اچو ته البانيا گهمون (قسط-13)
ورونهن جو شهر ولورا
اڄ پاڻ پروگرام ٺاهيو آهي ولورا (Vllore) ڏانهن هلڻ جو. جيڪڏهن بس يا پرائيويٽ گاڏي ذريعي سفر ڪرڻ چاهيو ته ترانا کان ولورا ڏانهن ويندڙ رستو 153 ڪلوميٽر آهي ۽ تقريبن اڍائي ڪلاڪ لڳن ٿا ۽ جي ٽرين جي ذريعي وڃڻ چاهيو ته مفاصلو 100 ڪلوميٽر جو آهي ۽ تقريبن ٻه ڪلاڪ لڳن ٿا. پر هتي جا اڪثر ماڻهو ۽ خاص طور تي ٽوئرسٽ گهٽ مفاصلي ۽ گهٽ ٽائم لڳڻ جي باوجود به ٽرين جي ذريعي ولورا وڃڻ پسند ڪونه ڪن. اهو انهي ڪري جو البانيا جو ريلوي نظام به پاڻ واري ريلوي نظام وانگر بي افعالو (بيڪار) آهي. هڪ ته اُتي ٽرين لاءِ آن لائن بڪنگ ڪونهي ۽ اُتي وڃي ٽڪيٽ وٺڻي پوي ٿي ۽ ٻيو ته اُن ۾ سفر ڪرڻ لاءِ فقط هڪ ڪلاس (ڪيٽيگري) آهي ۽ ٽيون ته ڪنهن وقت به ٽرين جي روانگي جو شيڊيول تبديل ڪريو ڇڏين ۽ پوءِ ته مسافرن کي اهڙي خواري جو منهن ڏسڻو پوي ٿو جهڙي رسوائي عاشق محبوبن جي ڪوڙن دلاسن جي ڪري ڀوڳين ٿا. انهي ڪري پاڻ به پرائيويٽ گاڏي ۾ ولورا وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، جو هِن عمر ۾ اهڙي خواري کڻڻ جو دل گردو پاڻ ۾ ڪونهي رهيو. سو حسبِ معمول هوٽل مان ناشتو (Buffet) ڪري نڪري پيا آهيون گاڏي ۾. گاڏي به اُهائي آهي ۽ ڊرائيور به اُهو ئي ليڊي. ڪار ڊرائيور ليڊي البانيا ۽ برطانيا ۾ هڪ ئي وقت سڃاڻپ رکندڙ ۽ مشهوري ماڻيندڙ گلوڪارا Dua Lipa جا گانا هلائي ڇڏيا آهن. پاپ ۽ ڊسڪو ۾ ڳائيندڙ هن سندر گلوڪارا جا ڪيترا ئي البم اچي چڪا آهن، جن ورلڊ رڪارڊ قائم ڪيو آهي ۽ يوٽيوب تي هن جا هڪ بلين کان مٿي فالوورس آهن. گاڏي ۾ هلندڙ انگريزي ٻولي ۾ گانن مان پاڻ کي ٿورو گهڻو پلئه پوي ٿو، باقي الباني ٻولي ۾ ڳايل گانن کي پاڻ لاءِ سمجهڻ ائين ٿيو ڄڻ ڪنهن بندوقچي جي هٿ ۾ هر ڏيڻ. توڙي جو الباني ٻولي ۾ هئڻ سبب گانن جو مفهوم سمجهه ۾ ڀلي نٿو اچي، پر تڏهن به موسيقي جو پنهنجو رس ۽ چس ٿئي ٿو جيڪو اُن جي سحر ۾ گم ڪري ڇڏي ٿو. جيئن ننڍڙي ٻارڙي ۽ پکين جون لاتيون سمجهه ۾ نٿيون اچن، پر پوءِ به اُنهن آوازن جي مڌرتا جا من اندر ۾ سرهائي پيدا ڪري ٿي اُن کان ڀلا ڪهڙو ڪافر انڪار ڪري سگهي ٿو؟
