچي جنهن جي نتيجي ۾ ماحول سوڳوار آهي ۽ هر طرف بلڊنگن ۽ انساني لاشن جا ڍير لڳا پيا آهن.