پاڪستان ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪو نئون مسئلو ناهي، پر هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪاروبار لاءِ هڪ وڏو امتحان بڻجي وئي آهي. واپڊا ۽ ٻين بجلي فراهم ڪندڙ ادارن طرفان غير ضروري ۽ غير اعلانيه لوڊشيڊنگ سان ملڪ جي واپار، صنعت ۽ ننڍن ڪاروبارن تي تباهه ڪندڙ اثر پئجي رهيا آهن. ڪاروباري شعبن تي اثرات بجلي جي هٿرادو کوٽ سبب خاص طور تي ننڍا دڪاندار، ڪارخانا ۽ دستڪاري سان لاڳاپيل ڪاروبار سخت متاثر ٿي رهيا آهن. جڏهن مسلسل بجلي بند رهندي آهي ته ڪارخانن جي پيداوار گهٽجي ويندي آهي، جنهن سان روزگار جا موقعا محدود ٿين ٿا ۽ معيشت جي ترقيءَ جو سفر رڪجي ويندو آهي. واپڊا جي هٿرادو لوڊشيڊنگ سبب سيڙپڪارن ۾ بي اعتمادي پيدا ٿي وئي آهي, جتي توانائي جي کوٽ جو مسئلو حل نه ٿيندو، اتي مقامي ۽ بين الاقوامي سيڙپڪار پنهنجي سيڙپون واپس وٺڻ تي مجبور ٿي سگهن ٿا. ان سان گڏوگڏ، ننڍن واپارين لاءِ بجليءَ جو اضافي خرچ برداشت ڪرڻ مشڪل ٿي پيو آهي, ڪجھ حلقن جو خيال آهي ته واپڊا هٿرادو طريقي سان لوڊشيڊنگ ڪري، بجليءَ جي کوٽ جو ڊرامو رچائي رهي آهي، جيئن مهانگي بجلي وڪرو ڪرڻ جو جواز ٺاهي سگهجي. بجليءَ جا بل اڳ ئي عام شهري لاءِ برداشت کان ٻاهر آهن ۽ جيڪڏهن ان سان گڏ لوڊشيڊنگ به ٿيندي رهي ته عام ماڻهو ۽ ڪاروباري طبقو ٻنهي لاءِ حالتون خراب ٿينديون وينديون. واپڊا کي لوڊشيڊنگ بابت شفاف پاليسيون جوڙي عوام کي آگاهه ڪرڻ گهرجي، حڪومت کي سولر، ونڊ ۽ هائيڊرو انرجي جي منصوبن تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي. ٻئي طرف بجلي چوري هڪ وڏو مسئلو آهي، جنهن سبب عام صارفين تي اضافي بار پوي ٿو. ان کي سختيءَ سان روڪڻ گهرجي. بجليءَ جي شعبي ۾ نجي سيڙپڪاريءَ کي وڌايو وڃي، جيئن وڌيڪ پيداوار ممڪن ٿي سگهي.