بلاگنئون

موسمي تبديليءَ سبب پاڪستان سميت 23 ملڪ گهيري ۾

موسمياتي تبديلين ڪري دنيا ۾ گرمي پد ڏينھون ڏينھن وڌي رهيو آهي ۽ ان وڌندڙ گرمي ڪري لکين انسان توڙي جنگلي جيوت، قدرتي ماحول ۽ معيشت کي خطرا درپيش آھن. ھن تبديل ٿيندڙ آبھوا ۽ ان جي نتيجن کي پرکڻ لاءِ ڄاڻ جي درست رسائي تمام ضروري آھي. بهرحال عوام لاءِ موسمياتي تبديليءَ سان لاڳاپيل اهم نقطن کي واضح طور سمجھڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته اسان جي ماحول سان ڇا ڇا ٿي رھيو آھي. انساني سرگرمين جي نتيجي ۾ موسمياتي تبديلي سبب ڌرتي جو سراسري گرمي پد صنعتي انقلاب کان اڳ جي مقابلي ۾ 2 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ آھي ۽ جيئن جيئن ھن ايوريج گرمي پد ۾ اضافو ٿيندو وڃي پيو تيئن تيئن مسلسل ۽ شديد گرمي جون لھرون ٻوڏون ڏڪار برسات جي انداز ۾ خلل پوڻ سان گڏ سمنڊ جي سطح ۾ اضافي سبب انسان، جنگلي جيوت ۽ قدرتي نظام کي تمام گھڻو خطرو لاحق آھي. اهڙي صورتحال کي روڪڻ لاءِ دنيا جي حڪومتن گلوبل وارمنگ کي 2 ڊگري سينٽي گريڊ کان هيٺ رکڻ لاءِ پيرس معاهدي تي دستخط ڪرڻ سان گرمي کي 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محدود ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جو عھد ڪيو ھو. 2 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي پد جي نتيجي ۾ دنيا کي موسمياتي تبديليءَ سبب تمام گهڻو نقصانڪار ناقابل واپسي اثرن کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ اسان ڪيترن ئي خطرناڪ آبهوائي صورتحال مان گذرنداسين. انٽر گورنمينٽل پينل آن ڪلائميٽ چينج (IPCC) پنھنجي هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن گرمي کي 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ جي اندر رکڻو آهي ته 2025 تائين گرين هائوس گيسن جي نيڪالي کي انتها تي پهچڻو پوندو ۽ 2030 تائين ان کي 43 سيڪڙو تائين گهٽائڻو پوندو.

