پاڪستان ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪو نئون مسئلو ناهي، پر هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪاروبار لاءِ هڪ وڏو امتحان بڻجي وئي آهي. واپڊا ۽ ٻين بجلي فراهم ڪندڙ ادارن طرفان غير ضروري ۽ غير اعلانيه لوڊشيڊنگ سان ملڪ جي واپار، صنعت ۽ ننڍن ڪاروبارن تي تباهه ڪندڙ اثر پئجي رهيا آهن. ڪاروباري شعبن تي اثرات بجلي جي هٿرادو کوٽ سبب خاص طور تي ننڍا دڪاندار، ڪارخانا ۽ دستڪاري سان لاڳاپيل ڪاروبار سخت متاثر ٿي رهيا آهن. جڏهن مسلسل بجلي بند رهندي آهي ته ڪارخانن جي پيداوار گهٽجي ويندي آهي، جنهن سان روزگار جا موقعا محدود ٿين ٿا ۽ معيشت جي ترقيءَ جو سفر رڪجي ويندو آهي. واپڊا جي هٿرادو لوڊشيڊنگ سبب سيڙپڪارن ۾ بي اعتمادي پيدا ٿي وئي آهي, جتي توانائي جي کوٽ جو مسئلو حل نه ٿيندو، اتي مقامي ۽ بين الاقوامي سيڙپڪار پنهنجي سيڙپون واپس وٺڻ تي مجبور ٿي سگهن ٿا. ان سان گڏوگڏ، ننڍن واپارين لاءِ بجليءَ جو اضافي خرچ برداشت ڪرڻ مشڪل ٿي پيو آهي, ڪجھ حلقن جو خيال آهي ته واپڊا هٿرادو طريقي سان لوڊشيڊنگ ڪري، بجليءَ جي کوٽ جو ڊرامو رچائي رهي آهي، جيئن مهانگي بجلي وڪرو ڪرڻ جو جواز ٺاهي سگهجي. بجليءَ جا بل اڳ ئي عام شهري لاءِ برداشت کان ٻاهر آهن ۽ جيڪڏهن ان سان گڏ لوڊشيڊنگ به ٿيندي رهي ته عام ماڻهو ۽ ڪاروباري طبقو ٻنهي لاءِ حالتون خراب ٿينديون وينديون. واپڊا کي لوڊشيڊنگ بابت شفاف پاليسيون جوڙي عوام کي آگاهه ڪرڻ گهرجي، حڪومت کي سولر، ونڊ ۽ هائيڊرو انرجي جي منصوبن تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي. ٻئي طرف بجلي چوري هڪ وڏو مسئلو آهي، جنهن سبب عام صارفين تي اضافي بار پوي ٿو. ان کي سختيءَ سان روڪڻ گهرجي. بجليءَ جي شعبي ۾ نجي سيڙپڪاريءَ کي وڌايو وڃي، جيئن وڌيڪ پيداوار ممڪن ٿي سگهي.
واپڊا جي هٿرادو لوڊشيڊنگ رڳو عام صارفين لاءِ مسئلو ناهي، پر ملڪ جي مجموعي معاشي ترقيءَ لاءِ به وڏو خطرو بڻجي وئي آهي. جيڪڏهن هن مسئلي کي سنجيدگيءَ سان نه ورتو ويو ته ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرميون محدود ٿينديون، بيروزگاري وڌندي ۽ معاشي بحران وڌيڪ سنگين ٿي ويندو. ان لاءِ ضروري آهي ته حڪومت، واپڊا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي گهرجي ته هن معاملي کي ترجيح ڏين، جيئن پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم بڻائي سگهجي.
حيسڪو عملدارن جي نااهلي سبب بجلي جي پراڻين ۽ زبون حال تارن جو مسئلو سڄي سنڌ، خاص ڪري ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ عام ڏسڻ ۾ اچي ٿو. مقامي سطح تي ڪيترن ئي سالن کان بجليءَ جون تارون نه بدلايون ويون آهن ته اها واپڊا ۽ حيسڪو جي وڏي غفلت آهي. ٽٽل تارون هيٺ ڪري بيگناهه ماڻهن، جانورن ۽ ملڪيتن کي نقصان پهچائين ٿيون.
پراڻيون ۽ ڪمزور تارون ڪڏهن ڪڏهن اسپارڪ ڪري، باهه لڳڻ جو سبب بڻجن ٿيون. پراڻا ۽ ڪمزور تارن سان بجلي جي فراهمي به غير يقيني ٿي وڃي ٿي، جنهن سبب بجلي جلد جلد ٽرپ ٿي وڃي ٿي. بجليءَ جي خراب نظام سبب نه صرف ڪاروبار متاثر ٿين ٿا، پر شاگردن جي تعليم به متاثر ٿئي ٿي.