موسم جهڙالي ۽ سرد ضرور آهي، پر ايترو گهڻو سيءُ ڪونهي. ڪيڏي مهل سج ڪڪرن کي هٽائي نئين نويلي ڪنوار جيئن پنهنجو مکڙو پسائي ٿو ته تڙڪي (تپش) جو احساس جسم ۾ حرارت ڦهلائي من موجي ڪريو ڇڏي ۽ اُن ۾ وري Dua Lipa جي سرسنگيت جي آميزش سوم رس جو ڪم ڏي ٿي ۽ موجي من بي تحاشا جهونگارڻ ۽ جهومڻ لڳي ٿو. هن پهاڙي پنڌ ۾ ٻنهي پاسي پري پري تائين جبل نظر اچن ٿا ۽ اُنهن جي اوٽ ۾ واديون، ساوا کيت، وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽا اکين کي آسائتو ڪندا هلن ٿا. رستو ڪافي ڪشادو ۽ صاف سٿرو ٺهيل آهي. جابلو رستي ۾ لاهين، چاڙهين ۽ ور وراڪن هئڻ سبب رستي جي پاسن کان لوهي گرل لڳائي ويئي آهي، جيئن ڪنهن امڪاني حادثي کان بچاءُ ٿي سگهي. هڪ ته موسم سرد هجي، ٻيو رستو سٺو ٺهيل هجي ۽ ٽيون وري جي گاڏي لگزري هجي ته ٿڪاوٽ پاسي کان به ڪونه ٿي لنگهي. اُڀ ۾ سورج ۽ بادلن جي پاڻ ۾ لڪ لڪوٽي (اک ٻوٽ) سبب هيٺ زمين تي پهاڙن، ساون کيتن ۽ وڻن ٽڻن جا رنگ ۽ روپ بدلبا رهن ٿا، بلڪل ائين جيئن سئنيما اسڪرين تي منظر تبديل ٿيندا آهن. جيڪڏھن ڪير چوي (پڇي) تہ جڏھن فطرت پنھنجا روپ مٽيندي رھي ٿي تہ پوءِ انسانن جي ائين ڪرڻ تي ڀلا اعتراض ڇو؟ آھي ته انسان به فطرت جو ئي جز (حصو) پوءِ فقط انسان تي ڪاوڙ ڇو؟ ان جو سادو جواب اِھو آھي تہ فطرت جي رنگن روپن بدلجڻ ۾ اُن جي سونھن ۽ سوڀيا سمايل آھي جيڪا من کي موھي ٿي، جڏھن ته انسان جي رنگ روپ (انداز) جي تبديل ڪرڻ (مٽائڻ) ۾ ٻھروپي ۽ منافقي سمايل آھي جيڪا نہ فقط ڪوجھائي آھي پر ٻئي لاءِ تڪليف جو ڪارڻ پڻ بنجي ٿي. ڀلا ڪوجھائي مان بہ ڪڏھن سندرتا ۽ سچائي جو ساءُ آيو آھي؟ ڪوجھائي ڪڏھن بہ سندرتا جو نعم البدل ٿي نٿي سگھي. فطرت جي انهن خوبصورت منظرن کي پسندي ۽ اکيون ٿڌيون ڪندي جيستائين پاڻ ولورا پهچون، اچو ته ان شهر بابت ٿورڙو ڄاڻي وٺون.
البانيا جي ڏکڻ ۾ آباد هي خوبصورت شهر هڪڙي پاسي کان Ceraunian پهاڙي سلسلي ته ٻئي پاسي کان وري Ionian ۽ Adriatic سمنڊ سان ڳنڍيل آهي. هي آبادي جي لحاظ کان البانيا جو ٽيون نمبر وڏو شهر آهي. 2021 جي آدمشماري جي انگن اکرن مطابق هن شهر جي ڪُل آبادي 187675 ماڻهن تي مشتمل آهي ۽ ميونسپل حدن جي ڪُل ايراضي 616.85 ڪلوميٽر اسڪوائر آهي. هي شهر ڇهين صدي قبل مسيح کان پنهنجي تاريخي سڃاڻپ رکي ٿو. سامونڊي ڪناري تي آباد البانيا جي اصل باشندن الاريئنس جي هن شهر کي جڏهن ڳولي لڌو ويو ته اُن وقت هي شهر يونانين جي ڪالوني هو ۽ اُن وقت اُن جو نالو Aulon هو. اُن کانپوءِ هن شهر تي مختلف دورن ۾ رومن، بازنتين، نارمنس، وينيٽيئس ۽ خلافت عثمانيه جي حڪومت رهي. آئون گهڙي پل لاءِ انهن بي تاج بادشاهن جي دورن ۾ هليو ويس. هن شهر انهن دورن ۾ ڇا ڇا نه ڏٺو هوندو! سٺو هوندو!! سڄي انسان ذات جي تاريخ جا پنا ذلتن ۽ خون سان لت پت (ڀريا پيا) آهن. تاريخ جي مختلف دورن ۾ پاڻ کي ھن ڌرتي جي باقي مخلوق کان عظيم چوائيندڙ انسان فطرت جي ڪيڏي نه لتاڙ ڪئي آهي؟ فطرت جي لتاڙ ڇا بس هُن پنهنجي ئي اُجاڙ جو وکر ڪٺو ڪيو آهي، جيڪو کيس ويران کنڊر ۾ اُڇلي رهيو آهي. انهن سوچن کي ٽوڙيندي نه ڄاڻ ڪيڏي مهل Dua Lipa جو مڌر آواز مون کي انهن تاريخ جي ويران کنڊرن مان ٻاهر ڪڍي آيو ۽ آئون هڪ ڀيرو ٻيهر گاڏي جي شيشي مان ٻاهر جهانڪڻ لڳس، جتي فطرت پنهنجي ڦوهه جوڀن جي آب و تاب سان ائين جلوه گر هئي ۽ من کي موهي رهي هئي ڄڻ منهنجي اُن سان آد جڳاد کان سڃاڻپ هجي! ۽ ان ۾ ڀلا شڪ به ڪهڙو آهي!؟ ٿوري دير کانپوءِ هاڻي پنهنجي گاڏي پهاڙي رستا ڇڏي شهر ۾ دوڙي رهي هئي.
پهاڙي علائقن جا شهر ميداني علائقن جي ڀيٽ ۾ عام طور تي زياده ڦهليل، صاف سٿرا، ماحولياتي آلودگي کان پاڪ ۽ سهڻا لڳندا آهن. وري جي ولورا جو ذڪر ڪجي ته اُهو ڪجهه زياده ئي سهڻو لڳي ٿو. ڀلا سهڻو ڇو نه لڳندو؟ اُن جي نالي کي ئي سندرتا جو ويس پهريل آهي. ولورا لفظ دراصل لاطيني ٻولي جي لفظ الونا (Aulona) مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ ئي آهي خوبصورت ڇوڪري. ٻولي جي ارتقائي عمل ۾ تبديل ٿيندي اهو لفظ يوناني ٻولي ۾ Avlonas، اطالوي ٻولي ۾ Valona، انگريزي ٻولي ۾ Avlona اُچارجڻ لڳو. البانيا ۾ خلافت عثمانيه جي دور حڪومت ۾ ترڪش لهجي ۾ ولورا کي Avlonya اُچاريو (سڏيو) ويندو هو. هاڻي جنهن شهر جي نالي جي معنىٰ ۾ ئي عورت جي سندرتا سمايل هجي ته اُن جي وشالتا به لازمي عورت جي دل وانگي ڇو نه ڦهليل هوندي. هڪڙو ولورا شهر اڳي ئي خوبصورت مٿان وري اُن کي پنجن ڇهن ڪلوميٽرن ۾ ڦهليل ڊگهو ۽ ڪشادو سندر سامونڊي ڪنارو هجي ته اها سنڌي چوڻي مٿس بلڪل جچي ٿي اچي ته ”هڪڙو اڳيئي نچڻي ٻيو ويتر ٻڌنس گهنگهرو“. ولورا جو سامونڊي ڪنارو جتي ڪافي وڏو آهي ته اُتي اُن کي خوبصورت وڻن ٽڻن ۽ بينچن سان به سجايو ويو آهي. ڪناري جي ڀرسان جتي واڪنگ ٽريڪ ٺهيل آهي ته اتي هڪ ڊگهو روڊ به اُن سان گڏوگڏ هلي ٿو ۽ اوهين آرام سان گاڏي ۾ ويهي يا ھلندي سمنڊ جي سونهن ڏسي سگهو ٿا. سامونڊي پٽي جي سامهون روڊ کان ٻئي پاسي ڀلاريون هوٽلون ۽ مختلف قسمن جي دڪانن جون ڊگهيون قطارون آهن.
