خاص

سرڪاري ملازمن لاءِ خوشخبري: پگهارن ۽ پينشن ۾ وڏي واڌ جو امڪان

ايندڙ بجيٽ ۾ محدود وسيلن جي باوجود سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 15 کان 30 سيڪڙو تائين واڌ ڪرڻ جو امڪان آهي. رپورٽ موجب وزيراعظم ڪابينه جو اجلاس طلب ڪيو آهي ان ۾ ملڪ ۾ عام واهپي جي شين جون قيمتون وڌڻ ۽ ان جي عوام تي پوندڙ اثرن خاص طور تي پگهاردار طبقي تي خرچن جي پوندڙ بار کي آڏو رکندي ايندڙ وفاقي بجيٽ ۾ سول ۽ فوجي ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ مهانگائي جي حوالي سان واڌ ڪئي ويندي.