ادبنئون هائپرسومنيا (ناول: باب نائون) Zahida Abro February 10, 2024February 10, 2024 episode 9, hypersomnia, online sindhi magazine ماريه ۽ منيزه اڃا ڪانفرنس مان واپس نه آيون ھيون، رات جو دير تائين عبدالرحيم پنھنجي ماضي قريب تي غور ڪري رھيو ھو… ھو ھڪ تسلسل سان ڏينھن، مھينا ۽ منظر پروڙي رھيو ھو. ھن چاھيو ھو: پنھنجي بدلجي ويل حالتن مان پاند آجو ڪري، پر ڪا ڳنڍ اھڙي ھئي، جيڪا کائنس کلي نه رھي ھئي… جنھن ۾ پاڻ ڏينھون ڏينھن مضبوطيءَ سان ٻَڌجندو ويو ھو. سال به تهن مثل آھن، جيترا گذرندا ويندا، ماڻھو اوترو انھن جي ھيٺ دٻجندو ويندو آھي، ائين سندس جيون جو پل زنگجي ويو ھو ۽ سندس وجودَ ان زنگ ۾ ڳرڻ شروع ڪيو ھو. ان پل کيس ماريه جو جملو ياد آيو، جنھن کيس چيو ھو: ”رحيمَ! پنھنجي طبيعت ڪنھن ڊاڪٽر کي ڏيکارِ.“ ھن ان پل ته، سندس ڳالھه کي گهڻي اھميت نه ڏني ھئي… پر ان رات دير تائين سندس ڳالھه تي غور ڪري رھيو ھو… ائين ئي غور ڪندي کيس پنھنجي ماءُ ياد آئي ته، ھن ماءُ جي ننڊ ڪرڻ جو وقت ياد ڪرڻ چاھيو ھو، کيس ياد آيو ته، حياتيءَ جي آخري سالن ۾ سندس ماءُ کي پڻ معمول کان وڌيڪ ننڊ اچڻ لڳي ھئي… پوءِ ھن پنھنجي وڏي ڀاءُ جي ننڊ جو مقدار ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ائين پنھنجي خاندان جي ڪيترن ئي فردن جي ننڊ تي غور ڪندو رھيو ھو. ھن سوچيو: ڪيترا ماڻھو آھن، جيڪي ننڊ نه اچڻ جي ڪري پريشان آھن، ڊپريشن جا مريض آھن، کين آوازن کان چڙ آھي، ڪي ئي ماڻھو روشنيءَ کان خوفزده آھن… ھو سمھي نه ٿا سگهن، ميڊيڪل جا غير معمولي فارمولا کين ھٿرادو ننڊ مھيا ڪندا آھن… پر ھن ڌرتيءَ جي گولي تي ڪيترا اھڙا ماڻھو ھوندا، جيڪي متوازن زندگي گذاري رھيا ھوندا، جن جي ننڊ ۽ جاڳ جو ھڪ مڪمل توازن ھوندو، جيڪي خوشگوار ننڊ ڪندا ھوندا!؟ ھن پنھنجي پاڻ کان سوال پڇيو ھو، عين انھيءَ سوال جي لمحي کيس آندري بلان جي ھڪ تخليق ڪيل ڪردار جي ياد آئي، جيڪو ننڊ صرف ان لاءِ ڪندو ھو ته، ڏسجي ننڊ آھي ڪيئن؟ ان پل ھو آندري بلان سان سھمت ٿيڻ لڳو ھو ته، ننڊ ۾ دريافت ممڪن آھي! …پرمان… مان ڪھڙي دريافت ڪندس!؟ مان ته پاڻ وڃائجڻ لڳو آھيان، وکرجي رھيو آھيان، ذرا ذرا ٿي خوابن ۾ تحليل ٿي ويندس… سندس سوچن جو سلسلو ساھن جي ترتيب جي ابتڙ ھلي رھيو ھو. ”مون کي ته پنھنجي پاڻ کي دريافت ڪرڻو آھي!“ ھن وڏي اداس لھجي ۾ پنھنجي منھن ڀڻڪو ڪيو، سندس ان ڀڻڪي ۾ سمنڊ ۾ تنھا رھجي ويل ملاح جي بي وسي ھئي. صبح جو معمول جي ابتڙ سندس اک جلد کلي وئي ھئي، سج کي اڀريي ٿورو ئي وقت ٿيو ھوندو، ھو ايترو جلد مھيني سوا کان پوءِ سجاڳ ٿيو ھو. ھن اٿي چانھه ٺاھڻ چاھي ھئي ۽ ان ساعت ئي تصور ۾ پاڻ کي بورچي خاني ۾ چانھه ٺاھيندي ڏٺائين. ٻئي پل سوچيائين: پھرين وھنجي ته جيئن بدن جي ساري سستي ختم ٿي وڃي… ھو اٿيو، پر انھن ٻنھي مان ڪجهه به ڪري نه سگهيو ھو ۽ صوفي تي ٽيڪ ڏئي ويھي رھيو، ٿوري ئي دير ۾ سندس ڳھريل اکين ۾ ننڊ لھي آئي ھئي. ان ننڊ ۾ ھن خواب ڏٺو ته: ھو پنھنجي ڳوٺ گهر جي اڱڻ ۾ اڪيلو ستو پيو آھي، دروازي جي آواز تي سندس اک کلي آھي، ھن ڏٺو ته، سندس ڪمري جي دروازي کي ڪو اندران بند ڪري رھيو آھي، داخل ٿيڻ وارو ڪو ماڻھو آھي يا ڪا ٻي شيءِ آھي، ان جي اڃا کيس پڪ نه ٿي آھي، ھن پنھنجي مٿن کان رکيل لٺ کئني ۽ ڊوڙي وڃي ڪمري جي دروازي جو ڪڙو ٻاھران چاڙھڻ چاھيائين. سندس لُوھه کي ڪمري جي اندرين مخلوق محسوس ڪري ورتو، جنھن دورازي کي کولڻ جي پوري ڪوشش ڪئي، ھن دورازي کي ڇڪي ٻاھران بند ڪرڻ لاءِ زور لڳايو، عبدالرحيم فيصلو ڪري ورتو ته، جيڪا به شيءِ اندر آھي، ان کي ھيڪر ته بند ڪري، ھو ھيکلي سر ان سان جهيڙي رھيو آھي، ھو دروازي کي ٻاھران ڇڪي رھيو آھي ۽ اندرين مخلوق اندران ڇڪي رھي آھي، نيٺ ڪمري جو دروازو ڪجهه کليو ۽ ان مان ھڪ ٻلي تيزيءَ سان ڊوڙندِي ٻاھر نڪري وئي آھي ۽ پوءِ ھن دروازو ڇڪي بند ڪري ورتو آھي. ھاڻي، کيس علم ٿي چڪو آھي ته، ڪمري ۾ اڃان به ٻه ٻليون بند ڪري ورتيون اٿس. کيس پنھنجي اھڙي مڙسيءَ تي خوشي ٿي… پر ٻاھر ڀڄي ويندڙ ٻلي کيس حيران ڪري وئي آھي، ھن ويچاريو: ھيءَ ٻاھر ڀڄي ويندڙ ٻلي اندرين ٻلين کان وڌيڪ سھڻي آھي، ھو ڀڄي ويندڙ ٻليءَ جي سونھن تي سوچي رھيو آھي… ان لمحي کيس انھيءَ ڳالھه تي حيرت ٿي ته، ڀڄي ويندڙ ٻليءَ پري ڊوڙي وڃي، پنھنجي عادت موجب پوئتي مڙي ڇو ڪو نه ڏٺو آھي!؟ انھيءَ حيرت ۾ ھن پنھنجي پاڻ کان پڇيو ته: ”مون اندريون ٻليون ته ڏٺيون ئي ناھن، پوءِ مان انھن کان ھن کي وڌيڪ حسين ڪيئن سمجهي رھيو آھيان، ممڪن آھي ھي اندر قيد ٻليون ھن ڀڄي ويندڙ ڀوري رنگ جي ٻليءَ کان وڌيڪ حسين وڌيڪ دلڪش ھجن!“… پر الائي ڇو سندس دل ۾ ڀڄي ويندڙ ٻليءَ جي بي وفائيءَ جو ڏک رھجي ويو آھي. انھيءَ بي وفائي جي ڏک سان سندس دل ۾ ٻلين کي قيد ڪرڻ جو افسوس پڻ آھي… ھن دروازي کي بند ڪيو ۽ واپس اچي سمھي رھيو آھي… انھيءَ ارادي سان ته، انھن ٻلين کي صبح جو ڏسندو ته، سندس اک کلي وئي ھئي. ھن ستي پئي ئي ڪنڌ کڻي پنھنجي ڪمري ڏانھن ڏسڻ چاھيو ته، سندس نظر سامھون ديوار سان ٽڪرائجي وئي ھئي، ھن پنھنجي نظر ديوار تان ھٽائي گهڙيال ڏانھن ڦيرائي، وقت 07:13 ٿيو ھو. عبدالرحيم غور ڪرڻ چاھيو ته، کيس صوفي تي ڪيترو وقت ننڊ آئي ھئي، پر ھو ناڪام رھيو ھو. ھو ناڪاميءَ جي احساس سان قدم کڻي ٻاھر نڪري آيو، آسمان صاف ھو… ۽ اس ھن کي وڻي رھي ھئي، کيس تازي ھوا تسڪين ڏني، منجهس خوشگواريت جو ھڪ احساس پيدا ٿي ويو ھو. اھو منظر وري وري ڏسڻ لاءِ سندس دل چاھي رھي ھئي، ھو ٽپھريءَ تائين پنھنجي خواب کي بار بار ماڻيندو رھيو ھو… ھن انھيءَ خواب مان نڪرڻ نه پئي چاھيو. ٻلين جو اھو خواب مٿس سحر طاري ڪري ويو ھو، ھو پنھنجي مزاج ۾ شفيق ٿي ويو ھو، جنھن جي ڊرائيور کي حيراني ٿي رھي ھئي. عبدالرحيم سندس اکين جي اھا حيراني ڏسي ورتي ھئي، جنھن کان پوءِ افسوس ڪيائين ته، کيس ڊرائيور سان بدمزاج نه ٿيڻ گهرجي ھان! ائين ئي پنھنجي بي وسيءَ تي ويچاريندي ھن پنھنجي پاڻ کان سوال پڇيو: ”منھنجو مزاج خوشگوار ڪھڙي ڳالھه جي ڪري ٿيو آھي؟ خواب ۾ پنھنجو اباڻو گهر ڏسڻ جي ڪري يا ڀوري ٻلي ڏسڻ جي ڪري!؟“ ”ٻليون ته مون کي بلڪل به ناھن وڻنديون، انھيءَ ڪري ته منھنجو مزاج ناھي بدليو!“ ھن پنھنجي پاڻ کي جواب ڏنو. ان پل ھن انھن ماڻھن کي بيحد حقارت سان ياد ڪيو، جيڪي ٻليون وڏي شوق سان پاليندا آھن… ۽ کين ننڍڙي ٻار جيان ڪڇ تي کڻيو پيا گهمائيندا آھن… پر ان شام پکين کي داڻو ڏيندي ھن پنھنجي اھڙي سوچ کي ھميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيو ھو ته، ٻليون نحوست جي نشاني ھونديون آھن. *** Post Views: 178