ولورا شهر جي هڪ تاريخي سڃاڻپ اها به آهي ته هن ئي شهر ۾ سڀ کان پهرين 28 نومبر، 1912 تي قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ البانيا جي خلاف عثمانيه سلطنت (Ottoman Empire) کان آزادي جو اعلان (Decleration) ڪيو ويو. هتي ان تاريخي ڏينهن جي حوالي کان آزادي ميوزم ٺاهيو ويو آهي ۽ هڪ يادگار (Memorial) پڻ کڙو ڪيو ويو آهي. جيڪو ڏسڻ وٽان آهي. البانيا ۾ سمنڊ جي جهان جي شروعات به هن ئي شهر کان ٿئي ٿي ۽ پوءِ ان جي ياترا البانيا جي ٻين علائقن ڏانهن ٿئي ٿي. جتي ولورا شهر ٻن سمنڊن (ائڊرياٽڪ ۽ آيونين) جي ڪنارن جي سنگم تي آباد آهي ته اُتي وري Caraunian جبلن جو پهاڙي سلسلو هن جي سونهن کي چارچنڊ لڳائي انسان کي فطرت ڏانهن ڇڪڻ جي سامگري مهيا ڪري ٿو. هتي جي سمنڊ جي منفرد سڃاڻپ اها آهي ته ان جو پاڻي ندي جي پاڻي جيان اڇو اُجرو ۽ شفاف آهي. انهي ڪري چئي سگهجي ٿو ته سندر ناري جي سونهن جيئن ٻاهر پسي سگهجي ٿي، جي اندر سمنڊ ۾ گهڙي ته اُن جي جوڀن کي اوئين ئي پسي سگهجي ٿو. ڪوتا سرجڻ لاءِ ڪنهن شاعر لاءِ اهو منظر ۽ ماحول شاهه لطيف جي گنج کان گهٽ ناهي. سمنڊ جو پاڻي ندي جيان اُجرو ۽ شفاف هئڻ جي ڪري هتي جا ماڻهو ان سمنڊ کي ڪوٺين ئي الباني ندي (Albanian riviera). هي شهر البانيا جو وڏي ۾ وڏو بندرگاهه آهي ۽ هتان اٽلي سامونڊي رستي به وڃي سگهجي ٿو. سمنڊ ۾ پري نھارڻ سان اُھي بحري جھاز بہ نظر اچي رھيا ھئا جيڪي البانيا ۽ اٽلي جي درميان وڻج واپار ۽ ٽوئرزم جو ذريعو بنيل آھن. هن ملڪ جا ماڻهو واپار، نوڪري توڙي گهمڻ جي لحاظ کان هتان کان اٽلي ويندا آهن. منهنجي ڊرائيور/گائيڊ ٻڌايو ته هُو به ڪجهه سال اٽلي ۾ نوڪري ڪري آيو آهي. ولورا موٽروي جي ذريعي تقريبن پوري البانيا سان ڳنڍيل آهي.
ولورا شهر پنهنجي ڪلچر ۽ ريتن رسمن (Traditions) ۽ لوڪ ادب جي ڪري نه صرف البانيا پر دنيا ۾ به ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سمنڊ جي ڀرسان (سامهون) نظر ايندڙ پهاڙ جهڙالي موسم هئڻ سبب ڪيڏي مهل ڌنڌلا ته وري ڪيڏي مهل سج جي ڪني ڪڍڻ سان ٻهڪي اُٿن ٿا. سمنڊ جي شفاف پاڻي ۾ جبلن ۽ بادلن جا عڪس ڪنهن ڪلاڪار جي تجريدي آرٽ جيئن باسن ٿا. سامونڊي ڪناري تي پسار ڪندي مون پکين کي اُن تي هندوري جيان لُڏندي ڏٺو، اهڙو هندورو جنهن ۾ ننڍپڻ ۾ پاڻ به سمهي مٺي ۽ سٺي ننڊ ڪئي هئي. منھنجي خيال ۾ جڏھن انسان مان ننڍپڻ ھليو وڃي ٿو تہ اُھي ھندورن جا لوڏا ۽ مٺڙي ننڍ بہ ھلي وڃي ٿي ۽ پوءِ …… ماڻھو زندگي جي بي انت بحر ۾ ڀٽڪندو رھي ٿو ۽ پوري عمر اُن