ايڊيٽوريلنئون

پنجاب چولستان جي زمين فوج جي ٻن ادارن کي منتقل ڪرڻ واري معاهدي کي روڪي ڇڏيو

            وقت تبديل ٿيندو رهندو آهي، حالات مٽجندا رهندا آهن، پر جيڪو قانون ٺاهيو ويندو آهي ان جي مطابق عمل ڪرڻ فرد تي، سماج، رياستن ۽ ادارن تي فرض هوندو آهي، ڇو ته قانون انسان ان لاءِ ئي ٺاهيا آهن ته جيئن اهي پرامن زندگي گذاري سگهن ۽ هڪ فرد يا ادارا يا رياستون پنهنجن پنهنجن حدن جي لتاڙ نه ڪن ۽ امن امان جي صورتحال کي خراب نه ڪن. پاڪستان هڪ وفاق آهي ۽ ان ۾ چار اڪائيون پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه شامل آهن. 1973ع جو آئين انهن سڀني اڪائين ۽ وفاق جي وچ ۾ حقن ۽ اختيارين جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ ان لاءِ پوري قانون سازي ٿيل آهي. صوبن جي علاقائي سالميت ۽ انهن جي وسيلن جي باري ۾ به پوري طرح سان قانون سازي ٿيل آهي، جيڪا ڪنهن کان به لڪيل ناهي. انهن سڀني شين کي ڪيئن گڏجي کڻي هلي سگهجي ٿو، اهو هڪ سوال آهي. جيئن ته طاقت جا پنهنجا قانون هوندا آهن، ان ڪري اسان 1947ع کان ڏسندا پيا اچون ته رياست پاڪستان ۾ جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو قانون لاڳو رهيو آهي ۽ هڪ جمهوري ملڪ هوندي به هتي غير جمهوري قدر هميشه لاڳو ڪيا ويا آهن. عوام پنهنجي وس آهر انهن غير جمهوري قدرن جي خلاف وڙهندو آيو آهي ۽ ڪيترائي اهڙا گمنام هيرو جن جمهوريت جي لاءِ پنهنجون جانيون ڏنيون ۽ پنهنجو رت وهايو آهي اهي آهستي آهستي جمهوريت کي طاقتور ڪندا آيا آهن.

            نيٺ اڄ پاڪستان جو عوام اتي پهتو آهي جو ان جو طاقتور سياسي احتجاج ڪٿي نه ڪٿي رڪارڊ ڪيو وڃي ٿو، جنهن ۾ 27 فيبروري 2025 جي لاهور هاءِ ڪورٽ جي بهاولپور جي بينچ جي چيف جسٽس عاصم حفيظ پاران جاري ڪيل حڪم نامي مطابق پنجاب حڪومت جي نمائندن عدالت کي ٻڌايو ته صوبائي ڪابينا نگران دورِ حڪومت ۾ بورڊ آف روينيو طرفان جاري ڪيل ايراضي جي منتقليءَ جي معاهدن ۽ ان کانپوءِ جي نوٽيفڪيشنن جو ٻيهر جائزو وٺڻ شروع ڪيو آهي. پنجاب حڪومت چولستان جي زمين پاڪ فوج سان لاڳاپيل ٻن ادارن کي منتقل ڪرڻ لاءِ ٻه معاهدا ڪيا هئا جن تي في الحال عمل کي روڪيو ويو آهي. يقينن اهو عمل عوام جي رد عمل جي نتيجي ۾ ئي پيدا ٿيو آهي، ڇو ته پي ٽي آءِ جي عوامي مقبوليت (ن) ليگ جي مقبوليت کي تمام گهڻو ڇيهو رسايو آهي، جنهن جي ڪري هن وقت مريم نواز پنجاب ۾ ڏينهن رات ڪم ڪرڻ ۾ مصروف آهي ۽ هوءَ ڪوشش ڪري رهي آهي ته نوجوانن سان سڌو سنئون رابطو قائم ڪري، انهن نوجوانن جي لاءِ پاليسيون جوڙي انهن کي مختلف قسمن جا تربيتي ڪورس ڪرائي ۽ انهن جي دلين ۾ (ن) ليگ لاءِ جاءِ پيدا ڪري، جيڪا هڪ مثبت سوچ آهي، پر ان سان گڏوگڏ اتان جو هاري، ننڍو آبادگار ۽ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان زمين جو مالڪ اهو ان ڳالهه تي ناراض آهي ته انهن جي زمينن تي روينيو جي طرفان کان قبضا ڪري انهن کي زوريءَ چپ ڪرايو ويو آهي، ڇو ته سندن زمين جيڪا هزارين ايڪڙن تي ٻڌل آهي ان کي ميسرز گرين ڪارپوريٽ انيشيئيٽوز ۽ مليٽري فيملي ري هيبيليٽيشن آرگنائيزيشن (MFRO) سان گڏيل تجارتي معاهدن تي عمل ڪندي ڏني وئي، جيڪو سندن سرڪاري مينڊيٽ کان مٿانهون عمل آهي. پاڻ جيئن ته مٿي ڳالهه ڪري چڪا آهيون ته هتي جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو ڪم جاري آهي، پر ان هوندي به عوام جي دٻاءُ حڪومت کي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ته هوءَ پنهنجي ان عمل کي ٻيهر جاچي ۽ ان فيصلي کي واندڪائي سان چڱيءَ طرح سان ڏسي پوءِ فيصلو ڪري ته ڇا اهو فيصلو (ن) ليگ جي لاءِ سياسي خودڪشي ته ثابت ڪونه ٿيندو.

            هن وقت جتي سڄي ملڪ جون زمينون ان ڪارپوريٽ معاهدي تحت انهيءَ ڪمپني کي ڏنيون ويون آهن اتي ئي ڇهن ڪئنالن جو مسئلو پوري سنڌ کي بيچين ڪري ويٺو آهي، پر سنڌ حڪومت جتي ان فيصلي جي مخالفت ڪندي نظر اچي ٿي ته ساڳئي وقت ان عمل جي رد عمل ۾ ٿيندڙ سياسي احتجاجن مٿان تشدد ڪرائي انهن کي سندن بنيادي حق کان روڪي رهي آهي. هن وقت پاڪستان جي جمهوريت هڪ مذاق بڻيل آهي. شايد ان جو اندازو اسان جي سياستدانن کي به هوندو، جيڪي هن وقت حڪومت جو حصو آهن يا حڪومت کان ٻاهر ويٺل آهن. ضروري آهي ته سياستدان پنهنجي وقتي فائدن کي نظر انداز ڪري مستقبل جي ڊگهن فائدن کي نظر ۾ رکندي عوام سان گڏ بيهن، آئين سان گڏ بيهن ۽ عوام جي مستقبل سان گڏ بيهن، نه صرف ايترو، بلڪه پاڪستان جي سلامتيءَ سان گڏ بيهن.