وفاقي حڪومت جي هڪ سرڪاري رپورٽ مطابق موسمي تبديلي سبب پاڪستان ۾ سوا 7 ڪروڙ آبادي جي قحط سالي سبب متاثر ٿيڻ جو امڪان ڏيکاريو ويو آھي. قومي قحط سالي مانيٽرنگ سينٽر (اين ڊي ايم سي) پاران ورتل هڪ جامع جائزي جي بنياد تي ملڪ جي 19 ضلعن جي موسمي تبديلي سبب قحط سالي سبب شديد متاثر ٿيندڙ ضلعن طور نشاندهي ڪئي وئي آھي جنهن سنڌ صوبي جي ڪل آبادي ۾ 28 سيڪڙو آبادي رکندڙ 9 ضلعن ۽ بلوچستان جي 10 ضلعن کي شامل ڪيو ويو آھي. موسمي تبديلي واري وزارت جي لکت ۾ سرڪاري دستاويز ۾ ٻڌايو ويو آھي ته يو اين سي سي ڊي جي نومبر 2022ع جي رپورٽ موجب پاڪستان موسمي تبديلي سبب پاڪستان کي وڏي قحط سالي ايمرجنسي جي صورتحال سامهون آھي. موسمي تبديلي سبب دنيا ۾ سخت متاثر ٿيندڙ 23 ملڪن ۾ پاڪستان کي به شامل ڪيو ويو آھي. يو اين سي سي ڊي جي رپورٽ مطابق پاڪستان جي تقريبن 30 سيڪڙو آبادي موسمي تبديلي سبب قحط سالي ۾ متاثر ٿي رهي آھي. پاڪستان جي نئين آدمشماري موجب ڪل آبادي 24 ڪروڙ 14 لک 99 هزار 431 آھي انهيءَ آبادي جو 30 سيڪڙو 7 ڪروڙ  24 لک  49 هزار  8 سو 29 ٿئي ٿو، جنهن جي موسمي تبديلي سبب قحط سالي ۾ سخت متاثر ٿيڻ جي نشاندهي ڪئي وئي آھي. موسمي تبديلي بابت وفاقي وزارت جي لکت ۾ موجود دستاويز ۾ وڌيڪ چيو ويو آھي ته قومي قحط سالي مانيٽرنگ سينٽر (اين ڊي ايم سي) پاران هڪ تفصيلي جائزي جو انتظام ڪيو ويو جنهن جي بنياد تي پاڪستان جي 19 ضلعن جي قحط سالي سبب شديد متاثر ٿيندڙ ضلعن طور نشاندهي ڪئي وئي آھي، انهن ضلعن ۾ سنڌ صوبي سان تعلق رکندڙ ضلعن ۾ سکر، خيرپور، سانگهڙ، عمرڪوٽ، بدين، ٿرپارڪر، ٺٽو، ڄامشورو، دادو سميت 9 ضلعا شامل ڪيا ويا آھن. نئين آدمشماري تحت مٿي ڄاڻايل ضلعن جي مجموعي طور تي آبادي 1 ڪروڙ 53 لک 74 هزار 39 ٿئي ٿي جيڪا سنڌ صوبي جي ڪل آبادي جو 28 سيڪڙو آھي جيڪا سخت قحط سالي سبب متاثر ٿي رهي آھي. سنڌ جي جن ضلعن جي موسمي تبديلي سبب قحط سالي ۾ متاثر ٿيڻ جي نشاندهي ڪئي وئي آھي، انهن ضلعن ۾ خيرپور جي 25 لک 97 هزار 535 سانگهڙ جي 23 لک 8 هزار 465، بدين ضلعي جي 19 لک 47 هزار 81، ٿرپارڪر جي 17 لک 78 هزار 407، دادو جي 17 لک 42 هزار 320، سکر جي 16 لک 39 هزار 897، عمرڪوٽ 11 لک 59 هزار 831، ڄامشورو 11 لک 17 هزار 308 ۽ ٺٽي ضلعي جي 10 لک 83 هزار 191 آبادي شامل آھي. جڏهن ته موسمي تبديلي سبب بلوچستان جي شديد متاثر ڏهن ضلعن ۾ نوشڪي، پشين، خاران، گوادر، جيوڻي، پنجگور، پسني ، تربت، عماره ۽ ڪوئيٽا ضلعه شامل آھن.

جيڪڏهن گرين هائوس گيسن جي خارج ٿيڻ واري عمل ۾ گھٽتائي اچڻ باوجود 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ تي نه پهتاسين ته ھن صدي ۾ وڏي ڏڪار کي منهن ڏيڻ تي مجبور ٿي پونداسين. وڻ ماحولياتي خوبصورتي، گرمي پد ۽ موسمي تبديلي لاءِ هڪ بهترين ڍال ثابت ٿين ٿا. وڻن تي ڪم ڪرڻ لاءِ توانائي يا وسيلن جي ضرورت ناهي ڇو ته گرين هائوس گيسن کي خارج ڪرڻ ۽ موسمياتي تبديلي جو سبب بڻجي ٿو. جڏهن ته ڪجهه زهريلي گيسن جهڙوڪ: CFC ڪلورو فلورو ڪاربان جهڙا گيس پيدا ڪري ٿو، جيڪي اوزون ليئر کي نقصان پهچائين ٿا، تنهنڪري اچو ته گڏجي هن ايندڙ ڏڪار کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪريون ته جيئن پاڻ ۽ ايندڙ نسلن لاءِ صحتمند ماحول پيدا ٿي سگهي.