ننڍپڻ جي تلاش۾ رھي ٿو، جنھن ۾ ھندوري جا جھولا (لوڏون) به ھئا، جيجل ماءُ جون مٺيون لوليون بہ ھيون ۽ مٺڙي، ٿڌڙي ۽ سڪون واري ننڍ بہ ھئي. سمنڊ جي شفاف پاڻي ۾ پکين جو عڪس چٽو نظر اچي ٿو. ڍنڍ جيان ڏيکائي ڏيندڙ هن سمنڊ تي جهولندڙ پکي ڪنهن مهل البانيا جي حدن مان اُڏامي اٽلي جي حدن ۾ هليا وڃن ٿا، بلڪه اُن شاعر جي سوچ جيان جنهن جي پرواز جون ڪي به حدون مقرر ڪري نٿيون سگهجن. پکين جي اُڏام ۽ سرحدن جي اورانگهڻ (ڪراس) ڪرڻ تي دنيا جو قانون بہ روڪ ڪونه ٿو وجهي. سرحدون آهن ته بس انسان لاءِ! پر اُنجي ميار ڪنهن کي ڏجي؟ اهي سرحدون ٺاهيندڙ به ته انسان خود ئي آهي ۽ پوءِ هو پاڻ ئي اُنهن جي پنجوڙ (ڄار) ۾ ڦاسي پوي ٿو. سو چئي سگهجي ٿو ته پنهنجي وڍيئي جو نه ڪو ويڄ نه طبيب… بس جڏهن انسان کي ساڃاهه ايندي تڏهن ئي انسانن ۾ ويڇا وڌائيندڙ (وجهندڙ) سرحدن جو خاتمو ٿيندو.
هن وقت ولورا جي سمنڊ جي هن خوبصورت ڪناري تي آدم زاد نه هئڻ برابر آهي، ڇاڪاڻ جو هن وقت سردي جي موسم آهي، جيڪا سياحن کي متوجهه نٿي ڪري. اونهاري جي موسم (اپريل کان وٺي آگسٽ) ۾ نه صرف هن ملڪ جا ماڻهو مختلف شهرن کان هتي تفريح لاءِ ايندا آهن، پر سڄي دنيا خاص طور تي يورپ جي ماڻهن جي به ڄڻ ڄڃ لٿل هوندي آهي. اُن موسم (سيزن) ۾ جتي فطرتي سونهن ۾، فطرت جي ئي حصي ”انسانن“ جي موجودگي (شرڪت) ماحول کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندي آهي ته اُتي وري جوڀن جي جلون پسڻ ۽ پنهنجي شوق کي پورو ڪرڻ لاءِ هوٽلن جا مهانگا ملهه به ڀرڻا پئجي ويندا آهن.
ولورا ۾ کوڙ ساريون نيون توڙي پراڻيون تاريخ ۽ آرڪيالاجي سان لاڳاپيل جايون ڏسڻ وٽان آهن، جن ۾ اينٿوگرافڪ ميوزم، مراد جي مسجد (1542)، بڪتاشي فرقي جي اڳواڻ ڪزم (Kuzum) جو چبوترو (ٿلهو)، نيشنل ميوزم آف انڊپينڊنس، علي پاشا جو قلعو، zvernec خانقاھ وغيرہ شامل آهن.
آڪاش انصاري جو شعر آھي:
دل ته ماڻڻ گھريون تنھنجون سڀ دلبريون،
ھا مگر ڇا ڪجي،
دار جي درد کي پنھنجي لذت ھئي، جيڪا ويئي ڇڪي،
تون پڇين ٿو پرين مان ھليو ڇو ويس؟
آڪاش پنھنجي ھِن شعر ۾ جنھن ماحول، منظر ۽ ڪيفيت جو ذڪر ڪيو آھي اُھا تہ ھن وقت پنھنجي ناھي، پر سچ پڇو تہ پنھنجي دل بہ گھڻو ئي چاھيو تہ انھن سڀني جڳھين کي پسجي، پر پاڻ وقت گهٽ هئڻ سبب اُنهن کي ڏسي نه سگهياسين. ڍنڍ نما شفاف سمنڊ جي جهولي تي جهولندڙ پکين کي الوداع چئي هلڻ جي ڪئسين. اهي پکي به پاڻ وانگي آواره آهن. نه ڄاڻ وري ملاقات ٿئي نه ٿئي! ۽ هاڻ پاڻ اچي ويٺا آهيون گاڏي ۾ ۽ پنهنجي اڳين منزل آهي لوگارا.