بجليءَ جون پراڻيون تارون صرف بجلي جي فراهمي جو مسئلو نه، پر جانين ۽ مال لاءِ به وڏو خطرو آهن. واپڊا ۽ حيسڪو کي پنهنجو قبلو درست ڪرڻو پوندو، نه ته عوام کي گڏجي پنهنجو حق وٺڻو پوندو. جيڪڏهن علائقن جا ماڻهو متحد ٿي دٻاءُ وجهندا ته ضرور ڪا بهتري ايندي، هنن جي نااهلي ۽ لاپرواهي سبب حيسڪو جي عملدارن کي خبر هجڻ باوجود، پراڻين ۽ خراب تارن کي نه بدلائڻ، ٽٽل يا لٽڪندڙ تارن بابت شڪايتن تي بروقت عمل نه ڪرڻ. خراب ٽرانسفارمرن کي وقت تي مرمت نه ڪرڻ، جنهن سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ مسلسل بجلي بند رهندي آهي. نئين تارون ۽ بجليءَ جي مرمت لاءِ رکيل بجيٽ ۾ ڪرپشن ڪرڻ. مخصوص ماڻهن کي فائدو ڏيڻ لاءِ ڪجهه علائقن کي وڌيڪ بجلي ڏيڻ، جڏهن ته ٻين علائقن کي لوڊشيڊنگ جي عذاب ۾ رکڻ، بجليءَ جا ميٽر لڳائڻ يا مرمت لاءِ غير قانوني رقم وٺڻ، ماڻهن جي درخواستن تي ڪابه ڪارروائي نه ڪرڻ، ميڊيا يا احتجاج جي باوجود مسئلن کي نظرانداز ڪرڻ، عام ماڻهن جي مسئلن بدران، وڏن واپارين ۽ اثر رسوخ وارن ماڻهن کي ترجيح ڏيڻ، بجلي چوري ڪندڙ وڏن صنعتي يونٽن يا بااثر ماڻهن تي ڪابه ڪارروائي نه ڪرڻ، بجلي چوريءَ کي روڪڻ بدران، عام صارفين تي اضافي بل وجهي انهن کان پئسا وصول ڪرڻ. نئين ٽرانسفارمرز ۽ لائينن جي انسٽاليشن ۾ غلط حساب ڪتاب، جنهن سبب بجليءَ جو نظام وڌيڪ خراب ٿئي ٿو. غير ضروري لوڊشيڊنگ ڪري، ماڻهن کي جنريٽر ۽ سولر سسٽم وٺڻ تي مجبور ڪرڻ ته جيئن مخصوص ڪمپنين کي فائدو ملي. اهڙي صورتحال ۾ ڪاروبار متاثر ٿئي ٿو ۽ معيشت تباھ و برباد ٿي وڃي ٿي.
واپڊا ۽ حيسڪو جا ذميوار عملدار جيڪڏهن پنهنجون ذميواريون ايمانداريءَ سان نڀائين ته بجليءَ جا مسئلا تمام گهڻو گهٽجي سگهن ٿا. عوام کي به گهرجي ته هو مسلسل پنهنجا حق گهري، شڪايتون داخل ڪرائي ۽ جيڪڏهن ڪو عملدار ڪرپشن يا لاپرواهي ڪري رهيو آهي ته ان خلاف گڏيل آواز اٿارين. اها مٿين صورتحال ملڪي سطح تي بيان ڪيل آهي، پر مقامي سطح تي جائزو وٺنداسين ته اسان جي شهر ماتلي ۾ به بجلي جي شديد لوڊشيڊنگ سبب شهري سخت پريشان آهن. ڪجهه مهينا اڳ، ماتلي ۾ بجلي جي غير اعلانيه لوڊشيڊنگ خلاف شهرين احتجاج ڪندي بک هڙتالي ڪيمپ قائم ڪئي هئي. ان کان علاوه عيدالاضحيٰ جي موقعي تي به بجلي جي لوڊشيڊنگ جاري رهي، جنهن تي شهرين سوشل ميڊيا تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. اهڙين حالتن ۾ مقامي نمائندن ۽ لاڳاپيل ادارن سان رابطو ڪري پنهنجون شڪايتون پهچائڻ ۽ مسئلي جي حل لاءِ گڏيل ڪوششون پڻ ڪيون ويون. مسلسل عوامي دٻاءُ ۽ احتجاج ڪرڻ جي باوجود بجلي جي فراهمي ۾ بهتري نه اچي سگهي آهي. سياري ۾ بجلي جو استعمال انتهائي گهٽ ٿئي ٿو. ان جي باوجود به ماتلي شهر ۾ بجلي 24 ڪلاڪن ۾ شهرين کي 8 ڪلاڪ به ملي نه سگهي آهي. افسوس سان سياري ۾ به مسلسل غير اعلانيل هٿردو لوڊشڊنگ ۾ ڪمي نه اچي سگهي. هاڻ ته گرمي جي پد شروع ٿي وئي بجلي جي کپت ۾ اضافو ٿيندو. رمضان جو ڀلارو مهينو به اچي ويو آهي ۽ ها! جيڪڏهن رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ به بجلي جي لوڊشيڊنگ جاري رهي ته شهري سخت پريشاني جو شڪار ٿيندا. روزو رکڻ ۽ افطار جي وقت بجلي نه هجڻ سان ماڻهن کي تمام گهڻي تڪليف ٿيندي، خاص طور تي سحري ۽ افطار دوران. گرمي جي موسم ۾ لوڊشيڊنگ سبب عبادتن تي به اثر پئجي سگهي ٿو. اختيارين کي گهرجي ته رمضان ۾ بجلي جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ خاص قدم کنيا وڃن، جيئن شهري آرام سان عبادتون ڪري سگهن ۽ روزي دوران تڪليفن کان بچي سگهن.