موسمياتي تبديلين ڪري دنيا ۾ گرمي پد ڏينھون ڏينھن وڌي رهيو آهي ۽ ان وڌندڙ گرمي ڪري لکين انسان توڙي جنگلي جيوت، قدرتي ماحول ۽ معيشت کي خطرا درپيش آھن. ھن تبديل ٿيندڙ آبھوا ۽ ان جي نتيجن کي پرکڻ لاءِ ڄاڻ جي درست رسائي تمام ضروري آھي. بهرحال عوام لاءِ موسمياتي تبديليءَ سان لاڳاپيل اهم نقطن کي واضح طور سمجھڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته اسان جي ماحول سان ڇا ڇا ٿي رھيو آھي. انساني سرگرمين جي نتيجي ۾ موسمياتي تبديلي سبب ڌرتي جو سراسري گرمي پد صنعتي انقلاب کان اڳ جي مقابلي ۾ 2 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ آھي ۽ جيئن جيئن ھن ايوريج گرمي پد ۾ اضافو ٿيندو وڃي پيو تيئن تيئن مسلسل ۽ شديد گرمي جون لھرون ٻوڏون ڏڪار برسات جي انداز ۾ خلل پوڻ سان گڏ سمنڊ جي سطح ۾ اضافي سبب انسان، جنگلي جيوت ۽ قدرتي نظام کي تمام گھڻو خطرو لاحق آھي. اهڙي صورتحال کي روڪڻ لاءِ دنيا جي حڪومتن گلوبل وارمنگ کي 2 ڊگري سينٽي گريڊ کان هيٺ رکڻ لاءِ پيرس معاهدي تي دستخط ڪرڻ سان گرمي کي 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محدود ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جو عھد ڪيو ھو. 2 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي پد جي نتيجي ۾ دنيا کي موسمياتي تبديليءَ سبب تمام گهڻو نقصانڪار ناقابل واپسي اثرن کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ اسان ڪيترن ئي خطرناڪ آبهوائي صورتحال مان گذرنداسين. انٽر گورنمينٽل پينل آن ڪلائميٽ چينج (IPCC) پنھنجي هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن گرمي کي 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ جي اندر رکڻو آهي ته 2025 تائين گرين هائوس گيسن جي نيڪالي کي انتها تي پهچڻو پوندو ۽ 2030 تائين ان کي 43 سيڪڙو تائين گهٽائڻو پوندو.